گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) سنڌ جي اسپتالن ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف پني عاقل واسي مريض غلام مصطفيٰ ڪلوڙ ڪفن پهري موٽرسائيڪل تي چڙهي نڪري پيو، پريس ڪلب گمبٽ اڳيان سمهي احتجاج. ڪفن پوش نوجوان غلام مصطفيٰ ڪلوڙ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته احتجاج طور پني عاقل کان ڪفن پائي موٽرسائيڪل تي نڪتو آهيان. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي ڪا به سهولت نه آهي. غريب مريضن کان ٽيسٽن جا به پئسا ورتا پيا وڃن. مريضن کان پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون گهرايون وڃن ٿيون. هن دانهيندي ٻڌيو ته آئون پاڻ هرنيا جو مريض آهيان. پني عاقل، سکر، ڪراچي ۽ گمبٽ سميت مختلف اسپتالن ۾ آپريشن ڪرڻ بدران واپس موٽايو ويو. مون سميت ڪيترائي بي پهچ مريض سخت پريشان آهن. اختيارين تائين سندن آواز پهچائڻ لاءِ پنوعاقل کان ڪفن پهري نڪتو آهيان. ڪفن پوش غلام مصطفيٰ ڪلوڙ سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ سيڪريٽريءَ کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون فراهم ڪري غريب مريضن کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.