کپرو: ڳوٺاڻن چيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي اسان سان ٿيندڙ ناانصافي تي اسان جي مالڪي ڪئي آھي، جنهن تي ٿورائتا آهيون، هنن ٻڌايو ته هن تڙ تي 50 کان 60 برادري جا گهر آھن، جن کان جيئري رشتا ناتا هٿ بند ٿيڻ سبب ختم آھن، هڪ ٻئي سان سڱاوتي به ختم ٿي رهي آھي، نياڻين کي ڪيترو ويهاريون، هٿ بندي جي مسئلي جي ڪري سندن شاديون رڪيل آهن.