پنوعاقل:منور کونهارو قتل ڪيس ۾ سندس ڌيءَ ۽ گهرواري به گرفتار

0
374

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ويجهو دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل منور کونهارو ڪيس ۾ سندس ڌيءَ ۽ گهرواريءَ به گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدار قيوم کونهارو جي اعتراف بعد مقتول جي ڌيءَ ۽ گهرواري کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته مقتول جي ڌيءَ منيران سان لاڳاپا هئا، سندس چوڻ تي منور کي قتل ڪيو، منور کي سندس ڌيءَ منيران نشي جو گوريون کارايون، مون کيس ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو..