پنوعاقل مان ھڪ وڌيڪ نوجوان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

0
432

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد مان نوجوان خالد جتوئي ٻه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو ، وارثن پاران ڳولا باوجود نوجوان جو ڪو پتو نه پئجي سگھيو آھي ، وارثن پاران سانگي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي، گذريل ڏينهن بائجي ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل نوجوان ھدايت الله ڪلھوڙو جي وارثن پاران پڻ اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو ھو . جڏھن ته اڳ ئي بائجي ٿاڻي جي حد مان صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ سميت ميرپورخاص واسي نوجوان عابد اسلم آرائين سميت پنجن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ٿيل آھي.