پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار)پنوعاقل جي گوٺ حسين ڪلوڙ واسي ٻن نوجوان نورالاھي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ جي موٽرسائيڪل بائجي ٿاڻي جي حد دياگير چوڪي وٽان هٿ اچڻ بعد وارثن اغوا جي تصديق ڪئي آهي. ڪلوڙ برادريءَ جي چڱي مڙس عبدالواحد ڪلوڙ جي رھائش گاهه تي برادري جو ڪٺ گھرائي نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. ڪٺ ۾ ڪلوڙ برادريءَ جي چڱن مڙسن طئي ڪيو ته ضرورت پئي ته درياءَ پار ڪچي ۾ نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ وينداسين ، ڪٺ ۾ بائجي ٿاڻي جي ايس ايچ او الله وڌايو پتافي شرڪت ڪندي ھڪ ڏينھن جي مھلت گھري ورتي آھي، ياد رھي ته پھرين رمضان تي حسين ڪلوڙ واسي ٻه نوجوان افطاري کانپوءِ پني عاقل ويندي گم ٿي ويا، وارثن نوجوانن جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.