پنهنجن وڻن سان پيار ۽ ساوڪ جو انتظار

0
251

ان ڏينهن مون حيدرآباد جي مصروف علائقي بسنت هال جي سامهون پوسٽ آفيس جي پراڻي دفتر اڳيان نمن جا نوان ٻوٽا لڳل ڏٺا ته ڏاڍي خوشي ٿي. شهر جي مرڪزي علائقي هئڻ ناتي آسپاس هميشه گاڏين جي دونهين جي ڌپ رهندي آهي. ان دونهين سبب ڪجهه ٻوٽا ته سڙي سڪي ويا هئا پر ڪجهه ٻوٽا اڃان به تازا توانا بيٺل هئا.اميد اها آهي ته اڳتي هلي ريڊيو پاڪستان ۽ پريس ڪلب جي اڳيان واري روڊ تي ڪو نه ڪو ماڻهو گرمين جي مند ۾ انهن نمن جي ڇانو هيٺ ويهي ضرور ساهه پٽيندو ۽  شڪراني جو ٿڌو شوڪارو ڀريندو. حيدرآباد ۾ انهن نمن جي نون لڳل ٻوٽن طرف منهنجو ڌيان انڪري به ويو جو سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۾ اها بلڪل ئي نئين ڳالهه هئي.اهي نمن جا وڻ صرف صدر واري علائقي ۾ نه لڳايا ويا آهن پر اهي وڻ گاڏي کاتي جهڙي هر وقت ٽريفڪ سان ڀريل حيدر چوڪ واري پاسي کان به لڳايا ويا آهن. اهي وڻ لڳائيندڙ باغبانن کي شابس آهي جن اهڙن سوڙهن روڊن تي به وڻن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي.انهن جي  لغت ۾ اهڙيون چڪيون پوکڻ کي الائي ته ڇا سڏبو هوندو پر روڊن جي وچ تي لڳل سيمينٽ جي ننڍين ڀتين کي کوٽي انهن ۾ ٺڪر جا پاٽوڙا وجهي وڻن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي وئي آهي.جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. حيدرآبا جي گاڏي کاتي کان شروع ٿي گدو بندر تي ختم ٿيندڙ ٿڌي سڙڪ تي پڻ اهڙي توجهه جي ضرورت آهي جتي صرف ۽ صرف ڪونو ڪارپس جهڙا بيڪار وڻ لڳل آهن.ڪونو ڪارپس بابت جيڪا تحقيق ٿيل آهي تنهن موجب ان وڻ جي نه ته ڪاٺي ڪنهن ڪم جي نه ئي سندس پن يا ڇانو ڪنهن ڪم جي. ڪجهه ماڻهن ته اهو به نوٽ ڪيو آهي ته ڪونو ڪارپس وڻن تي اسان جا پکي به گهٽ ويهن ٿا يا آکيرا نٿا ٺاهين.ڪونو ڪارپس مان ڪجهه ماڻهن ته ڪينسر ٿيڻ جو خدشو پڻ ڄاڻايو آهي پر ڪيسنر ٿئي يا نه اصل ڳالهه آهي پنهنجي اصلي وڻن جي مالڪي ڪرڻ جيڪا ڪنهن به حوالي سان ضرور ٿيڻ گهرجي.

اسان پنهنجي پنهنجي شهرن جي حالت ڏسون ٿا ته وڻڪاري جي لحاظ سان تمام رحم جوڳي حالت ٿي پئي آهي.هاڻي ته جديد ڊرون ٽيڪنالاجي واري وڊيو يا فوٽو گرافي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رڳو ڪراچي سيمنيٽ ۽ ڪنڪريٽ جو ڍير ناهي پر اسان جو  لڳ ڀڳ هر شهر اهڙو ئي ڏيک ڏئي ٿو جهڙو وارن کان خالي گنجو مٿو هجي. وڻن جي حوالي سان جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڀيٽ ڪريون ته ڪي پي  ۽ پنجاب ان حوالي سان اسان جي صوبي کان اڳتي بيٺل آهن.تازو مون ٽوئيٽر تي شيئر ٿيل پنجاب جو هڪ فوٽو ڏٺو جنهن ۾ ڪنهن روڊ جي تعمير سبب وچ تي ايندڙ وڻن کي ڪپڻ بدران انهن کي پاڙئون کڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو.ان ٽوئيٽ ۾   اهو به لکيل هو ته هاڻي پنجاب ۾ ڪنهن به وڻ کي ڪپڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته اسان جديد ٽيڪنالاجي آندي آهي جيڪا مشينري ان وڻ کي پاڙئون اکيڙي ڪنهن ٻئي مناسب هنڌ تي پوکي سگهي ٿي.پنجاب جو اهو فوٽو ڏسي مونکي پنهنجي سنڌ جا اهي شهر ياد اچڻ لڳا جتي نه صرف وڻن جي واڍي جاري آهي پر سرڪاري سطح تي اهي وڻ شهرن مان وڍيا وڃن ٿا ته جيئن ڪو روڊ يا ڪا ديوار تعمير ٿي سگهي. وڻن جي واڍي ايئن جاري آهي جهڙو ڪا عام رواجي ڳالهه هجي.وڻ نه هجڻ ڪري اسان سنڌ واسي جيڪو ڀوڳيون ٿا سو گرمين جي مند ۾ اندازو ٿي ويندو هوندو. ايتريون شديد گرميون گهٽ وڻ يا گهٽ ٻيلن هئڻ سبب پڻ پون ٿيون.ٻيلن جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ جا ٻيلا اهي اقتدار جا بکيا قبضي خور کائي ناس ڪري ويا جيڪي هر دور ۾ اقتداري ڌرين سان گڏ بيٺل آهن.مونکي ياد آهي ڪچي جي ڪنهن زميندار جو ڪيس کڻي هڪ دوست اقتداري ڀوتار جي بنگلي تي ڪراچي پهتو ته هن زمين ٻيلي جي کاتي جي هجڻ يا نه هجڻ واري تصديق پاڻ پنهنجي سر تي کڻندي چيو هو ته سائين ڪاغذ مونکي ڏيو ٻيلي کاتي جو وڏي ۾ وڏو قبضي خور مان آهيان مونکان ڪچو ڪهڙو ڳجهو هوندو.؟ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين سنڌ جا ا قتداري ڀوتار مختلف وقتن تي  ايئن ڳڙڪائي هضم ڪري ويٺا آهن جيئن سندن شهري اولاد ڪنگ سائيز زنگر برگر به هضم ڪري ويندي آهي. ٻيلي کاتي جي عملدارن کي جيڪي ٿورا گهڻا اختيار اڳي هوندا هئا سي به هاڻي نه رهيا آهن.جنهن ڪري سنڌ جو ٻيلو کاتو ننڌڻڪائي واري حالت ۾ يا ڪوما ۾ پيل آهي.ٻيلي کاتي جي زمينن تي مختلف ضلعن اندر ٿيل قبضن بابت ڪيس ڪيتري ئي وقت کان عدالتن ۾ هلندڙ آهن پر انهن جو اڃان تائين ڪو کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي. سنڌ جي اها بدقسمتي آهي جو جيڪا به ڌر اقتدار ۾ اچي ٿي سا سنڌ جي ٻيلي کاتي جي تباهين ۾ اڳي کان به وڌيڪ اضافو ڪري ٿي وڃي.سنڌ جي هڪ اقتداري رئيس جي شهري پارٽنر وٽ به ايترا اختيار هئا جو هڪ ڀيري ٻيلي کاتي جي هڪ پي ايڇ ڊي ڪيل ماهر عملدار کي پنهنجي ان دفتر ۾ سڏايائين جنهن تي بعد ۾ رينجرز وارن ڇاپو به هنيو هو ته اچي کيس سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ خالي پيل ٻيلي کاتي واري زمين جا ڪاغذ ڏيکاري وڃي. اقتداري رئيس جي ان شهري پارٽنر کي پنهنجي هڪ شگر ملز لاءِ ڪچي واري زمين گهربل هئي ته جيئن هو آبادگارن جو ڳيجهو نه رهي ۽ پنهنجي شگرملز تي پنهنجي زمينن جو ڪمند پهچائي.پر سندس سامهون ان وقت هڪ شريف ۽ ٻيلن جي اهميت ڄاڻيندڙ ماهر عملدار ويٺو هو جنهن کيس ٻيلي کاتي جي زمين ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هو صفا تپي باهه ٿي ويو ، ڇو ته هو ان وقت پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو اڻ اعلانيل وائسراءِ سمجهي رهيو.ٻيلي کاتي جي عملدار کي ٻاهر ويهاري هڪ فون ڪال تي اينٽي ڪرپشن کاتي جا عملدار گهرايائين ۽ بيٺي بيٺي سندس ٻيلي کاتي واري عملدار جي گرفتاري ٿي وئي ۽ کيس ڪرپشن جا الزام لڳائي جيل موڪليو ويو. هي اها سنڌ آهي جتي وڻن ۽ ٻيلن جي مالڪي ڪرڻ تان سياڻا سيبتا ماڻهو جيل ٿاڻن تائين پهچي ٿا وڃن.تنهن ڪري سرڪاري ٻيلي کاتي مٿان ڀاڙڻ بدران هڪ هڪ وڻ پنهنجي حياتي ۾ لڳايو ته جيئن سڀاڻي واري سنڌ سائي سرسبز هجي.سڀاڻي وارو نسل پاڻ مٿان کلون نه ڪري ته يار ڪهڙو نه بيڪار نسل هن سنڌ ۾ رهي ويو جنهن کان وڻ به پوکجي نه سگهيا آهن. وڻن جي واڍي ڪنهن به سطح تي ڪنهن به شڪل ۾ قبول نه ڪريو ۽ نوان وڻ لڳائڻ واري هر عمل جي همٿ افزائي ڪريو.ڀلي ته اهي سرڪاري عملدار وڻ لڳائين يا ڪو ڳوٺاڻو ماڻهو وڻ لڳائي. هينئر اسان کي ڪنهن جي به ڪريڊٽ يا ڊس ڪريڊٽ کي ڏسڻ بدران اهو ڏسڻ گهرجي ته هن ڀيري سنڌ ۾ ڪيترا وڻ لڳا.؟ سرڪاري سطح تي وڻ لڳائڻ وارن کي اها گذارش ضرور ڪيو ته مهرباني ڪري ان ڪونو ڪارپس مان جند آجي ڪرايو. پنهنجا سنڌي وڻ جهڙوڪ نم، ٽالهي، پپل يا سرنهن جهڙا وڻ لڳايو جيڪي ڇانورو به ڏين ته مختلف وقتن تي انهن جو قيمتي ڪاٺ به قطب اچي سگهي. هاڻي ته سنڌ جي ڪچي توڙي پڪي تي وڻن جي وڻڪار يا ساوڪ نظر نٿي اچي پر جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو هن ڀيري هڪ هڪ وڻ پوکي ته سڀاڻي واري سنڌ سائي سرسبز ضرور نظر ايندي.