پنهنجي تصوير ڪھاڻي ڏيپلو جو جهوپڙي وارو اسڪول

0
164

ٿرپارڪر جي ڏورانهين سرحدي ڳوٺ ڍليانڇهو مان تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب مستقل لڏپلاڻ ڪري ڏيپلو شهر ويجهو آباد ٿيل نئين ڳوٺ جا ٽيھه کان وڌيڪ ٻار تعليم کان ٻه سال محروم رهيا، هِتان هُتان ڏهاڪو بئنچون ملي ويون، ڳوٺاڻن جهوپڙي تيار ڪئي، مهربان دوست ڊاڪٽر عزيز مرتضي (نوابشاھ) کي جس هجي جيڪو هر مهيني ڏھ ھزار وظيفو استاد جي پگهار جي مد ۾ ٻارنهن مهينن کان لاڳيتو موڪليندو رهي ٿو، نوجوان استاد ڪيلاش ڦلواڻي انهي رقم کي به گنج سمجهي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري وڃي روزاني پڙهائي رهيو آهي، ٻارن ۾ اسپارڪ نظر اچي ٿو مگر جهوپڙي جي هنڌ پڪي لانڍي يا ڪمرو ٺهي وڃي ته استاد کي پڙهائڻ ۽ شاگردن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿيندي. مون کي يقين آهي ته هنن ٻارن تي دستِ شفقت رکبو ۽ موقعا فراهم ڪبا ته هي ٻار بهترين سهولتن سان آراسته ٻارن کان به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڏيکاريندا. مونکي ذاتي طور خبر آهي ته ٿر جي ڪيترين ئي مڊل اسڪولن ۾ شاگردن کي انگريزي الفابيٽ به نٿي اچي پر نوجوان ڪيلاش پهرئين درجي ۾ به انگريزي پڙهائي ٿو. مونکي اميد آهي ته اختيارين تائين معصوم ٻارڙن جو هي آواز ضرور پهچندو.

(راهول ديو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)