پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا، پرچون جي دڪاندارن عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا، انتظاميا اٽي جي سرڪاري اگهه تي به عمل نه ڪرائي سگهي، مختيارڪار جون نالي ماتر ڪارروايون، دڪاندارن مٿان ڏنڊ لڳائڻ جي دعويٰ. خبر موجب پنوعاقل شهر ۾ منافعي خور دڪاندارن عام واهپي وارين شين اٽي، چانور ۽ روزاني استعمال وارين مختلف شين جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. اهڙين شڪايتن تي مختيارڪار يو ٽي ظفر انڍڙ شهر ۽ ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي دڪاندارن مٿان ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت اٽي جو سرڪاري ريٽ 65 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو آهي، جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ميٽنگ ڪوٺائي آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ شهر اندر اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا، جتي اٽو في ڪلو 65 رپين ۾ فراهم ڪيو ويندو.