پنهنجو پريس ڪلب ڇاڇرو لڳ ڳوٺ کهاڻو بنيادي سهولتن کان محروم

0
243

 ڇاڇرو لڳ ڳوٺ کهاڻو ڇاڇرو جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڳوٺ ۾ علاج جي سهولت لاءِ اسپتال ناهي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ميسر ناهي، اسڪول به ڳوٺ کان 5 ڪلو ميٽر پري آهي، روڊ جي سهولت به ڪونهي جنهن ڪري رهواسي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڄاڻايل ڳوٺ تقريبن هڪ هزار ڳوٺن تي مشتمل آهي، هتان جا ٻار پڙهڻ لاءِ 5 ڪلو ميٽر جو سفر طئي ڪري اسڪول پهچن ٿا، رهواسين کي علاج لاءِ به گهڻو سفر ڪرڻو پوي ٿو، روڊ به ڳوٺ کان گهڻو پري آهي ان ڪري سفر ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، امير علي شاهه جيلاني، دوست محمد راهمون کي ڄاڻايل ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

(دادو پرمار ميگھواڙ جو واٽس ايپ ميسيج)