پنوعاقل واسي نوجوان مشتاق ڪلهوڙو ڪي پي ايل ۾ چونڊجي ويو

0
439

پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار)پ نوعاقل جي ڳوٺ چونگھا واسي نوجوان مشتاق ڪلھوڙو کي ڪشمير پريميئر ليگ ۾ ڪوٽلي لائنز شامل ڪري ورتو آھي ،پنوعاقل واسي فاسٽ بالر مشتاق ڪلھوڙو ڪشمير پريميئر ليگ۾ ڪوٽلي لائنز جي نمائندگي ڪندو،مشتاق ڪلھوڙو پھريان به پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جو حصو رھي چڪو آھي

جنهن کي ايمرجنگ پليئر طور چونڊيو ته ويو هو پر کيس کيڏايو نه ويو هو، مشتاق ڪلھوڙو جي سليڪشن تي مٽ مائٽن ۽ دوستن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي

ڪشمير پريميئر ليگ جي ڊرافٽ ۾ رانديگرن جي ڊرافٽنگ دوران ڪشمير پريميئر ليگ جي فرنچائز ڪوٽلي لائنز پنوعاقل واسي نوجوان فاسٽ بالر مشتاق ڪلھوڙو کي سلور ڪيٽيگري ۾ ڊرافٽ ڪري ورتو آھي، نوجوان فاسٽ بالر مشتاق ڪلھوڙو جي سليڪشن تي گھر ڀاتين، علائقي واسين ۽ دوستن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي

واضح رھي ته مشتاق ڪلھوڙو کي پي ايس ايل ۾ ايمرجنگ پليئر طور چونڊيو ويو هو پر کيس نظرانداز ڪري پليئنگ اليون ۾ نه کيڏايو ويو