پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلوڙ واسي ٻه نوجوان نورالاهي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ ٻه ڏينهن اڳ شھر کان واپس ڳوٺ ويندي رستي مان پر اسرار نموني گم ٿي ويا آھن، سندن وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي گم ٿيڻ بابت پوليس کي اطلاع ڏنو آھي پر تنهن باوجود سندن ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي ،
وارثن موجب ٻئي نوجوان پھرين روزي تي افطاري کانپوءِ پنوعاقل ويا ته نه موٽيا، ٻنھي جا نمبر پڻ بند آھن، اھڙو اطلاع بائجي ٿاڻي سميت مخلتف ٿاڻن جي پوليس کي اطلاع ڏنو آھي، وارثن جو چوڻ آهي ته شڪ آھي ته نوجوانن کي اغوا ڪيو آھي ، جڏھن ته بائجي پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوانن جي گمشدگي جو اطلاع مليو آھي جاچ ڪريون پيا.