پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل پوليس بدامنيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، پوليس پاران ڏوهارين کي مقابلن ۾ مارڻ جي دعوائن باوجود ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل، سٽي ٿاڻي جي حد بشيرآباد ۾  گھر اندر ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي گوليون ھڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. خبر موجب پنوعاقل پوليس ڏوهارين کي پوليس مقابلن ۾ مارڻ جي دعوائن باوجود بدامني تي ضابطو نه اچ سگهيو. پنوعاقل جي بشير آباد واري علائقي ۾ نامعلوم چور ڏوهه جي ارادي سان گھر ۾ داخل ٿيا ته گھر ڀاتين مزاحمت ڪئي. ان تي چورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ھڪ نوجوان محمد عثمان قريشي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو. نوجوان کي تعلقي اسپتال پنوعاقل داخل ڪرايو ويو آهي. واردات بعد چور فرار ٿي ويا. ھوڏانھن سٽي پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.