پنوعاقل ڀرسان معصوم نينگر واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت

0
192

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان معصوم نينگر واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.

ڳوٺ جمعو جسڪاڻي ۾ 5 ورهين جو اذان جسڪاڻي ڪمال واهه ۾ ٻڏي ويو، جنهن کي ڪڍي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق ڪئي وئي.

نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته آذان گهر ڀرسان راند کيڏندي واهه ۾ ڪري پيو.