پنهنجو سفر پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ فرق

0
156
پنهنجو سفر پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ فرق

هاڻ ئي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جو مشاهداتي ٽوئر ڪري سنڌ واپس موٽيو آهيان. زميني حقيقتن جي روشني ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سڀني کان وڌيڪ خراب صورتحال ۽ بدترين حڪمراني سنڌ ۾ آهي. سنڌ کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ترقي به نظر اچي ٿي ته قانون تي به سختي سان عمل ٿئي ٿو. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي جو اوج آهي، سنڌ مڪمل طور سوڪڙي جو شڪار آهي. سنڌ جي شهرن ۾ موتمار گٽڪو، مين پُڙي، ايڪيهه سئو هر هنڌ موجود آهن پر پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ مٺي سوپاري به نٿي ملي. پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي توڙي ٽريفڪ جو بيمثال سسٽم آهي ته تڪڙي ريسڪيو جو به زبردست نيٽ ورڪ آهي، خيبرپختونخوا ۾ ته بنيادي صحت مرڪز به اسان جي تعلقي جي اسپتالن کان وڌيڪ بهتر ۽ شانائتا آهن، حادثي جي صورت ۾ ويهن منٽن اندر ٽيمون ۽ ايمبولينس پهچي مدد ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ زخمين جو ڪو ڌڻي به نٿو ٿئي.

پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي اهم ۽ ڏکين رستن تي ڪجھه ڪلوميٽرن اندر سيڪيورٽي به آهي ته ريسڪيو به آهي. اسان جي اسلام آباد مان سفر لاءِ کنيل گاڏين کي خيبرپختونخوا ٽريفڪ پوليس ٽي دفعا مختلف هنڌن تي چالان رڳو ان ڪري ڪيو جو ڊرائيورن وٽ روٽ پرمٽ مطلب ٻئي صوبي جو اجازت نامو ورتل نه هو، ٻي طرف سنڌ ۾ ڪا پڇا به ناهي ته ڪٿي جي گاڏي ڇا کنيو پئي وڃي. خيبرپختونخوا جي  تفريحي ماڳن تي هاءِ الرٽ سيڪيورٽي فوج، ايف سي، ليويز ۽ پوليس جي صورت ۾ هر وقت موجود رهي ٿي، اتي رستن تي ڪچرو، ٿيلهيون، خالي بوتل اڇلڻ جي به منع ٿيل آهي، رستا صاف سٿرا آهن. خيبرپختونخوا جي ٻن ننڍن شهرن جي سرڪاري اسپتالن ۾ وڃڻ ٿيو اتي مريض نظر نه آيا ڊاڪٽرن  ۽ عملي انتظار پئي ڪيو ته ڪو مريض اچي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ننڌڻڪي ماڻهن جون قطارون لڳل هجن ٿيون پر علاج نٿو ٿئي، دوا ڪونه ٿي ملي. ان صورتحال کان پوءِ سمجهي وڃڻ گهرجي ته اسان جي قوم سان ڪيڏي ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)