پنوعاقل ٻه نوجوان رستي مان پر اسرار نموني گم، پوليس کي اطلاع

0
220

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلوڙ واسي ٻه نوجوان نورالاهي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ ڪالهه رات شھر کان واپس ڳوٺ ايندي رستي مان پر اسرار نموني گم ٿي ويا، سندن وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي گم ٿيڻ بابت پوليس کي اطلاع ڏنو آھي پر تنهن باوجود سندن ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي.