پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ويجهو برساتي پاڻيءَ جي نيڪال تان سيد ۽ ميراڻي ڌرين ۾ جھيڙو، پيرسن پراسرار طور فوت، مخالفن مٿان قتل جو الزام. خبر موجب زنگيجا ڳوٺ ويجهو پاڻيءَ جي نيڪال تان سيد ۽ ميراڻي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران پيرسن فوت ٿي ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڄڻي صاحبزادو ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب پنوعاقل ويجهو برساتي پاڻيءَ جي نيڪال تان جهيڙي دوران پيرسن بشير شاهه فوت ٿي ويو. وارثن ميراڻي برادريءَ تي قتل جو الزام لڳايو آھي. زنگيجا ڳوٺ ويجهو پاڻيءَ جي نيڪال تان جهيڙي بعد سيد ڌر جا ماڻهو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھتا، جتي ڊاڪٽرن فوتگيءَ جي تصديق ڪئي. ڄاڻايل واقعي بعد سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي صاحبزادو ميراڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته فوتيءَ جي وارثن الزام ھڻندي چيو ته ميراڻي ڌر جي ماڻهن اسان جي پيرسن کي قتل ڪيو آھي. سٽي پوليس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته فوتيءَ جي مڙھ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آھي، رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته کيس قتل ڪيو ويو يا دل جي دوري ۾ فوت ٿيو آھي.