ناروي ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جو ٽاور ڏيو!
ڳوٺ بُهارڙي ۾ لڳل ناروي ڪمپنيءَ جي ٽاور آگسٽ 2020ع کان ناڪارا بڻيل آهي ۽ ٽاور جي سروس آسپاس جي 5 ڪلوميٽرن تائين محدود آهي. پاسي وارا ڳوٺ انٽرنيٽ سروس ته پري جي ڳالهه پر ڪال سروس لاءِ به پريشانيءَ جي وَر چڙهيل آهن، بيماري ۽ فوتگي جي اطلاع ڏيڻ لاءِ 2 ڪلوميٽر سفر ڪري ڪنهن مٿانهين جاءِ تي وڃڻو پوي ٿو، گذريل ٻن مهينن کان پوري ٿرپارڪر ضلعي ۾ ناروي ٽيلي ڪمپنيءَ جي ٽاورز جو ڄار وڇايو ويو پر اسان جي ڳوٺ جھهول شريف ۾ ٽاور سروي ڪيو ويو ان کان پوءِ 3 ڀيرا جاچ واري ٽيم معائو ڪري وئي ۽ ٻين ڳوٺن جا ٽاور مڪمل ٿي ويا پر هي ٽاور سروي تائين محدود رهيو ۽ عملي ڪم نه ٿي سگھيو. هاڻ اسين حڪومت ۽ ناروي جي ٽيليڪام ڪمپنيءَ کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي علائقي جو ٽاور بحال ڪري ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڳوٺ گهونو لنڊ، چوڻالس، لاڪوڙي، ڳاٽ ڇڇي درس، جھُن، ٺٽ ۽ نيو گهوني، ونگڙ، لئي واري ۾ موجود 30،000 صارف گڏ ٿي مٺي جي ناروين ڪمپنيءَ جي آفيس اڳيان ڌريڻو هڻي سندن سمون واپس ڪنداسين ۽ “پنهنجي اخبار” جي ساٿين کي گذارش ٿي ڪجي ته اسان جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏين.
احمد خان لنڊ/ڳوٺ گھونو، ٿرپارڪ
آءِ بي اي جو اسڪرين شارٽ!‎
تازو آيل پرائمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر جون آيل پوسٽن لاءِ آءِ بي اي جي ايس ٽي ايس جي اداري کي ڏنل ٽيسٽ جي اختيار ۾ ھيٺين ريت اسان کي اعتراض ۽ خدشا آھن، پھريون ته آءِ بي اي وارن سڀني ڊگرين جي اصل ڊگرين جي گھر ڪئي آھيم جنھن ڪري شاگردن کي مختلف مسئلا آهن، جيئن ته يونيورسٽي ۽ بورڊ اصل سرٽيفڪيٽ چالان پيارڻ کان پوءِ شاگردن کي ھڪ مھيني بعد به سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان قاصر آھي، ھڪ سرٽيفڪيٽ جي فيس 5 سئو کان 7 سئو رپين کان ٽن ھزارن تائين آھي، جيڪو چالان بعد ملڻ محال آھن، ٻيو ته آءِ بي اي يونيورسٽي جون مارڪون بي اي جي 50 سيڪڙو وارو شرط به ھڪ بيوقوفاڻو شرط آھي، ٽيون جي ڪنھن جو اصل سرٽيفڪيٽ ڪو ھڪ به شارٽ ھوندو ته ان جو ڀريل فارم رد ڪيو ويندو، جيڪو رد اڳ نه ٿيندو، چالان پيارڻ کان پوءِ ئي ٿيندو، يعني ست سئو رپين تان  شاگرد کي ھٿ ڌوئڻا پوندا، چوٿون ته ھر شاگر کي ھر سبجيڪٽ مان 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻيون آھن، جي ھڪ ۾ نه کڻي سگھيو ته اھو ماستري لاءِ اھل نه ھوندو، جيڪو شرط به سراسر غلط آھي، جي ڪو سنڌي سائنس سماجي اڀياس ۾ ھوشيار آھي بس ميٿ ۾ ڪچو آھي ته ان کي نوڪريءَ تان ھٿ ڌوئڻا پوندا، جي ھڪ شاگرد انھن سمورن مرحلن مان گذري ٿو ته آخر ۾ وري يوسي جي فند ۾ ڦاسي ضرور پوندو، ان لاءِ مٿين ڳالھين کي نظر ۾ رکي ڏٺو وڃي ته ايترا سخت شرطن جي مرحلن مان گذرندي شاگرد اڳواٽ بيزار ٿي ويا آھن، انھن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ ڪو ٻيو طريقو ناهي؟ سو سنڌ سرڪار کي نوجوانن کي ايڏين ڏکيائين ۾ وجھڻ کان اڳ اھو سوچڻ گھرجي ته ڪيئن نوجوانن کي سهولتون ڏنيون وڃن؟
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس
محبوب جي رمز!
دنيا جي تخليق ۾ رب پاڪ ڪيئي شيون خلڪيون آھن، انهن مان ڪي مضبوط ته ڪي وري نازڪ قسم جون بڻايون اٿس، انسان کي رب پاڪ ھر شي کان طاقت وارو بڻايو آھي، رب انسان کي ٻين مخلوقن جو حاڪم بڻايو آھي. رب پاڪ ھر انسان جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل عطا ڪئي آھي، انسان جو جيئڻ دل کان سواءِ ناممڪن آھي، اھڙي طرح ھر دل جي محل ۾ ھڪ اسم موجود ھوندو آھي، ان کان سواءِ دل رڻ بيابان لڳندو آھي، اھو اسم آھي “محبوب.” محبوب جي لغوي معنيٰ آھي پيار وارو دل وارو، محبوب پنهنجي جان کان به پيارو ھوندو آهي، محبوب جي ديدار جي حب خود خدا به رکي آهي، جڏھن ته رب پاڪ ھر جاءِ تي موجود آھي ۽ ھر شيءِ تي سندس نظر آھي پر پوءِ به محبوب کي پنهنجي عرش تي گھرائي محبوب جو ديدار ڪيو. محبوب من جا منٺھار آھن، روح جي راحت آھن، دردن سندا درمان آھن، جڏھن محبوب جو ديدار ٿيندو آھي ته ايئن لڳندو آھي ڃڻ ڪنهن مور کي رڻ جي ريگستان ۾ پاڻي مليو هجي ۽ پوءِ ھو ڪارونجھر جي چوٽي جو تاج بڻجي ويندو آھي. جڏھن محبوب پاڻ پريم جا پير ڀري پاڻ مرادو هلي ايندو آھي ته دل جي چمن کي چمڪائي ويندو آھي. محبوب انسان جي زندگي کي ايئن روشن ڪندو آھي جيئن اونداھي ۾ ڏيئو! محبوب جا ماڻا به من کي ماکي جيان مٺا لڳندا آھن، محبوب منهنجي دنيا جو شھڪار آھي.
امام ڏنو شنباڻي/صالح پٽ
وزير اعلى سنڌ کي اپيل!
جيئن ته مانوارا سائين آئون مڪاني کاتي ۾ پنو عاقل ٽائون ڪاميٽي ۾ 2012ع کان ڪچو ملازم هيس، هر مهيني لاگيتو پگهارون به کڻندو رهيس ۽ ذوالفقار ڀٽو لائبريري پنوعاقل ۾ پنهنجي ڊيوٽي پڻ ڪندو رهيس. چيئرمين واٽر ڪميشن جي حڪم تي ٽائون ڪاميٽين مان ڪچا ملازم هٽايا ويا هئا. آئون ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل مان هن وقت هٽايو ويو آهيان، هر مهيني ملندڙ پگهار جيڪا نيڪالي ملڻ کان اڳ ملندي هئي سا نٿي ملي. هن وقت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي واٽر ڪميشن پڻ ختم ڪئي وئي آهي ۽ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ تجربيڪار ماڻهن جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ڏسي انهن کي ٻيهر بحال ڪري کين پڪو ڪيو وڃي. مڪاني کاتي جو وزير پڻ هن ضلعي سان تعلق رکي ٿو، هينئر “پنهنجي اخبار” ۾ هن خط وسيلي اوهان کي اپيل ۽ گذارش ٿي ڪجي ته خدارا مون کي ساڳي نوڪري تي بحال ڪري پڪو ڪيو وڃي. ملڪ ۾ حد درجي جي بيروزگاري آهي، فاقاڪشي ۽ تنگدستي ۾ وقت پيو گذري، ڇاڪاڻ جو آئون بيروزگار آهيان، B.A. پاس آهيان ۽ هن وقت سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهيان. اوهان پنهنجي صوبي جا چيف ايگزيڪيوٽو آهيو ۽ صوابديدي پاور رکو ٿا. اڳ ئي ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي سان گڏ حد درجي جي بيروزگاري آهي، اسان جي بيروزگاري ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولي ھارين کي معاشي قتلام کان بچايو!
ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، آبادگارن کي مناسب اگھ نه ملي سگھيو، ڪڻڪ  جو اوپ مارڪيٽ ۾ اگھ 1500 کان 1600 ھلي رھيو آھي، حڪومت طرفان ڪڻڪ جو  2000  مقرر ڪيل اگھ تي ڪير به عمل لاءِ تيار ناهي. خيرپور ضلعي ۾ ڪٿي به ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کلي ناھن سگھيا، نه ئي آبادگارن کي سرڪار طرفان بارداڻو ملي سگھيو آھي، جنھن جي ڪري ھاري مجبور ٿي واپارين کي ڪڻڪ سستي اگھ تي ڏئي رھيا آھن، سرڪار طرفان وقت سِر خريداري مرڪز نه کولڻ ڪري آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آهي، ھن وقت 30 سيڪڙو ڪڻڪ آبادگارن وٽان نڪري چڪي آھي، ڪڻڪ جي اڃا به خريداري شروع نه ڪئي وئي ته  15 اپريل تائين آبادگارن وٽان ڪڻڪ ختم ٿي ويندي ۽ واپارين تائين پھچي ويندي. گذريل سال به سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگھي ھئي، ھن سال به خدشا آھن ته ڪڻڪ جي خريداريءَ جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگھي. ضلعي خيرپور ۾ ڪٿي به خريداري سينٽر کلي نه سگھيا آھن، جنھن ڪري آبادگارن کي مناسب اگھ نه پيو ملي. سندن معاشي قتلام ٿي رھيو آھي، ھارين سان واپارين جون ناانصافيون جاري آھن، في مڻ تي ٻه ڪلو ڪٽوٽي پڻ ڪئ پئي وڃي، جيڪو ھارين سان سراسر ظلم آھي. حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي. ھاري هر شيءِ مھانگي وٺي فصل تيار ڪري ٿو، جڏھن فصل کي تيار ڪري ٿو ته ان کي مناسب اگھ نه پيو ملي، جڏھن ھارين وٽان ڪڻڪ نڪري وئي ته ساڳي ڪڻڪ ٻيڻ ٽيڻ تي مھانگي ٿيندي، اسين سي ايم سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولي ھارين کي معاشي قتلام کان بچايو وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
محبت جي ضرورت!
محبت لفظ جو به عجيب مٺاڄ آهي، انسان هجن يا جانور يا پکي هجن، سڀ محبت جا بکيا هوندا آهن، ننڍڙي ٻار کان وٺي پوڙهي ماڻهوءَ تائين سڀ محبت جا بکيا آهن، جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي، انسانن مان محبت به تيزيءَ سان ختم ٿيندي پئي وڃي، مٽن مائٽن، دوستن ساٿين جي ملڻ، ڳالهائڻ جا انداز بلدجندا ٿا وڃن، انهن جو ملڻ به مقصد وارو ٿي ويو آهي، هر هڪ سان ملڻ جو انداز الڳ الڳ آهي، پئسي واري سان الڳ ۽ غريب سان انداز بلڪل الڳ. ننڍپڻ وارا دوست جيڪي شيون ورهائي کائيندا هئا، اڄ ملڻ لاءِ تيار ناهن، شهرن ۾ ته الڳ الڳ ذاتين وارا رهن ٿا پر ڳوٺن ۾ رهندڙ عزيزن جا به انداز تبديل ٿي ويا آهن. ڳوٺن ۾ اوطاقون جتي مچ ٻاري چوڪڙيون هڻي ادب ۽ اخلاق سکبا هئا، هاڻي اهي اوطاقون ويران ٿي ويون آهن، هر طرف نفرتن جا مچ ٻري رهيا آهن، جتي هڪ وڏو گهر هو جنهن گهر ۾ هڪ چلهه ٻرندي هئي، هاڻي اتي وڏيون ڀتيون اڏجي ويون آهن، ويجھا رشتا ڀائر، سوٽ، جاني دشمن ٿي ويا آهن، وڏا بزرگ پنهنجا پٽڪا بچائڻ ۾ پورا آهن، هر ڪو خانيءَ خان ٿي ويو آهي. آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ هن سماج ۾ ڪير تبديلي آڻيندو؟ اسان کي محبت جا سبق ڪير سيکاريندو؟ ان لاءِ اسان کي محبت جي ميلن جي ضرورت آهي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
اندر ۾ انسان ضروري آ پيارا!‎
ڪراچيءَ جي آخري ڇيڙي کان چڙهندي ٻه گاڏيون تبديل ڪندي جڏهن قائدآباد ۾ لهي ٺٽي جي وين اسٽاپ ڏي ويس ته ٻن همراهن گهيري ورتو، هڪ همراهه ٿيلهو کسيو پهرين ته ڊڄي ويس پر جڏهن ٻئي همراهه پڇيو ته ٺٽي ويندين سجاول يا بدين؟ تڏهن وڃي ساهه پيم ۽ خبر پئي ته هي ڪي ڦورو نه پر وين جا ڪنڊڪٽر آھن، خير وڃي سيٽ تي ويٺس، آھستي آھستي مسافر به ويهندا ويا، سخت گرمي هئي وين کي اسٽاپ تي بيهندي اڌ ڪلاڪ ٿي ويو هو، مون سميت هڪ ٻن ڄڻن ڊرائيور کي هلڻ جو چيو پر ڊرائيور اهو چئي هلڻ کان معذرت ڪئي ته وين ۾ اڃا ٻن ماڻھن جي گنجائش آھي، جيسين وين ڦل نٿي ٿئي ڪو نه نڪرندس. خير 5 منٽن بعد 2 ٽپ ٽاپ ڊريسنگ نوجوان مسافر اچي پهتا، ڪنڊڪٽر انهن کي به گهيري ورتو، ڪنڊڪٽر خالي سيٽن تي ويهڻ جو چيو پر همراهن انڪار ڪيو ته اسين هنن ماڻھن سان گڏ نه ويهنداسين، ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويهاريو، انهن سيٽن تي اڳ ئي مسافر ويٺل هئا پر همراهه بضد هئا، اسان کي اها ئي جاءِ کپي. سخت گرمي ۾ منزل تي به پهچڻو هو، ان ڪري ڪنڊڪٽر سميت ٻن ٽن ماڻھن اڳين سيٽن تي ويٺلن کي منٿون ڪري پوين سيٽن تي ويهاريو ۽ نوجوان ڊرائيور ڀرسان هٿن ۾ ٽشو پيپر ۽ ڪنن ۾ هينڊ فري لڳائي ويهي رهيا، وين هلي ته سوچيم ته لوڪل گاڏين ۾ به اسان جهڙن نوجوانن جون فرمائشون، ناز ۽ نخرا! اسان الئي ڪڏهن بالغ ٿينداسين؟ مون محسوس ڪيو ته نوجوان ٻن خالي پيل سيٽن تي ان ڪري نه ويٺا جو انهن سيٽن ڀرسان ويٺل ٻه مسڪين مسافر ويٺل هئا ۽ هٿن ۾ پڪڙيل دوائون ڏسي اندازو لڳايم ته ڪنهن اسپتال مان علاج ڪرائي موٽيا هئا. نوجوانن جي ضد تي حيرت ٿي، انسان جي انسان کان ايڏي نفرت جو ڪنهن جي پاسي ۾ ويھڻ پسند نٿو ڪري، ماڻھپي کي ڄڻ مرندي ڏٺم، ذھن ۾ اياز گل جون سٽون تري آيون ته:
سوين روپ هجن ڀل ماڻھوءَ جا،
پر اندر ۾ انسان ضروري آ پيارا!
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
وحشي وستيءَ وستيءَ ۾!
هر ڏينهن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ضلعي، تعلقي يا شهر ۾ معصومن سان جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش ايندو رهيو آهي ۽ اسين ٻه چار ڏينهن افسوس ڪري وري خاموشيءَ جي چادر اوڍي ويهي رهندا آهيو ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار جي قانون جي پڪڙ ۾ اچي به ٿو ته ڪجھ ئي مهينن ۾ قيد مان نڪري وري گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ روح روڙي وجهندڙ موقعي جي ڳولا ۾ رهي ٿو. سنڌ جي امڙين جا اندر زخمي آهن ۽ والد پريشان آهن، گهٽين ۾ کيڏندڙ ٻار گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ماڻهن ۾ ماڻهن جو خوف ويهي رهيو آهي، انهيءَ حالت، انهيءَ خوف جي عالم ۾ قانون ڪجھ وقت حرڪت ۾ اچي ٿو پر وقت گذرڻ سان ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، نه ئي ڪو اهڙو قانون پاس ٿو ٿئي جنهن سان اهڙن وحشين کي سرعام سزائون ڏنيون وڃن، جيئن اڳتي ڪنهن به ماڻهوءَ نما وحشي ڪو غليظ قدم کڻڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچي، پر هاڻي والدين تي اهو فرض لاڳو ٿو ٿئي ته پنهنجي ٻچن جي حفاظت پنهنجي پاڻ کي ڪرڻي پوندن جيستائين وس وارا ننڍ مان اُٿن. ايئن نه سمجهو ته افشان آخري معصوم نياڻي آهي پر پنهنجي هر گهٽيءَ ۾ هڪ وحشي جانور رهي ٿو، جيڪو موقعي جي ڳولا ۾ هجي ٿو جيڪو صرف سنڌ جي معصومن سان نه پر سنڌ جي باوقار تاريخ، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي عزت، سنڌ جي نالي، سان هڪ ڪريل راند کيڏي رهيا آهن. سنڌ سرڪار کي ڪجھ سوچڻ گهرجي.
سومرو ياسين/ خيرپورميرس
“پنهنجي اخبار” پنهجائپ جو واقعي فرض نڀائي پئي!
سنڌي ميڊيا ۾ محترم علي قاضي جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ايئن کڻي چئجي ته قاضي صاحب جو نالو ڪاميابي جي گارنٽي هوندو آھي ته ان ڳالھ ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو، اهڙين ڏکين حالتن ۾ جڏهن ميڊيا مختلف ڏکيائين ۽ بحران جي ور چڙھيل هئي، ان دور ۾ سنڌي ميڊيا ۾ “پنهنجي اخبار” جي انٽري چڱن ڀلن جا وات پٽرائي ڇڏيا، پوءِ جيترا هئا وات، ايتريون هيون ڳالهيون. بهرحال قاضي صاحب ۽ پرفيشنل ٽيم جي اڻٿڪ محنتن ۽ جاکوڙ مخالفن جون وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون ۽ “پنهنجي اخبار” تمام ٿورڙي عرصي دوران سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اعليٰ اختيارين ۽ اعليٰ ايوانن تائين پڙاڏو ڪري پهچايو ۽ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ کي بلڪل به نه قبوليو ۽ ڇا خوب ملهايو، پنهنجي نالي جو فرض پوري ڪرڻ ۾ اڄ به سنڌي ميڊيا جي صفن ۾ اڳ کان اڳيان آھي.
علي مراد لاشاري/شھدادڪوٽ‎
نرالي انداز واري “پنهنجي اخبار” کي ٻي سالگرھه مبارڪ!
هر ادارو پنهنجي محنت ۽ ڪم سان سڃاتو ويندو آهي ۽ اهو پنهنجي ڪوشش سان عوام ۾ سمائجندو آهي، “پنهنجي اخبار” به انهن محنتي ادارن مان هڪ آهي، “پنهنجي اخبار” 2 سالن جو سفر پورو ڪيو آهي، ان جذبي سان سڀئي “پنهنجي اخبار” جي ٻين سالگرھ ملهائي رهيا آهيون. هي سنڌي ٻوليءَ جي مڪمل پهرين اخبار آهي، جنهن جا فيس بوڪ تي 2 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن، ايڊيٽوريل پيج ۾ “پنهنجي اخبار” جي ايڊيٽر، ورڪرز ۽ رپورٽرز ڊائري سان گڏ ٻيا ناليوارا صحافي به لکن ٿا، جنهن سان سٺي ڄاڻ ملي ٿي. “پنهنجي اخبار” ٿوري وقت ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي. اها هن جي وڏي خوبي آهي ته اها علائقي جي ۽ ٻهراڙي جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ صحت، تعليم ۽ ٻين اهم مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي، ان سان گڏ عدالتي ۽ قانوني خبرن جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي. ان ڪري ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تمام گهڻي پڙهي وڃي ٿي. “پنهنجي اخبار” ڪجھ وقت تائين “پنهنجو ميگزين” جاري ڪيو، اهو بهترين هو، ان ۾ هڪ قانوني صلاحون جو سلسلو هو جيڪو تمام بهترين هو، جنهن سان عام ماڻهو کي قانون بابت ڄاڻ ملي پئي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ وڪيل کان پنهنجا قانوني مسئلا پڇندا هئا. “پنهنجي اخبار” جي سٿ کي گذارش آهي ته شاعري جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. اسان وٽ روزانو “پنهنجي اخبار” پڙهي ويندي آهي. مان وڪيل آھيان مصروفيتن باوجود “پنهنجي اخبار” جو مطالعو ضرور ڪندو آهيان. دعا آهي ته “پنهنجي اخبار” اڃان به ڪاميابي عطا ڪري.
ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو/ڪنب
پنهنجي حقن خاطر لکو، ڳالهايو ۽ عملي ميدان ۾ اچو!
سنڌ ڌرتي ازل کان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌي قوم هڪ پرامن خوشحال ۽ مهمان نواز قوم طور سڃاتي ويندڙ آهي، هن وقت سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي آبادڪاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن ڪري نه رڳو خطي جو امن امان خراب پيو ٿئي پر سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا به لڳي رهيا آهن. سنڌ جي کيتن، ٻيٽن ۽ جزيرن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، بحريا ٽائون کان ڪارونجهر تائين سنڌ جي جبلن کي به وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌين کان روزگار کسيو پيو وڃي، بيروزگاري سبب ماڻهن جي اڪثريت جفاڪشي واري زندگي گھاري رهي آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب آپگھاتن جو ريشو وڌي رهيو آهي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب ماڻهو ٻچڙا وڪڻڻ تي مجبور آهن، ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي جسم جا عضوا پڻ وڪڻي رهيا آهن.  ڳالھ امن امان جي ڪجي ته روز ڪنهن معصوم جو بي سبب قتل ٿو ٿئي، روز حوا ڄائي يا ڪنهن معصوم ٻار سان زيادتي ٿي ٿئي، سنڌ جي وحدانيت تي حملا ٿا ٿين، اسان کي پنهنجا بنيادي حق ئي نٿا ڏنا وڃن، هتي غريبن کي هر حوالي سان هيسايو ٿو وڃي، ظالم مظلوم سان ايترو ظلم ٿو ڪري جو برداشت کان به ٻاهر ٿي ويو آهي، هتي وڏيرا، ڀوتار ۽ سياسي ماڻهو هر ڏوهه ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث آهن. هنن سمورن مسئلي تي سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته لکن، ڳالهائين ۽ عملي ڪم لاءِ ميدان تي اچن ته جيئن اڄ به سنڌ ڌرتيءَ کي اڳ جيان، امن جي ڌرتي بڻائي سگهجي جي اسان اڃا به خاموشي نه ٽوڙي ۽ ان ظلم و جبر خلاف مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ اسان پنهنجي ئي ڌرتي تي غير بڻجي وينداسين.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو
سنڌ ۾ ٿيندڙ ڦرلٽ جو جواب ڏيو!
دنيا جي مختلف ملڪن کي مختلف رخن کا ڏسنداسين ته خبر پوندي ته دنيا هن جديد دور ۾ ڪيڏي نه ترقي ماڻي آهي، جيڪڏهن پاڪستان خاص ڪري سنڌ تي نظر ڦيرائبي ته توهان کي سنڌ صدين کان به پوئتي پيل نظر ايندي. سنڌ جا شهر هجن يا سنڌ جون ٻهراڙيون، روڊ هجن يا اسپتالون، سرڪاري عمارتون هجن يا سرڪاري اسڪول، هر پاسي نظر ڊورائجي ته کنڊرن جو منظر ڏسڻ ۾ ايندو، سنڌ تي جيڪو به حڪمران يلغار يا حڪمراني ڪئي آهي اهو هميشه مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪندو رهيو آهي، جيڪو هڪ ته سنڌين لاءِ تمام وڏو الميو آهي، اڃا به جيڪڏهن اسان ايئن ئي پوئتي رهياسين ۽ کير جي رکوالي ٻلي کي ڏنيسين ته سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ بگهڙ اسان کي کائي ويندا ۽ ايندڙ نسلن جو ڇا ٿيندو! اهو خيال کي ڪنبائي ٿو ڇڏي! سنڌ جي انهن نوجوانن کي التجا آهي ته پنهنجي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، جيڪڏهن اسين مالڪي نه ڪئي ته اسان 100 صدين کان به پوئتي هليا وينداسون يا سنڌ ۾ سنڌ جو ڪو وجود ئي نه رهي.
نصير حيدر ڇٽو/ڳوٺ ايم اسمائيل ڇٽو، وارهه
اچو ته غلاميءَ جي نندا ڪريون!
اڄ جي دور ۾ جتي پوري دنيا ترقي جون منزلو پئي ماڻي اتي بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جو پڙھيل لکيل شاگرد گھڻي حد تائين ڌارين جي غلامي کي پنھنجي گذر جو ذريعو سمجھي ڪري رهيو آهي، ڪٿي ڪٿي جاھل ماڻھو نوڪرين ۾ ته اھل ماڻھو روڊن تي ڌڪا کائي رهيا آهن. اڄ به سنڌ جا  ڪيترائي اھل ۽ تعليم يافتا نوجوان ڪراچي ۾ پٺاڻن، پنجابين ۽ ٻين قومن وٽ غلام بڻجي گذر ڪن ٿا، ڪراچي ۾ اڪثر ڌارين جي بنگلن تي چوڪيدار، بورچي يا وري گيٽ ڪيپري ڪن ٿا، گھڻي حد تائين سرائيڪين کان پوءِ اسان جا سنڌ جا نوجوان اتي مقرر نظر ايندا، جيتوڻيڪ ڪنھن به مزدوري يا پورھئي ۾ ڪو مھڻو ناھي پر ڪنھن ديس جا اھل نوجوان مجبورن پنھنجي ديس ۾ ڪنھن ڌارين قوم جي غلامي ڪن ته اهو حڪمرانن جي نااھلي جو ثبوت آهي. اسان جي وڏي بدقسمتي يا نااھلي به آھي ته آزمايلن کي ھر ڀيري آزمائڻ به پنھنجي پير تي ڪھاڙو ھڻڻ برابر آهي، اسان اڄ به پنھنجو حق گھرڻ وقت صاحبن جي اڳيان ايئن پيش ٿيندا آھيون ڄڻ ڪي ڏوھاري ھجون يا ڄڻ ڪو فقير خيرات گھرندو هجي، تيئن پنھنجو حق گھرندا آھيون، جنھن ڪري پنھنجي شعور کي ماري اسان به غلامي کي گار سمجھڻ بدران ٻيڻون غلامي کي قبول ڪري ورتو آھي، ظاھري ڳالھ آھي. جيڪڏھن ڪو پڙھيل لکيل نوجوان علم ھوندي ڪنھن وٽ غلام ھجي ته صاف ڳالھ ان نوجوان جي علم سان ڪا به دلچسپي نه رھندي، نتيجن سندس پويون نسل به علم کان سواءِ ان غلامي کي قبول ڪندو، جيستائين اسان پاڻ غلامي کي گار نٿا سمجھون تيسيتائين ترقي ناممڪن آھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول