هڪ چٺي سنڌ جي ايم پي ايز ڏانهن!
مانائتا سائين ايم پي ايز صاحب، اميد ته ايوانن جي مزن ۾ هوندا، رب توهان کي ان ڪرسي تي نوازيو آهي، ٻي ڳالھ ته سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي ان منزل تي پهچڻ ڪو اوهان کان سکي، اليڪشن ويجهو اچڻ بعد ڪنهن ريت چند رپين جو سامان ورهائي يا نوڪرين جا ڪوڙا آسرا ڏئي مظلوم، بيروزگار عوام جي اکين ۾ سرمو وجهي ووٽ وٺڻ بعد انهن کي اوهان سواءِ رسوائي ۽ ڏک، تڪليف ۽ ڀوڳنا جي ٻيو ڏنو به ته ڇا آهي؟ سائين منهنجا تڪليف معاف! سائين جيئن ته اوهان کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين ان اميد سان موڪليو هو ته اوهان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندا ۽ انهن جي نمائندگي ڪري عوام کي بنيادي سهولتون ڏيندا، پنهنجو ڪردار ادا ڪندئو پر سنڌ جي عوام کي ڪهڙي خبر ته اوهان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اچي اقتداري ڪرسي ۽ اي سي رومن جا مزا وٺڻ بعد پويان سڀ ڪجھ وساري ويهندئو! يقينن ايئن ڪرڻ سان اهو اوهان پاران مظلوم عوام سان دوکو هوندو. اوهان کي ياد رکڻ گهرجي. منهنجا سائين يقينن اوهان کي منهنجون ڳالهيون دل سان لڳيون به هونديون ۽ اوهان انهن ڳالهين کي ٻڌي ۽ اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندئو، پر پوء به واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو، واري چوڻي جيان اوهان کي نشاندهي ڪرائڻ ضروري سمجھيم، تنهن ڪري اوهان سان مخاطب ٿي سوال ڪري رهيو آهيان ته استاد ويچارا گذريل 10 سالن کان اوهان جي ڪوڙن ڏٽن ۽ دلاسن جي ور چڙهيل آهن ۽ پگهارن جي آسري تي جيئڻ تي مجبور آهن، عيد مٿان اچي وئي آهي، انهن استادن جا ٻار ٻچا به هوندا، گهر وارا به هوندا ۽ يقينن انهن جو ضرورتون به هونديون، عيد لاءِ لٽا ڪپڙا به گهرجن پر اوهان جي زبانن تي نه ڄاڻ ڇو تالا لڳل آهن.ايم پي ايز صاحب آخر سنڌ جي رهيل ضلعن جي اڌر ڪيڊر استادن جون پگهارون ڪڏهن جاري ڪندئو؟
سڌير ڇڃڻ/ميرپورماٿيلو
خدارا پنهنجي ٻوليءَ جو بگاڙ نه ڪريو!‎‎
تاريخ شاهد آهي ته پنهنجي ٻولي، تھذيب ۽ ثقافت کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، پر ان جي ابتڙ اسان جي سامهون عام طور تي استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھ لفظ روانگي ۽ بنا ڪنهن پڇتاءَ جي ڳالهايا وڃن ٿا جنهن ۾ ڪجهه لفظ ھيٺ ڏجن ٿا. پگهار کي تنخواہه، ڀِت کي ديوار، ريشم گهٽي کي ريشم گلي، گهڻي کي زياده، ٻوڏ کي سيلاب، مِينهن کي بارش، ارڙهن کي اٺارهن وغيره، اھڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي اسان پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪيون ٿا. ضرورت ان جي ڳالھ جي آھي ته اسان سڀني کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت ڪرڻي پوندي ۽ جنهن کي جيتري ڄاڻ آهي، اهو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت بابت اھو ٻين تائين پهچائي، ته جيئن اسان جي مادري زبان پنهنجي اصل حالت ۾ رهي سگھي.
شعيب احمد جاگيراڻي/ لاڙڪاڻو
ڦٽين جو اگھه ڪيرائي ڪٽوٽي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو!
ڪوٽ ميرس لانڍي ۾ برسات جي پوڻ جو بهانو بڻائي ڪارخانيدار ۽ سيٺين ڪپھ جو اگھه ڪيرائي ڇڏيو آهي. ڪپھ جي هڪ مڻ تي ٽي ڪلو ڪٽوتي ۽ هاري ٽئڪس يا زرعي ٽئڪس جي نالي سان ڪيترن ئي سالن کان ڦريو پيو وڃي. جڏهن ته اهي ساڳيا واپاري نقلي دوائن، ٻج ڀاڻ ۽ دوائن جي پروڊڪٽس ڪرائي لکين رپيا ڪمائيندا رهندا آهن. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ٿي ڪجي ته فصلن جي اگھ ۽ ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن ننڍو آبادگار ۽ هاري خوشحال زندگي گذاري سگهي.
مولابخش نونداڻي/ڪوٽ غلام محمد
سينيئر سياستدان ممتاز علي ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر!
سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه ممتاز علي ڀٽو 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ممتاز علي ڀٽو 28 نومبر 1933ع ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ برٽش انڊيا واري دور ۾ نواب سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. ممتاز علي ڀٽو سينٽ جارج ڪاليج مسوري، لارينس ڪاليج مري ۽ پاڪستان جي آزاديءَ بعد 1959ع ۾ بئريسٽري جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان ڪئي. 32 سالن جي عمر ۾ هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، ان وقت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 30 مارچ 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، جنهن جي هو باني ميمبرن مان هو. 22 ڊسمبر 1971ع ۾ هو سنڌ جو اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين مئي 1972ع ۾ سنڌ جو 13 هون وڏو وزير ٿيو، جنهن دوران کيس ڏهيسر سنڌ جو لقب پڻ ڏنو ويو. ممتاز علي ڀٽو 1967ع کان 1989ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداريءَ سان شادي ٿيڻ بعد اختلاف رکندي 1989ع ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد وڌو، جنهن کان پوءِ لاڳيتو سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان پ پ پ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو. محترمه جي شهادت بعد ممتاز علي ڀٽو عوامي اتحاد پارٽيءَ سان اتحادي رهيو، جڏهن ته 9 مئي 2012ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ ۾ ضم ڪري نواز ليگ جي حمايت ڪئي ۽ رتوديرو واري صوبائي تڪ پنهنجي پٽ امير بخش ڀٽو کي نواز ليگ پاران اميدوار پڻ نامزد ڪيو. نواز ليگ سان ٿيل اختلافن بعد ممتاز علي ڀٽو ن ليگ کي الوداع ڪرڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪيو. ميرپور ڀٽو ۾ سندس رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي، جتي سياسي ڪارڪنن توڙي علائقي واسين ۽ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي سڄاڻ ڌرين پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
راڻو خان چارو/ ڀاڏارو، ٿرپارڪر
رب مان نااميدي ڪفر آهي!
ڪنهن چيو آهي ته اميدن تي دنيا قائم آهي ۽ اهو بلڪل سچ آهي، ڇو جو رب پاڪ پاڻ فرمايو آهي ته آئون هڪ بادشاهه آهيانم مون وٽ اڻ کٽ خزانو آهي، توهان مون مان نااميد نه ٿيو، مون کان گهرو، آئون عطا ڪندس ۽ توهان کان وڌيڪ مون توهان جو بهتر سوچيو آهي. بيشڪ اسان جي مٺڙي نبي پاڪ جي صدقي رب پاڪ اسان کي اڻ کٽ عطا ڪري سگهي ٿو. ملتان ضلعي ۾ تازو واقعو پيش آيو، هڪ ڇوڪري جنهن سي ايس ايس جي امتحان ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ آپگھات ڪيو ۽ اهو پيغام ڏنو ته آئون رب مان نااميد آهيان ۽ اهو ڪفر ۾ شمار ٿئي ٿو. رب پاڪ ٿي سگهي ان جي ڀلائي سي ايس ايس ۾ نه پر ڪنهن ٻئي شعبي ۾ رکي هجي پر هن نااميد ٿي آپگھات ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڏوھ فقط ان لاچار ڇوڪري جو نه پر انتظاميا جو پڻ آهي، جو اهي نوجوانن جي اميدن تي پاڻي ڦيري رهيا آهن ۽ پئسن تي سيٽون وڪرو ڪري رهيا آهن، فقط هڪ يا ٻه سيٽون ميرٽ تي ظاهر ڪندا آهنم باقي پئسن تي يا سفارش تي من پسندن کي ڏئي ڇڏيندا آهن ته پوءِ ميرٽ جي لتاڙ تي نوجوانن جي آپگھاتن جا امڪان به وڌي ويندا آهن. منهنجو انتظاميا کي نماڻو عرض آهي ته ميرٽ تي نوجوانن کي مقرر ڪيو وڃي، سفارش ۽ پئسن تي سيٽو وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ملڪ جي نوجوانن جو مستقبل بچايو وڃي.
يوسف غفور/ چوهڙ جمالي‎‎
يوگا ۽ صحتمند معاشرو!
سڌريل ۽ ايڊوانس ملڪن ۾ يوگا عام ۽ جام آهي ۽ اتان جو معاشرو صحتمند ۽ وڏي عمر گذارڻ وارو آهي پر اسان جي پياري ملڪ ۾ اهو مشن هڪ ڪلب کنيو آهي جنهن جون پوري ملڪ ۾ 900 شاخوپن آهن ۽ سنڌ ۾ 250 جي لڳ ڀڳ برانچون آهن. بختاور پارڪ سچل محلو لاڙڪاڻي ۾ مفت ۾ يوگا ڪرائي ٿي وڃي. صبح جو 5:30 کان 7 وڳي تائين پر افسوس جو هنن بهترين مفت ڪلاس هوندي به هتي صرف 15 کان 20 ماڻهو ٿا اچن، اهو عام چيو ويندو آهي ته پارڪ ۽ اسپورٽس گرائونڊ آباد ڪيو ۽ اسپتالون ويران ڪيو پر هتي ابتڙ آهي. هن ملڪ جا پارڪ ۽ اسپورٽس گرائونڊ ويران آهن پر اسپتالون آباد لڳيون پيون آهن ۽ ڊاڪٽر جيڪي اڳي مفت ۾ ڏسندا هئا هاڻي انهن جون 1000 کان 2000 تائين صرف چيڪ اپ جي فيس ورتي ٿي وڃي. منهنجي لاڙڪاڻي جي عوام کي گذارش آهي ته جناح باغ ۾ مختيار پارڪ ۾ يوگا کي روز جو معمول بڻايو ته جيئن اسپتالون ويران ٿين ۽ پارڪ آباد ٿين ته جيئن ڊاڪٽرن جي ڳرين فيسن کان پڻ بچي سگھجي.
عابد پنهل بليدي/لاڙڪاڻو
سنڌ جي ڏھيسر جي موڪلاڻي!
سنڌ جو اھڙو سپوت جنهن سڄي زندگي ڌرتيءَ سان عشق ڪندي گذاريو، ارڏو اڻ جھليو، سچو، اصول پرست سياستدان، اسان کان وڇڙي ويو. ڏھيسر جو لقب ھن کي سنڌي عوام تڏهن ڏنو جڏهن هن ڪراچي ۾ سنڌي ٽوپي اجرڪ پائڻ گناهه سمجهو ويندو هو، ممتاز علي خان ڀٽي پنهنجي مڙسي ۽ دليري سان سنڌي قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو. ممتاز علي خان ڀٽو پ پ پ جو بنياد وجهڻ وارن ليڊرن مان ھو. شھيد ڊوالفقار علي ڀٽو ھن کي ٽيلينٽڊ قزن جو لقب ڏنو ھو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ ھن سنڌي بلوچ پشتو فرنٽ ٺاهي، اڳتي هلي ھن سنڌ نيشنل فرنٽ به ٺاهي جنهن ۾ ھن ڪنفيڊر سيشن نظام جو نعرو هنيو، جيڪو بلڪل صحيح ھو پر اسان جي ملڪ جا ماڻهو اڃا ايترو سڌريل نه ھئا جو ڪنفيڊريشن جھيڙي بھترين نظريي کي سمجهن، ھن جي ٽيم ۾ نواب نبي بخش ڀرڳڙي، انجنير محمد ايوب خان شر، مير ملوڪ ٽالپر ۽ الھواريو سومرو سندن وفادار ساٿي ٿي رھيا، آخر ۾ ھن پنهنجي پارٽي کي ن ليگ ۾ ضم ڪيو، ھن اصول پرست ڏٺو ته ھن ۾ به سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪو لائحه عمل ناهي، ته هن اهو الحاق ختم ڪيو، وري پارٽي جي ورڪرن خواهش موجب پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي، ھن پنهنجي زندگي سنڌ جي مارئڙن لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. مان زندگي جا 15 سال ھن سان گڏ ڪم ڪيو پر هن سنڌ جي سچي اڳواڻ ۾ سنڌ جو درد هو، هن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو، سڀني سان ھڪ جھڙو، سدائين چوندو هو ته جيڪا پ پ پ مون ٺاهي ھئي اھا ھنن ختم ڪري ڇڏي آهي، مون ھڪ ڀيرو عرض ڪيو ته اجازت ڏيو ته پير سيد محمد بچل شاهه جيلاني کي ووٽ ڏيان، ھن مون کي يڪدم چيو ته ڇا بچل شاهه جي دل ۾ سنڌ لاءِ عشق آهي؟ مون چيو سائين ٻين کان ڪجهه بھتر آهي، چيائين ته ٺيڪ آهي. ڪيترائي ٽيوشن وٺي وڏين پارٽين ۾ ڪنهن جا استاد ڪنهن جا وڏا ليڊر بڻيا ويٺا آهن پر سچ ته سنڌ جو ھڪ باب بند ٿي ويو آهي .
عبدالله شر/ خيرپور
حيدرآبادي بلڊر جي نامڪمل اسڪيمن جو نوٽيس وٺو!‎‎
رڳو هن بلڊر جون اسڪيمون رولڙي جو شڪار ڇو آهن؟ جڏهن ته ٻين بلڊرن جا ترقياتي ڪم عروج تي آهن، گذريل 10 سالن ۾  اسڪيمن ۾ نه چارديواري، نه پاڻي، نه بجلي، نه گئس، نه روڊ، نه ڊرينيج جون لائينون وڇائي سگهيو آهي؟ هن جي اسڪيمن جا رهيل ڪم جلد ڪرايا وڃن نه ته اين او سي رد ڪيا وڃن. هن بلڊر جو انتظام درست ناهي، مهرباني ڪري جلدي هن جو نوٽيس ورتو وڃي يا ڪم ڪنهن ٻئي بلڊر جي حوالي ڪيو وڃي، اسان وڌيڪ انتظار نه ڪنداسين، اها شڪايت ايڇ ڊي اي ۽ ڊي سي حيدرآباد ۽ عدالت جي ججن تائين پهچي چڪي آهي، اسان انتظاميا کان گهر ٿا ڪيون ته حيدرآباد جي هن وڏي بلڊر جي سستي ۽ ڪاهليءَ خلاف فوري قدم کڻي ۽ ان جي مڙني اسڪيمن جو ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن 10 سالن کان سيڙايل رقم جو فائدو اصل مالڪن ۽ الائٽيز حاصل ڪري سگهن. بجاءِ بلڊر جي جيڪو عوام جي پئسي مان بئنڪ  ۾ سيونگ اڪائونٽ جا مالي فائدا پيو حاصل ڪري ۽ تمام نين مهانگين اسڪيمن جا اين او سي رد ڪري ڪم بند ڪيا وڃن، انهن اسڪيمن  مان عوام کي ڪو به فائدو نه پيو ملي، سڀ اسڪيمون امير دولتمند طبقي لاءِ ٺاهيون پيو وڃن جيڪي اڳ ۾ بنگلن جا مالڪ لڳا پيا آهن
شبير کوکر/قاسم آباد
سنڌ ۾ آپگھاتن تي ضابطو نه اچي سگھيو!‎‎
سنڌ ۾ مختلف شھرن ۾ ھڪ ڏينھن ۾ 6 ڄڻن آپگھات ڪيا آهن، گھڻو آپگھاتن جو ريشو ٿرپارڪر ۾ آھي، جتي ھندو برداري جا ماڻھو ڦاھو کائي پنهنجي زندگيءِ جو ڏئيو اجھائي ٿا ڇڏين. ان جو هڪ تمام وڏو ڪارڻ صرف غربت، بک، مالي تنگي ۽ عشق ۾ ناڪامي آھن. سنڌ ۾ تيزيءَ سان آپگھاتن جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ حقن جي برابري جي بنياد ويرهاست نٿي ٿئي. ان ڪري اھا ذميواري چونڊيل نمائندن ۽ چونڊيل حڪومتن جي آھي ته سنڌ جي عوام کي نوڪريون ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن. سنڌ ۾ جيتري آبادي آھي ان جي لحاظ سان رٿابندي ڪئي وڃي. حڪومت کي گھرجي ته غربت ۽ بک تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ته پوءِ آپگھاتن جي واقعن ۾ يقينن گھٽائي ايندي.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
عيد تي غريبن کي نه وسارجو!
هي مهينو سال جو آخري مهينو آهي، مسلمانن جي سال جي مهينن جي شروعات به قرباني سان ٿي آهي، خاتمو به قرباني سان آهي. هن مهيني ۾ حضرت ابرهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام رب جي راهه ۾ قرباني ڪئي. هن مهيني ۾ حج به آهي، حج اسلام جو پنجون رڪن آهي، حج گناهن کي ايئن ڌوئيندو آهي جيئن صابڻ مير کي ڌوئيندو آهي. هن مهيني ۾ اسان حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عه جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ قرباني ڪندا آهيون. قرباني اهڙن حلال جانورن جي ڪئي ويندي آهي جيڪي سهڻا به هجن ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو عيب نه هجي، قربانيءَ جي گوشت جا ٽي حصا ڪيا ويندا آهن، هڪ پنهنجي لاءِ، هڪ مٽن مائٽن لاءِ ۽ هڪ حصو غريب ۽ مسڪينن لاءِ. اسان اهڙا غريب به ڏٺا آهن جيڪي گوشت صرف هن عيد جي موقعي تي ڏسندا آهن، سڄو سال ايئن بصر مرچ تي گذارو ڪندا آهن، ڪي اهڙا به غريب ڏٺا آهن جيڪي چوندا آهن ته اسان عيد تي گوشت جي هڪ ٻوٽي به نه ڏٺي آهي، جيئن فيس بڪ تي هڪ ويڊيو هئي جنهن ۾ هڪ ٻارڙي پنهنجي ڏاڏي کان پڇي ٿي ته ڇا هن عيد تي پاڻ کي گوشت ملندو؟ جنهن تي هو چوي ٿو ته ضرور ملندو، ان تي ڇوڪري چوي ٿي ته گذريل سال ته عيد تي ڪو نه مليو هو. اسان قرباني ڪريون ٿا اسان کي پنهنجي پاڙي جي غريبن کي نه وسارڻ گھرجي، جيڪو قرباني جو گوشت آهي اهو انهن کي به ڏيون، ٿي سگھي ٿو ته هنن سڄو سال گوشت نه ڏٺو هجي. اصل عيد جو مزو تڏهن آهي جڏهن غريب، مسڪين،م يتيمم بيواهه عورتون اسان سان گڏ عيد ڪن، انهن جي منهن تي مرڪون هجن، انهن جي دل خوش هجي، اهي گوشت کائي دعائن لاءِ هٿڙا مٿي کڻن.
خادم گھراڻو/نصرپور
ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ وزارتي ڪاميٽي قائم!
سنڌ حڪومت طرفان ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ چئن وزيرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. جن وزيرن ۾ اسماعيل راهو، امتياز شيخ، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ باري پتافي جا نالا شامل آهن. اها وزارتي ڪاميٽي ملازمن جي لسٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري کين پڪو ڪرڻ جون سفارشون تيار ڪندي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي جس هجي. ڏٺو اهو ويو آهي ته پ پ پ سرڪار اچڻ شرط وڌ ۾ وڌ بيروزگاري جي مسئلي تي ڌياڻ ڏيڻ کان سواءِ هر ان مسئلي کي پوري طرح حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جنهن سان عوام ۽ عام ماڻهو کي فائدو پهچي، ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ حد درجي جي بيروزگاري آهي، تنهن لاءِ به سنڌ حڪومت نيون نوڪريون ڪڍي بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ جون ڪوششون وٺي رهي آهي. هن خط ذريعي ان وزارتي ڪاميٽي کي گذارش ٿي ڪجي ته اهي پنهنجي ملازمن جي لسٽن جي ڇنڊ ڇاڻ واري ڪم کي جلدي مڪمل ڪري اهل ۽ غريب بيروزگار ملازمن کي مستقل ڪري انهن جي روزگار واري وڏي ۾ وڏي مسئلي کي حل ڪن.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
هڪ چٽي ضلعي سجاول جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڏانهن!
محترم آئون ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جو رهواسي آهيان، سائين جن کي عرض آهي ته اسان جي ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ڳوٺ سيد آگيڏنو شاه، ديهه ۽ يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ واقع آهي، هي ڳوٺ انگريزن جي دور جو قديم ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو. هتي 1964ع ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي نالي سان هڪ اسڪول ڏنو ويو هو جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا پر بدقسمتيءَ سان 2010ع واري مھاٻوڏ ۾ ان جي عمارت ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن ڳوٺ کان اڃا تائين به اسڪول جي عمارت ناهي ملي. هتي معصوم گل جهڙا ٻارڙا کلي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آهن. اسان ٽي اي او، ڊي اي او، ڊي سي سجاول ۽ هتي جي چونڊيل نمائندن کي بار بار چيو ۽ لکت ۾ به ڏنو پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. ان کان سواءِ ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه پڪي رستي ۽ بجليءَ جهڙي سهولتون کان به محروم آهي. هتان هڪ سم نالي 6-آر گذري ٿي، جنهن جي هر سال کاٽي نه کڃڻ ڪري ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت مختلف ڳوٺن جي ماڻهن جا ڪچا گهر ۽ فصل پڻ تباهه ٿي وڃن ٿا. اسان هتي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جا سڀئي مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
واهي پانڌي جا رستا بحال نه ٿيا!‎‎
واهي پانڌي کان جوهي طرف ويندڙ روڊ جي صورتحال تمام خراب آهي، هن وقت تائين انتظاميا رستي جي بحالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، ڪاڇي واسي انتهائي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي جو سنڌ جو ڪوهه مري گورک هل اسٽيشن، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ ڳوٺ، مراد جمالي سميت ڪاڇي جي 400 ڳوٺن جوهي دادو سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، علائقي واسي سخت پريشان آهن، ڪاڇي ۾کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آهي، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي تمام جلد مرمت ڪرائي ڪاڇي واسين کي تڪليف کان بچايو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
راڻيپور ۾ مھانگائيءَ ماڻھن جون متيون مجھائي ڇڏيو!
عيد ويجھو ايندي منافعي خور بي لغام ٿي ويا آھن، راڻيپور ۽ آسپاس عام واھپي جي شين جا دڪاندارن ھٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، شھر ۾ دڪانن تان ريٽ لسٽون غائب آھن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽيون آفيسن تائين محدود ٿي ويون آھن. گوشت، مڇي، ڪڪڙ جي گوشت غريب جي پھچ کان پري ٿي ويو آهي، دال، ساين ڀاڄين جا اگھ به آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن، مھانگائيءَ سبب ڏيهاڙيدار مزدور طبقو هڪ وقت جي مانيءَ جي لاءِ پريشان آھي. راڻيپور جو عوام مھانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رھيو آھي، جڏھن ته مھانگائي سٽيل عوام يوٽيلٽي اسٽور جو رخ ڪري ٿو ته اتي به ان کي سامان نٿو ڏنو وڃي ۽ کين خالي واپس ڪيو ٿو وڃي. يوٽلٽي اسٽور به عوام کي لاڀ ناھي بڻجي ويا آهن، يوٽلٽي اسٽورن تي گيھ، کنڊ، عام واهپيدارن لاءِ اڻلڀ ٿيل آھي، واهپيدارن کي اھو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو ٿو وڃي ته اڄ سامان جي سپلاءِ ناھي آئي، سڀاڻي اچجو. سامان جي گاڏي اچي ٿي، اھا پرائيوٽ دڪاندارن جي گدامن ۾ خالي ڪئي وڃي ٿي، يوٽيلٽي اسٽورن جو سامان يعني عوامي امانت دڪاندارن ۽ ڊيلرن کي بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن. راڻيپور جي عوام لاڳاپيل اداران کي اپيل ڪئي ته ھٿرادو مھانگائي جو نوٽيس وٺي واڌو اگھ وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين راڻيپور جو غريب غربو به عيد ڪري سگھي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور