پنوعاقل (رپورٽ :نديم بوزدار) پنوعاقل ڀرسان چوپائي مال کي تلاءُ ۾ وھنجاريندي نينگر ٻڏي ويو، ننڍي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ وڏي ڀاءُ به تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ٻئي سڳا ڀائر ٻڏي فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. خبر موجب پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ قادن چاچڙ ۾ چوپائي مال کي وھنجاريندي نينگر عبدالسميع چاچڙ ٻڏي ويو، جنھن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران سندس وڏي ڀاءُ اشفاق چاچڙ به تلاءُ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. پاڻي اونهو هجڻ سبب ٻئي ڀائر ٻڏي فوت ٿي ويا. واقعي بعد وارثن ٻنهي نينگرن کي تلاءُ مان ڪڍي تعلقي اسپتال پھتا، جتي ڊاڪٽرن ٻنهي جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي. بعد ۾ وارث سندن لاش کڻائي گهر پهتا ته ڪھرام مچي ويو .