پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ويجھو مارواڙي  برادريءَ جي گھرن کي باھ لڳي وئي،2 گھر سڙي رک ٿي ويا. خبر موجب پنوعاقل جي ڳوٺ سومرا پنھواري ۾ مارواڙي برادريءَ جي ٻن گھرن کي چلھه جي چڻنگ مان اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گھرن اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. کليل آسمان هيٺ ويٺل باهه متاثرن ڪڪو مل، جيڙو مل ۽ ٻين  ضلعي انتظاميا ۽ وس وارن کي مالي مدد جي اپيل ڪئي آھي.