گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار وارهه جي رپورٽر اياز چانڊيو ۽ صحافي اصغر ميراسي کان گاجي کهاوڙ وارهه روڊ کهاوڙ شاخ ڀرسان 3 ڦورو ڏينهن ڏٺي سي ڊي موٽرسائيڪل،  2 موبائل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا. صحافين صفدر چنو، بادشاهه جان، مدثر کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته گاجي کهاوڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي، هاڻي صحافي به محفوظ ناهن رهيا. هنن مطالبو ڪيو ته صحافين کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس قمبر آڏو ڌرڻو هڻنداسين. هوڏانهن  پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رپورٽر اياز چانڊيو جي فرياد تي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي 3 نامعلوم جوابدارن خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو.