پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ تيزاب گرديءَ ۾ ساڙي ماريل ماءُ ڌيءَ واري معاملي جو جرڳو، جوابدار ڌر مٿان مجموعي طور هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، وڏيري شاھنواز ميراڻي ۽ وڏيري فتح محمد ميراڻي۽ ڊاڪٽر بشير ميراڻيءَ جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪري جوابدارن مٿان ٻنهي خونن ۽ علاج جا مجموعي طور هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو. ڏنڍ ادا ڪرڻ کانپوءِ فريادي ڌر راضي نامي لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائيندي. خبر موجب ڌريون 5 مھينا اڳ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدارن هٿان تيزاب هاري ساڙي ماريل فرزانه ۽ سندس معصوم ڌي يسرا جي قتل واري معاملي جو جرڳو وڏيري شاھنواز ميراڻي، فتح محمد ميراڻي ۽ ڊاڪٽر بشير ميراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو. جرڳو ڪري جوابدارن مٿان ٻنهي خونن ۽ علاج جا مجموعي طور هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن مان 5 لک رپيا ٿڏي تي ئي ادا ڪيا ويا. ذريعن موجب جوابدار ڌر پاران ڏنڊ ادا ڪرڻ کانپوءِ فريادي ڌر راضي نامي لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائيندي. واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن ملڪيت جي تڪرار تان فرزانه ميراڻي ۽ سندس ڌيءَ يسرا مٿان تيزاب هاريو هو، جنهن بعد علاج دوران ٻئي ڄڻيون فوت ٿي ويون. پوليس واقعي ۾ ملوث احسان ۽ ارباب ميراڻي سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو. ڌ ڌرين طرفان جرڳو پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ ملالي ويجھو صبحاڻي ڳوٺ ۾ ٿيو.