منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي!
رمضان جو ڀلارو مھينو ايندي ئي منافعي خور بي لغام ٿي ويا آھن، دڪاندارن عام واھپي جي شين جا هٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، دڪانن تان ريٽ لسٽون گم آھن، گوشت، مڇي ته غريبن جي وٺڻ کان پري آھن پر ساين ڀاڄين ۽ فروٽ جا اگھ به چوٽ چڙھي ويا آھن، منافعي خورن کي ته موقعي جي ڳولا ھوندي آھي، رمضان جي ڀلاري مھيني  جي انتظار ۾ مال اسٽاڪ ڪندا آھن، رمضان جو ڀلارو مھينو شروع ٿيندي ئي عام واھپي جي شين جا ھٿرادو اگھ وڌايا ويا آھن، واپارين کي موقعو ملندي ئي عام واھپي جي شين جا هٿرادو اگھ وڌائي ڇڏيندا آھن، عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦريندا آھن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي به منافعي خورن خلاف ڪارروائي ناهي ڪندي، مھانگائي جو سٽيل عوام مھانگائي جو عذاب ڀوڳي رھيو آھي، اميرن کي ڪھڙي خبر ته بک ڇا ھوندي آھي، ھن بک جا قصا ۽ ڪھاڻيون ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پڙھيا ويندا آھن، انھن کي ڪھڙي خبر ته غربت ڇا ھوندي آھي؟ مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو وچولو طبقو به تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. مزدور طبقي جي چلھ وساڻل آھي. حڪومت ته رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو ھو پر ان تي عمل نه ٿيو آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڏھاڙيدار مزدور ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن، سندن ٻچا فاڪاڪشي تي آھن، افطار ۽ سحري لاءِ خريداري ته پري پر ماڻھو گھر جو راشن وٺڻ لاءِ به پريشان آھن. اسان لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته راڻيپور ۾ هٿرادو اگھ وٺندڙ منافعي خورن خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سرهاڙي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جون ننڍون!
بدامنيءَ جي لحاظ سان سڄي سنڌ جيان سانگهڙ ضلعي جو سرهاڙي ٿاڻو هونئن ته بدنام رهيو آهي، جنهن ۾ ڏينهن ڏٺي جو واپارين ۽ شهرين کان ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول رهيا آهن، نه رڳو ڦرون ۽ ڌاڙا پر اغوا جي واقعن ۾ به هي ٿاڻو اڳرو رهيو آهي، جتان مشهور شخصيتون اغوا ٿينديون رهيون آھن، پوليس رڳو ڳولا ۾ رهي ڪا به عملي ڪارروائي نٿي ڪري. وري ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، بس سنڌ پوليس جي روايت برقرار رکندي هر ڪيس ۾ اڻ ڄاتل ڏوهاري ڄاڻائي گاڏي کي گهيليندي رهي ٿي. بدقسمتي سڄي سنڌ جيان سرھاڙي ٿاڻي جي سرحد ۾ رھندڙ مسڪينن جي به رهي آهي نڪي حڪومت غور ڪندي نظر ٿي اچي نه قانون، اها خلائي مخلوق ڪهڙي آ جيڪا سالن کان سرهاڙي ٿاڻي ۾ ڏوھ ڪري منٽن ۾ وري گم ٿي وڃي ٿي، سادڙن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته پوليس پاڻ پاٿاريداري ۾ اڳري آهي، ته پوءِ اها چورن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن خلاف ڪيئن ڪارروائي ڪندي؟ رات ڏينهن جن چورن کي پوليس بچائڻ ۾ پوري هجي اهڙي قسم جي نرالي ڳالھ سرهاڙي پوليس جي ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي سامهون آئي، سرهاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻو خان جمالي مان رئيس ڪريم بخش عرف محمد آچر جمالي جي مينهن اوطاق تان ڪاهجي وئي ته پوليس وٽ رهواسي ڏوھ جو ڪيس داخل ڪرڻ آيا ته پوليس روايت برقرار رکندي پرچو داخل ڪرڻ جي مٺائي گهري ايف آءِ آر ڪٽڻ تي راضي ٿي. اسان چونڊيل نمائدن لاڳاپيل قانوني ادارن، حڪومت، آرمي چيف سميت مڙني وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا هڪ نظر سرهاڙي تي به وجھو جتي زندگيون داءَ تي لڳل آهن، ڏوهارين سان گڏ وردي ۾ ويٺل ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪريو.
خان محمد جمالي/ سرھاڙي
امتحاني سينٽر کان محروم گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڪنب!
هن ڪاليج جي قيام لاءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي هتان جي باشعور شهرين، سياسي، سماجي ۽ فردن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، نتيجي ۾ هي ڪاليج تعمير ٿيو. ڪاليج جي تعمير ٿيڻ سان ڪنب ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي. هن ڪاليج ۾ 2017ع کان وٺي 11هين ۽ 12هين ڪلاسن ۾ داخلائون شروع ٿيون ۽ باقاعدگيءَ سان ڪلاس به هلڻ لڳا. ڪاليج انتظاميا تدريسي عمل سان گڏوگڏ ٻيون سرگرميون جهڙوڪ تعليمي مقابلا، حمد، نعت، رانديون ۽ ٻيا وقت به وقت مختلف پروگرام منعقد ڪرائيندي رهي آهي، جنهن سبب ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين جو رجحان وڌڻ لڳو ۽ داخلائن ۾ پڻ اضافو ٿيو. هن ڪاليج کي قائم ٿيندي پنج سال گذري چڪا آهن ۽ ڪاليج کي بهترين ڪمپائونڊ وال ۽ ڪشادو ميدان آهي پر ان باوجود به هن ڪاليج کي اڃا تائين امتحاني سينٽر نه بڻايو ويو آهي، جنهن سبب ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻار ۽ سندن والدين تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اڪثر والدين، ڪاليج کي امتحان سينٽر نه هئڻ ڪري پنهنجن نياڻين کي ڪاليج ڏانهن موڪلڻ کان قاصر آهن. جنهن سبب داخلائن ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ نياڻين جو مستقبل پڻ داءَ تي لڳندي نظر پيو اچي. ڪنب جي سماجي ۽ باشعور فردن جو اعليٰ اختيارن کي نماڻو عرض آهي ته ڪنب جي مختلف ادارن ۾ پڙهندڙ سڀني نياڻين جو امتحاني سينٽر گرلس ڪاليج ڪنب کي بڻايو وڃي جيئن ڪنب ۽ آسپاس جي نياڻين جو مستقبل سنوارجي سگھي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
خدا تنهنجا خلقيل هي بندا ڇو بي شرم ٿي ويا!
ٻار ڪائنات جي سونهن آھن، گهر جي پڌر تي رانديون ڪندي جڏهن ٻارن کي ٽھڪ وکيرندي ڏسجي ٿو ته ايئن لڳندو آھي ته پالڻھار سموري سونهن هنن معصوم گلن ۾ سمائي ڇڏي آھي. ٻار روح جا راڻا هوندا آھن ٻار هر گهر جي سونهن هوندا آھن. اولاد قدرت طرفان والدين کي مليل انمول تحفو آھي، ماڻھو سماجي بي حسين توڙي زندگي جي ڪمن ڪارين مان ڀلي ڪيڏو به ٿڪجي پوي پر جڏهن سندس پنهنجي معصوم ٻارن تي نظر پوي ٿي ته سمورا ٿڪ هڪ گهڙيءَ ۾ لهيو وڃن پر والدين لاءِ اهي گهڙيون قيامت کان به وڌيڪ ازيتناڪ هونديون آھن، جنهن وقت سماج جا وحشي سندن معصوم گلن کي حوس جي آڙ ۾ هميشه ابدي ننڍ سمهاري ڇڏيندا آھن. شيءِ وٺي ڏيڻ بهاني زوري زبردستي، اسڪول ويندي معصومن کي پڪڙي زيادتي،  گهٽيءَ مان گذرندڙ معصومن کي کڻي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. سماج جي جانورن پاران وحشت ڏسي انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪي وڃي ٿو. هتي روز مائرن جون جهوليون خالي ٿين ٿيون، هتي روز گلاب جا گل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي وڃن ٿا پر افسوس جو سماج جي وحشين لاءِ هتي ڄڻ ڪو قانون ئي ناهي. بقول هڪ شاعر جي:
بگهڙ ٿي ويا بنهه ماڻھو، مِرن واري اٿن مستي،
نون سالن جي نياڻين سان زنا زوري، زبردستي،
حوص ۽ حرص جي هيٺان دفن سارا ڌرم ٿي ويا،
خدا تنهنجا خلقيل هي بندا، ڇو بي شرم ٿي ويا.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
مقتول سيد غلام علي شاهه جي والد جو فرياد!
28 فيبروري 2021ع تي ضلعي سجاول جي شهر ٻيلي ۾ سرعام قتل ڪيل نوجوان جي پيرسن پيءُ جي فرياد ٻڌڻ سان اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مقتول سيد غلام علي شاهه جو پٽ سيد نياز احمد شاهه 31 سالا پرڻيل ٻن ٻارڙن جو پيءُ هو. نوجوان بناجواز قتل ڪيو ويو، پوليس به اڃا تائين واقعي جي صحيح طرح جاچ ناهي ڪري سگهي. ايستائين جو جوابدار يار محمد ڪڙولائي ملاح پٽ بچل ڪڙولائي، عبدالله ڪوڏاريو ملاح پٽ سانوڻ عرف پنجون ڪوڏاريو ۽ آچار ڪڙولائي ملاح پٽ بچل ڪڙولائي ملاح گرفتار ٿيڻ کان پوءِ به پوليس اڃا تائين مقتول جي موبائيل فون هٿ ناهي ڪري سگهي. جوابدارن پاران مقتول جي والد کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جوابدارن کي سياسي ۽ آفيسرن جي پٺڀرائي آهي جنهن تي هو اهڙي قسم جا قدم کڻي رهيا آهن. ان کان سواءِ هو ڪيس کي دٻائڻ لاءِ پئسا ۽ سياسي سپورٽ تي معاملي کي ختم ڪرائي آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. 28 فيبروري تي مقتول جي سول اسپتال سجاول مان جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار جاري ڪئي سا به اڃا تائين ناهي ملي، نه ئي جزن واري رپورٽ ملي سگهي آهي. سجاول ۽ ٻيلو پوليس جوابدار ته گرفتار ڪيا آهن پر اڃا تائين وارثن کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. اسان ايس ايس پي سجاول، ڊي آءِ جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ڪيس جي جيڪا جاچ ٿيل آهي، ان تي نظر وجهي ميڊيڪل رپورٽ کان پوءِ جي ڪو ٻيو جوابدار به ملوث آهي ته ان کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ميڊيڪل رپورٽ به جلدي ظاهر ڪئي وڃي ته جيئن اصل واقعي جي خبر پئجي سگهي.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
جانور مٿانهون ٿيو انسان کان!
اڄ جو انسان پاڻ کي مھذب، باشعور ۽ اخلاقن جي اعليٰ درجي تي پهتل سمجھي ٿو، ھو فخر ڪري ٿو ته آئون پٿر واري دور مان جديد جي چائنٺ چڙهي چڪو آھيان پر ائين ناھي، ان دور ۾ شايد انسان وٽ حقيقي معنيٰ ۾ انسانيت ھوندي هئي، ان زماني ۾ ھن کي معصوم ٻارڙن جي ننگن جي پرک هوندي هئي، پنھنجي حوس لاءِ معصوم جسمن کي استعمال نه ڪندو هو، شايد ان زماني ۾ انسان ٻئي انسان کي ايزاءُ رسائي سڪون حاصل نه ڪندو هو، شايد ان زماني ۾ پنھنجن چند مفادن خاطر ھو پوري قوم تباھ نه ڪندو هو، تڏهن انسان انسانيت جو سلطان بڻجي انسانن جي کاڌي جي شين ۾ ملاوٽ ڪري قدرتي شين کي زھريلو ۽ غليظ نه بڻائيندو هو، تڏھن جا حڪمران اول درجي جا انصاف پسند هئا، اڄ جي انسان ۾ اھڙي ڪا به صفت ڪانهي، اڄوڪي انسان کي وحشي جانور سان تشبيهه ڏني وڃي جنھن جنم ڏيندڙ ماءُ جو سينو چيري ان جي زندگي جو انت آڻي زندگي جو پھريون ساھ کنيو، آدمزاد جا ڪڌا ڪرتوت، دوکيبازي، مفاد پرستي جو انت ناهي اچڻ، انسان ته اشرف المخلوقات آھي، ائين به ناھي ته اشرف المخلوقات ھوندو پر پٿرن واري دور ۾ اڄ ته ھي پنھنجي 60 سالن جي امڙ کي ڪاري ڪريو ماري ٿو ڇڏي، اھا ماءُ جنھن جي پيرن ھيٺان جنت آهي، پوءِ ھي افضل ڪيئن ٿيو؟ ھي ته ظالم آ، ڪوڙو آ، فريبي آ، لالچي آ، ڄڻ ته قدرت جي ڪنھن به قانون تي پورو نٿو لھي، ڇا پوءِ به ھي افضل آ؟ انسان تاريخ ۾ لکڻ لاءِ پنھنجا خوني داستان ڇڏيا آهن، ھو چنگيز، ھلاڪو ھٽلر ۽ اساما بن لادن بڻيو. هن مذھب، عقيدي ۽ نسل جي نالي تي وسنديون ويران ڪيون، انسان مڪمل يقين سان انڪري عذاب بڻجي پوندو آھي جو ھو پاڻ کي حق ۽ صداقت جو دائي ۽ ٻين کي ڀٽڪيل ۽ ڀليل سمجھندو آھي، ھو ھميشه پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجھندو آھي.
حسنين جاني ڀنڀرو/عمرڪوٽ
محترم انعام ڀٽي جي خدمت ۾ عرض!
سائين منهنجا، 5 اپريل سومر ڏينهن تي پنهنجي اخبار ۾ اوهان جو ڪامريڊ غلام رسول سهتو کي ڀيٽا ڪرڻ ۽ هن جون ساروڻيون بيان ڪرڻ وارو آرٽيڪل بعنوان “اصولن جو امين ڪامريڊ غلام رسول سهتو؟ نظر مان گذريو. سائين جن هڪ هنڌ لکيو آھي ته ڪنعيا لال گربخشاڻي اصل وارھ جو رهواسي آھي پر سائين منهنجا، هو اصل نئين ديري ڀرسان پير ڳوٺ جو رهواسي آھي، سندس ڀائر ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد ۾ رهندا هئا. هن شادي ڪو نه ڪئي هئي تنهنڪري ڪڏھن شھدادڪوٽ، ڪڏھن حيدرآباد، ڪڏھن ٽنڊي الهيار ۽ ڪڏھن وارھ شھر ۾ رهندو هو ۽ آھي جيئن ته جن جو سياسي لاڳاپو گهڻو وقت عوامي تحريڪ سان رهيو تنهن ڪري وارھ شھر ۾ قاضي عبدالغفار، ڊاڪٽر حليم ٻگهيو، عبدالغفار چولياڻي ۽ ھن پيرسني واري عمر ۾ سياري جا 3، 4 مهينا وارھ لڳ ڳوٺ انور آباد ۾ پٺاڻ معرفاڻي جي اوطاق تي رهندو آھي. واضح رهي ته سائين ڪنعيالال قومپرست ترقي پسند ۽ کاٻي ڌُر جي سوچ رکندڙ ھڪ بهترين ۽ ساڃاھ وند شخصيت آھي، جيڪو ڀُٽي صاحب جي دور ۾ جيل ياترا به ڪري چڪو آھي، سندس جيل واري دور جو ذڪر سنڌ جي هڪ نامياري ليکڪ مرحوم طارق اشرف پنهنجي ڪتاب “جيل گهاريم جن سين” ۾ ڪيو آھي.
ڪامريڊ منان چانڊيو/ وارهه
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
صبح ساڻ شيري ڀاڻيءَ جو ڪولر وارڊ جي مشين مان ڀريو جيڪا ڳالهه سپاهي زبير تنيو کي نه وڻي ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ وارڊ جي پاڻيءَ واري مشين بند ڪئي وئي، عملدار ۽ سپاهي جي نگرانيءَ ۾، مون ۽ علي شير کوسو بدر ڀائي سان ملي قيدين جو ٿڌو پاڻي ٻيهر بحال ڪرايو. شيري به اڇي چڪر هليو ويو. هُن جو چوڻ آهي ته رات جو خواب ۾ هُن کي هُن جي پيءُ جي لاش کوليءَ ۾ نظر ايندو آهي جنهن کي هو قتل ڪري آيو آهي. شام جو آئون مزمل قريشي نالي هانڍي وال کوليءَ ۾ پاڻ سان گڏ وٺي آيس، مزمل مون کي ٻڌايو ته هو ڪنهن قاصائيءَ لاءِ مينهن جا ڦر ڪُهندو آهي. هن جو ڪم آهي ڦر جا چار پيس ڪري ڏيڻ.، اهي ڦر ڪوئيٽا اسٽار ۽ باءِ پاس جي ٻين هوٽلن تي ٻاڪري گوشت ۾ هلندا آهن.. اسان اهي ڦر واڙن تان 1000 رپيا کان 2000 رپين ۾ خريد ڪندا آهيون ۽ اسان کي هوٽلن جا مالڪ وري هڪ ڦر جا چار کان 5 پنج هزار ڏيندا آهن ۽ هوٽل وارا وري في ڦر 18 کان 22 هزار ۾ کپائيندا آهن. هُن چيو ته اسان جي ڪار جون سيٽون به ناهن هونديون ڇو جو سيٽ جي جاءِ تي ٻوريون اچي وينديون آهن ۽ في ٻوري ۾ چار ڦر يعني 16 پيس هوندا آهن. هُن چيو اهو سڀ ڌنڌو عارف قاصائي جي نگرانيءَ ۾ پريٽ آباد ۾ ٿيندو آهي ۽ ويهه ويهه لک پوليس کي ڀتو به ڏيندا آهيون. مون هُن جي اکين ۾ ڏسي هُن کان سوال ڪيو ته توهان جو ڪم ڪنهن به آفيسر بند ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي؟ هُن تڌو شاهه ڀري چيو ته عرفان بلوچ جي دور ۾ اسان تي سختي هئي. آئون سوچڻ لڳس ته ڪاش رب سائين مون کي ان ظلم کي بند ڪرائڻ جو ذريعو بڻائي. انهن جانورن تي ڇا گذرندي هوندي جيڪي رڳو ٻه ڏينهن مس پنهنجي ٻچڙي کي ڏسنديون هونديون؟ ڪهڙو ڏوهه آهي انهن جي ڦرن جو جيڪي کير پيئڻ بدران رت سان ٿا تڙ ڪن ۽ چار ڳڀا ٿيو وڃن. هينئر مزمل قريشي ننڍ پيو آهي ۽ رشيد پنهنجي ڀاڻج عبدالباسط لاءِ خط لکي رهيو آهي. ٻاهر رات وارو پهريدار رحمٰن ڇلگري پسار پيو ڪري.
آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد (03 اپريل 2021)
ٿر ۽ سنڌ جو ڪنڌ ڪارونجھر!‎
منهنجو من ته نٿو مڃي پر ميڊيا جا ذريعا چون ٿا ته سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته ڪارونجھر جبل کي ڪٽي ان مان گرينائيٽ  جو سٺو پٿر حاصل ڪري سگهجي ٿو پر اها ڳالهه ٻڌي به خوشي ٿي ته اسان جي چونڊيل نمائندن ان ڳالهه تي عتراض به ڪيو آهي ۽ ڪرڻ به کپي ڇو ته قديم آثار به انسانذات جي نھايت ئي حساس ورثي جي حيثيت رکن ٿا، اھو ئي سبب آهي جو سڌريل ۽ سجاگ قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪنديون آهن، پنهنجي تھذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ تاريخي ميراث کي سنڀالينديون آهن، پنهنجي تاريخي ورثي کي جيترو ٿي سگهي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ڪارونجھر ڪٽڻ سان ھڪ ته قدرتي حسن خراب ٿيندو جنهن سان ملڪي توڙي غير ملڪي سياھ جيڪو ھت گمھڻ اچن ٿا سي نه ايندا، جنهن سان ٿر ھڪ سٺي تفريحي ماڳ کان محروم ٿي ويندو، ٻيو ته ھتي جي اڪثر ماڻهن جو گذران ڪارونجھر جي چراگاھن تي آھي، ھو پنهنجي جانورن لاءِ گاهه وغيره به ان جبل مان حاصل ڪن ٿا، اھڙي ريت ھي پاڻ ڪمائيندڙ علائقو حڪومت جي آسري رھجي ويندو، ھاڻي ياد رکو ته ترقي خوشحالي وارا خواب اسان ڪوئلي جي کوٽائي کا اڳ به ڏٺا ھئا، پوءِ حقيقت ۾ ڇا ٿيو، جن ڳوٺن جي زمينن ھيٺيان ڪوئلو نڪتو تن کي لڏايو ويو، تن جا گهر تڙ مال جا وٿاڻ ۽ اباڻا قبرستان لنگھه واٽون ۽ سيمون ٻنيون سڀ ڪجهه کسجي ويون، ڪجهه ماڻهن کي گهر مليا پر بجلي نه ڏني وئي، ڪارونجھر جي چوٽي ٿر ۽ سنڌ جو ڪنڌ آهي، جنهن جو فيصلو سنڌ جو شعور ڪندو.
خالد ٿري/لپلو، کوکراپار
ڪارونجھر تي مور نچن!‎
سموري سنڌ پنھنجي نه رڳو ٽوپي اجرڪ جھڙي ثقافت سان سرشار آھي پر سنڌ جيڪا ماضي کان ريتن، رسمن کان ويندي پنھنجن قديم آثارن سان پڻ مالامال آھي، جيڪي سنڌ جي قديم ھئڻ جو ثبوت آھن. پاڪستان جو تمام وڏو ريگستاني علائقو ٿر جتي ريگستان آهي اتي ڪارونجھر جي ٽڪري کي اندر ۾ جاءِ ڏيڻ ۽ خاص ڪري سانوڻ جي موسم ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھين کي مزو پڻ مھيا ڪري ٿو، اھو ئي ڪارونجھر جبل جيڪو سنڌ کي قدرت طرفان مليل سونھن سچ ۾ ته سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آھي، اھو ڪارونجھر ئي آھي جنھن کي ڏسڻ يا ٻڌڻ سان انگريز سامراج سان مھاڏو اٽڪائيندڙ روپلو ڪولھي ياد اچي ٿو. اھو ئي ڪارونجھر جتي پھچڻ سان ڪجھ پلن لاءِ ڄڻ زندگيءَ جون سموريون خوشيون ملي وڃن ٿيون. سانوڻ جي ستن رنگن ۾ ڪارونجھر تي بلبل ڪندڙ مورن جون نچڪارون ۽ ٿر جي معصوم ٻارڙن جون برساتي خوشيءَ ۾ ٻاتڙيون ۽ مٺڙيون پڪارون به ڌنارن جون اوڇنگارن سان ڄڻ سموري ڌرتي پنھنجي حسن سان ٻھڪي پوندي آھي. اھو ڪارونجھر جيڪو نه فقط ھڪ جاءِ تائين محدود ناهي پر سنڌ جي محبوب شاعرن پڻ پنھنجي شاعري ۾ ان کي نوان نرالا رنگ ارپيا آهن. بدقسمتيءَ سان ھتان جي حڪمرانن پاران سنڌ جي اھا سونھن وفاق کي ليز تي ڏني پئي وڃي، جنھن تي سمورن سنڌ واسين کي خدشو آھي ته ڪٿي ھي ھمراھ سنڌ جي ھن قديم ۽ خوبصورت ڪارونجھر کي اڳيان ھلي ميساري نه ڇڏين.
رياض امر ٻجورو/سجاول
روئي سڏي روپلا  ڪارونجهر جي ڪور!
سنڌ ڌرتي جي قومي ورثي ۽ روپلي جي ديس جي قومي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل تي دجالي دور جي حاڪمن طرفان  وقت جي يزيدي ٽولي کي ليز تي ڏنو ويو آهي، جنهن جو ڪم لڳ ڀڳ تمام جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، صرف ورڪ آرڊر نڪرڻ بعد ايف ڊبليو او سنڌ جي قومي ورثي کي ڪٽڻ جو ڪم شروع ڪري ڏيندي، جي سنڌ جو شعور چاهي ته  سوشل ميڊيا تي سگهارو آواز اٿاري ڪارونجھر کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ واري ورڪ آرڊر روڪرائي سگهجي ٿو، سنڌ جي شعور کي پنهنجي ورثي جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ۽ يزيدي ٽولي کي واضح پيغام ڏنو وڃي ته ڪارونجهر جبل اسان جو قومي اهڃاڻ ۽ وقار آهي، ان جو سودو يا وڪرو ڪنھن به ريت قبول ناهي. اسان ڪارونجهر جبل جي بقا قومي فرض سمجهون ٿا ۽ سنڌي پنهنجي ورثي جو دفاع بخوبي ڄاڻن ٿا.
علي محمد کوسو/شهدادڪوٽ