پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ويجهو نوجوان ٻڪريون بچائيندي ٻڏي ويو، ٽوٻا گهرائي ڳولا شروع ڪئي وئي. خبر موجب پنوعاقل ويجهو نوجوان غلام شبير مهر بند کان ڳوٺ طرف ٻڪريون پهچائيندي درياءَ جي لهرن جي ور چڙهي ويو. واقعي بعد وارثن ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جو ڳولا شروع ڪئي. مقامي ماڻهن موجب نوجوان جي ٻڏڻ واري واقعي جو بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪا به مدد نه ڪئي جنهن ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جي ڳولا جاري آهي.