ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي پهرين ڊجيٽل پنهنجي اخبار جي ٻي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه جون تقريبون، مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويا، ان ڏس ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي هيڊ آفيس ۾مک تقريب ٿي جنهن ۾ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، ان تقريب ۾ اشفاق آذر، جاويد بوزدار، سجاد سهاڳ، نور جوکيو، ناليوارو قانوندان شبير شر، نوجوان ڪالم نگار اصغر سومرو، سارنگ خاصخيلي، فاروق سومرو، سترام مهيشوري، ماجد سومرو، ذوهيب سومرو، دودو چانڊيو، حبيب جمالي، شاهد ميراڻي، اياز بروهي، سرفراز ميمڻ، علي حسن چانڊيو، ظهور بوزدار، حميدسنڌو، ورثا پيرزادو، لطيف پٺاڻ، قيوم سروهي، منصور نثار ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حيدرآباد بيورو آفيس ۾ پنهنجي اخبار جي ٻي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه ملهائي وئي. فيض کوسو، امتياز کوسو، مبين مگسي، نياز ملاح، محفوظ علي ميمڻ، عمران شاهه، ڪاشف عاقلاڻي، حميد سومرو، اسد فيض کوسو، محمد رمضان ميمڻ ۽ ٻين گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. سالگرهه جي رنگا رنگ تقريب دوران خوشي جو اظهار ڪندي بيورو جي سٿ ان عزم کي ورجايو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيو ويندو. مٽياري ڊسٽرڪٽ آفيس ۾ پنهجي اخبار جي ٻئي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ ضلعي رپورٽر ڪامران ميمڻ، هالا مان عبدالغفور ميمڻ، ڀٽ شاهه مان رجب بوزدار، مسو ڀرڳڙي مان گل محمد ۽ پليجاڻي مان واحد بخش شرڪت ڪئي.ڪوٽڙي ۾ ٽائيم نيوز جي پهرين ۽ پنهنجي اخبار جي ٻي سالگرهه ڊسٽرڪٽ آفيس ڪوٽڙي ۾ ملهائي وئي، ڄامشوري ضلعي جي رپورٽرن ۽ ڪوٽڙي جي سرگرم صحافين شوڪت ميمڻ، سهيل ميمڻ، عالم پالاري، زوهيب سولنگي ۽ ٻين صحافين ڌڻي بخش باريجو، جهانگير سهڙو، اسد مڱريو، رحمان ميمڻ، جبار ڪابورو، قربان پنهور، نويد راجپوت، نويد پنهور، رحمان جمالي، اعجاز حسين، منصور ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڀان سيدآباد پريس ڪلب ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سالگرهه جو ڪيڪ آصف علي ميمڻ ۽ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مينگل ڪيڪ ڪاٽيو. سيوھڻ ۾ به ٽائيم نيوز جي پھرين ۽ پنھنجي اخبار جي ٻي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ٿاڻوبولاخان ۾ پريس ڪلب ٽائيم نيوز جي پھرين ۽ پنھنجي اخبار جي ٻي سالگرھ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. سھيل يوسف ميمڻ، غلام مصطفي ميمڻ غوث بخش خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڀٽ شاهه ۾ لطيف جي درگاهه جي وقتي سجاده نشين خاور حسين شاه لطيفي جي اڳواڻي ۾ ٽائيم نيوز جي پهرين ۽ پنهنجي اخبار جي ٻي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. فنڪشنل اڳواڻ نصير ميمڻ، پ پ اڳواڻ رضا رضوي، اياز ميمڻ،منظور علي خاصخيلي، ڀٽائي جي راڳي فقيرن محمد اسماعيل ميرجت، بشارت حسين لنجواڻي۽ ٻين شرڪت ڪئي .قمبر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ روزاني پنهنجي اخبار جي ٻئي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه جو عبدالحميد گوپانگ، اياز چانڊيو، صفر گوپانگ، عبدالنبي ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.گهوٽڪي ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرھ جو ڪيڪ ضلعي آفيس ڪاٽڻ وارو پروگرام منقد ڪيو ويو سالگره تقريب ۾ ضلعي جي مڙني شهرن جي رپورٽرن ضلعي رپورٽر ماجد سنگهڙ,اعظم سهرياڻي,برڪت ميراڻي,شاد مهر,نظير ٿهيم,علي گوهر گبول, ماجد ڪلوڙ,آدم پتافي,مظهر چاچڙ,شاهنواز سومرو,نعيم اڪرم مشهوري,حاڪم ابڙو, اسلم شر,علي حسن چاچڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنب ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر ذاڪرحسين تمراڻي پريس ڪلب ڪنب جي صدر مريدحسين راڄپر ساجدراڄپر خدابخش تمراڻي بخش علي شنباڻي انور شيخ منور علي اڄڻ اعجاز بلوچ ۽ ٻين گڏجي سالگرهه جوڪيڪ گڏجي ڪاٽيو. ڪوٽ بنگلو ۾ پنهنجي اخبار جي ٻئي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه جو اميرگوپانگ سڀني آيل مهمانن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. پنهنجي اخبار جي ٻئي ۽ ٽائيم نيوز جي پهرين سالگرهه تقريب سٽي پريس ڪلب فيض گنج ۾ ڪوٺائي وئي، رياض سولنگي، عبدالرحمن چانگ، سلم شهزاد راڄپر، لطيف، ابراهيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. شھدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ پنهنجي اخبار جي ٻئي ۽ ٽائيم نيوز جي پھرين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ ايم اسحاق بوزدار ۽ شھر جي مختلف سياسي سماجي ۽ صحافي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڀرياسٽي پريس ڪلب ۾ روزاني پنھنجي اخبار جي ٻين ۽ ٽائيم نيوز جي پھرين سالگرھ ملھائي وئي. ھالاڻي پريس ڪلب پاران روزاني پنھنجي اخبار جي ٻين ۽ ٽائيم نيوز چينل جي پھرين سالگرھ تقريب ملھائي وئي ميرپورخاص ۾ وڪيل جاويد بابر ۽ جنيد مھر پاران مھر ھائوس تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جتي ريٽائرڊ اسسٽنٽ ڪمشنر علي اڪبر نظاماڻي خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي. ٺٽو ۾ به روزاني پنهنجي اخبار جي ۽ ٽائيم نيوز جي سالگره ملهائي وئي. تقريب ۾ غلام قادر پليجو ، ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ، انجنيئر اوڀايو خشڪ، محمد حنيف ميمڻ، گل محمد خشڪ، جلال شاھ، آپڪا احمد نواز پٺاڻ، خير محمد بروهي ۽ ڪلب ٺٽو جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنجر چانگ، بخشاپور، جهوڪ، چوھڙجمالي، خليفو قاسم ۾ پڻ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جون سالگره تقريبون منعقد ڪيون.