پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان مدرسي جو کٿابي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل  منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارث کڻائي ويا. پنوعاقل ڀرسان قاضي واھ ڀرسان 10 ورهين جو نينگر مدرسي جو کٿابي گلاب ناپر پراسرار نموني فوت ٿي ويو. نينگر جي لاش کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي. وارثن موجب نينگر قاضي واهه لڳ مدرسي ۾ پڙهندو هو، جتي ڪچيون کارڪون کائڻ سبب طبعيت خراب ٿيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو آھي. قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.