ڪورونا صرف جمعي ۽ آچر تي ايندي آهي؟
سنڌ ۾ ڪورونا رڳو جمعي ۽ آچر جي ڏينهن ايندي آهي باقي ڏينهن ۾ موڪل تي هلي ويندي آهي، اي حڪرامون ڪجھه غريب پورهيت تي رحم جي نظر ڪيو،، توهان لاڪ ڊائون ڪندئو ته ڏيهاڙيءَ تي ڪمائيندڙ جو ڇا ٿيندو؟ ٻاهرين ملڪن مان حڪمرانن کي ته فنڊ ملن ٿا پر ويچاري خلقِ خدا جو ڇا ٿيندو؟ پوليس وارا حڪم جا محتاج آهن، جڏهن کين پيغام ملي ٿو تڏهن اچي شهر جو ڪنٽرول سنڀالين ٿا پر افسوس جو حڪمرانن رمضان شريف جو ڪٿي به ڪنٽرول ناهي ڪرايو.هاڻي قربانيءَ واري عيد ويجھي آهي، جيڪي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي شهر ويل آهن انهن کي واپسيءَ ۾ گھڻي تڪليف ٿيندي، حڪمران پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند ڪري ڇڏي آهي، لوڪل ٽرانسپورٽ ۾ واڌو ڪرايا ڀري هاڻي هو عيد ملهائڻ لاءِ پنهنجن ڳوٺن ۽ ماڳن تي موٽندا، آئون حڪمرانن کي گذارش ٿو ڪريان ته لاڪ ڊائون وغيره جا اعلان واپس وٺو ۽ غريبن کي زندگي جيئڻ جي اجازت ڏيو.
وفا اعجاز علي ميمڻ/پنگريو
هڪ غريب قيديءَ پاران مدد جي اپيل!
سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊويزن 2 جو غريب پڪو قيدي وزير ولد محمد حسن بروهي جيڪو گذريل 6 سالن کان قتل جي ڪيس ۾ سزا ڪٽي رهيو آهي، جنهن جي سزا پوري ٿي چڪي آهي پر سزا سان گڏ سندس مٿان قصاص لڳل آهي، تنهن ڪري هو سزا پوري ڪرڻ باوجود جيل ڪٽڻ تي مجبور آهي، مٿس ڏنڊ جي رقم 16 لک رپيا آهي، پئسا نه هئڻ ڪري هو جيل ڪٽي رهيو آهي. مير وزير بروهي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته آئون پنهنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد آهيان، آئون جيل کان ٻاهر ڪراچي ۾ محنت مزدوري ڪري گھر وارن جو پيٽ پاليندو هئس پر مون کي ٿاڻي دڙو تعلقو ميرپوربٺورو جي پوليس بيگناهه قتل ڪيس ۾ ڦاسائي ڪورٽ ۾ ڪوڙين شاهدين وسيلي سزا ڏياري بدين جيل ۾۽ بعد ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو آهي، مائٽ غريب هئڻ ڪري منهنجي ملاقات به بند آهي، جيل ۾ انتهائي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهيان، منهنجي جيل ڀيڙو ٿيڻ سبب گھر وارا فاقاڪشيءَ تي مجبور آهن. مير وزير بروهي چونڊيل نمائند، اين جي اوز وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ڏنڊ واري رقم ڀرڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي. مير وزير بروهي کان سواءِ اهڙا ٻيا به ڪيترائي قيدي آهن جيڪي ڏنڊ جي رقم نه هجڻ ڪري سزا ڪٽڻ باوجود واڌو قيد ڪاٽي رهيا آهن. اسان قيدين جي سمورن اعليٰ عهديدارن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه کي عرض آهي ته خدارا سنڌ جي مختلف جيلن ۾ سزا پوري ڪري ڏنڊ جي سزا ڀوڳيندڙ قيدين جي قانون موجب مدد ڪئي وڃي جيئن اهي قيدي جيل مان آزاد ٿي پنهنجي ٻچڙن سان وڃي سٺي زندگي گذارين.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
جيالا ۽ ڀتين کي به ڪن!
ان رات اوطاق تي ويٺي ٻه جيالا ڳالهائي رهيا ھئا، ھنن جيڪا روڊ بابت اچي ممڻ مچايو آھي ھاڻي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن ۽ روڊ واري ڳالھ تان ھٿ به نٿا کڻن، مظاھرا به سٺا ڪرايا اٿن، ماڻھن کي سجاڳ به ڪن پيا، لڳي ٿو اڳيان ھلي اسان جو پٽڪو ڌوڙ ٿيندو. ھا يار، چئين سچ ٿو! انھن سان گڏ ٻيا به پنج، اٺ سٺا نوجوان شامل آهن، جيڪي پڙهيا لکيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ته الائي ڪير ڪير آهن، جيڪي روڊ بابت پوسٽ رکن پيا، پاڻ سڃاڻون به نٿا! ھاڻ چون پِيا ته اسان جي پرامن جدوجهد جو نوٽيس نه ورتو ويو ته پنھنجي تڪ جي چونڊيل نمائندن جا جنازا کڻنداسين، پوءِ قصو الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ الائجي يار مون کي ته ڳالھ به سمجھ ۾ نه ٿي اچي! پاڻ واري يار کان فون ڪري ڪا صلاح وٺون ٿا ڇا ڪرڻ کپي اھو ڪجھ ادب ۽ سياست جو ڄاڻون به آهي ھمراہه يڪدم فون ڪڍي نمبر ملايو پريان پراڻي جيالي جو آواز آيو جي ادا، ھمراھن کي ڪيئن روڪجي ڪجھ صلاح ڏي ھمراھن ته صفا هٿ مان نڪري پيا وڃن؟ تون ھيئن ڪر پوسٽ لکي ٿو ڏياءِ پنهنجي تصوير سان گڏ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪر، پاڻھين پنھجي عمل جو ردعمل ڏيندا، پاڻ وري ھنن جون اسڪرين شاٽ وٺي پوسٽ لکنداسين، الزام هڻنداسين، ھي پڙهيل لکيلن جي ٻولي آهي ماڻهو ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪيڏانهن ويندا ۽ وڏيرو به پريشان آھي، ان کي به خوش ڪرڻ جو اھو ئي طريقو آهي! پر يار ھو جواب ته ڏين ئي نٿا ۽ نه ئي وري بحث ٿا ڪن جو اسان پنھنجي دانائي ڏيکاريون، ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪري منجھايون نه! بهرحال ٺيڪ آهي تون پوسٽ لکي موڪل، آئون شيئر ڪيان ٿو، پوءِ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. وري پراڻي جيالي يڪدم پڇيو توھان ڪٿي ويٺا آھيو؟ جواب مليس ته اوطاق تي، اسان ٻه ڄڻا ويٺا آھيون ٻيو ڪير ڪونهي، پراڻو جيالو سياڻو ھو يڪدم چئي ورتائين ٿورو خيال سان ڀتين کي به ڪَن ھوندا آھن.
مظھر مري/ ڀٽ ڀائٽي 
قسمين قسمين جانور!
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته جڏهن جانور ڇتو ٿيندو آهي ته پنهنجي گهر کان پاسو ڪندو آهي، يعني گهر جو بچاءُ ڪري ڌارين کي وڃي ڏاڙھيندو آهي، ڪجهه ڏهاڪن کان اسان جي ملڪ ۾ عجيب قسم جا قسمين قسمين جانور پيدا ٿي رهيا آهن، اهي عجيب قسم جا ٿيندا آهن، مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهي جانور ماڻهن جي شڪل جهڙا هوندا آهن، ماڻهن جيان چرپر ڪندا آهن، ھلندا گهمندا آهن پر هنن جي هڪڙي عادت بلڪل خراب آهي، جتي کائنيدا پيئندا آهن جڏھن طاقتور ٿيندا آھن ته اتي ئي زيان خوري ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اچو ته انهن جانورن جا قسم ڏسون ۽ پنهنجي آجپي جو سوچيون. پهرين قسم جانور ٿلها مچيل مواڙ پويون حصو ٻاهر نڪتل هوندو اٿن هي وڏا وڏا ٻيٽ کائيندا آھن، نڪ جا پڪا ڪنهن جي پرواهه ناهن ڪندام هلڻ ڦرڻ ۾ ڪجهه تڪليف محسوس ڪندا آھن، سست هوندا آھن. ٻئي قسم جا جانور ڏسڻ ۾ گنجا قد جا ڊگها زيبرا جهڙي شڪل جا هوندا آهن، ھي پهرين قسم جي جانورن جي ماتحت هلندا آھن، هي جنهن علائقي ۾ رهندا آھن اتان جي هيڻن، ڪمزور جانورن جي وسيلن،کائڻ پيئڻ جي شين تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، زيان خور ۽ گوشت خور هوندا آهن، اهڙا ٻيا به عجيب قسم جا جانور آهن ۽ اهي هڪ ٻئي جي ماتحت ۽ ھڪ ٻئي جي سهاري تي هلندا آهن. اچو پاڻ سڀئي جيڪي لٽيل، ڦريل ڌڪاريل پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تنگ ۽ بيوس آھيون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري زيانخور ۽ سماج دشمن، وطن دشمن جانورن جي نڙيءَ تي لت ڏيون ۽ خوشحاليءَ جو دڳ ڳولي پنهنجي نئين نسل کي ان تي روانون ڪيون، جيئن مستقبل ۾ ترقي يافتا ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي آئيندي کي روشن ڪريون، عجيب قسم جي جانورن کان پاڻ بچايون.
آصف علي/ڀٽ ڀائٽي
مسئلا حل ڪري عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي!
موجوده دور جي حالتن کان هرڪو واقف هوندو، مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي ته ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي عوامي ۽ علائقائي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي بجاءِ واڌ ٿيندي نظر اچي ٿي، اهي حالتون ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي موت پڻ بڻجن پيون پر ھن وقت جون حالتون غريبن سان گڏوگڏ هڪ سٺي طريقي سان زندگي گذارڻ وارن جي پريشاني جو سبب بڻيا آھن، هي مسئلا صرف منهنجي علائقي جا نه پر آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي جي هر علائقي جو مسئلو بڻيل نظر اچن ٿا، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو بنيادي مسئلو پاڻي جو مسئلو آهي، جنھن به علاقي ڏانهن وڃجي ته اهو مسئلو ضرور نظر اچي ٿو، انتظاميا هن مسئلي تي بلڪل خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي ٿي، پاڻي جو وڏو مسئلو آهي پاڻيءَ جو نظام صحيح نه هجڻ ڪري مسئلا سامهون اچي رهيا آهن ۽ انهي سان گڏوگڏ بجلي، گئس ۽ ٻين ڪيترين ئي زندگي ضروري شين ۾ گهٽتائي روز جو معمول بڻيل آھي، بجلي جي قيمتن ۾ جيئن اظافو ٿيندو آھي ته ان سان گڏوگڏ ان جي لوڊشيڊنگ ۾ اظافو نه ٿئي، موجوده حالتن ۾ عوام جي زندگي گذارڻ ايڏو ته محال ڪيو ويو آھي جو ٻن وقتن جي ماني کان سواءِ ٻيون شيون ناممڪن ٿيڻ لڳيون آھن، جنھن جو زندگي تي وڏو اثر پيو آھي انتظاميا کي گهرجي ته جيڪي به زندگيءَ جون شيون آھن هنن کي حل ڪري ته جيئن عوام جي زندگي گذارڻ ڪجھ حد تائين سولي ٿي سگهي ٿي.
احتشام الحق/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
کپرو جي مرڪزي روڊ ۾ ناقص مٽيريل جو نوٽيس وٺو!
کپري شهر کي قسمت سان مرڪزي روڊ ٺھڻ جو موقعو مليو آھي، جيڪو اتان جي رھواسين جو بنيادي حق پڻ آهي، کپرو شهر جي سانگهڙ روڊ تي ڊي ايس پي جي بنگلي کان وٺي ھٿونگو روڊ جي واٽر سپلاءِ پلانٽ تائين روڊ منظور ٿيل آهي، تنهن روڊ جو ڪم پڻ روايتن کي برقرار رکندي پئسا کائڻ جي چڪر ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪندي پڻ زور شور سان جاري آهي. اھو روڊ حددخلين جي ڪري تمام سوڙهو آهي، جتي ھڪ گاڏي بيھي پاسو ڏئي ٿي ته پوءِ ٻي گاڏي لنگهي ٿي، ھي روڊ  ٻيلي کاتي آفيس ۽ ٻين جڳهن تي ايترو ھيٺ آهي جو برساتن ۾ قدرتي ڊيم ٺھي پئي ٿو. پوءِ به انتظاميا کي ڪا پرواهه نه آهي، اتي ئي بس ٿورڙو پٿر وڇائي ڏامر ھاري خانا پوري ۾ رڌل آهن. خدارا اھڙو ڪم ڇو ٿا ڪريو جيڪو ھڪڙي برسات جي سٽ برداشت نه ڪري سگھي ۽ اکڙي ۽ لڙھي وڃي، پوءِ ويھي ھڪ ٻئي تي الزام ھڻجو. اسين کپرو واسي پنھنجي تڪ جي ايم اين اي ادي شازيا عطا مري ۽ روڊس کاتي جي اعليٰ عملدارن کي گذارش ٿا ڪريون ته ترت ئي ان ناقص ڪم جو نوٽيس وٺي مستقبل ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ نقصانن کان بچايو وڃي.
رئيس رحيمداد مري بلوچ/ کپرو
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ تبديلي جي ضرورت!
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ تبديلي جي ضرورت ان لاءِ آهي جو ڊگهو نصاب هجڻ سبب هر هڪ ھوشيار توڙي گهٽ ذهن وارا شاگرد ڪاپي جو سهارو وٺن ٿا، ان ڪري جو انهن کي خبر آهي ته اسان کي پيپر جا سڀئي پنا ڀرڻا آهن، تڏهن مارڪون سٺيون ملنديون نه ته فيل ٿينداسين. هڪڙو ھوشيار شاگرد به ڪاپي جهڙي موذي مرض ۾ ورتل آهي، اهو فقط ۽ فقط ان ڪري جو جيڪڏهن اسان ياد ڪري 12 سوال مان 8 سوال لکنداسين ۽ ٻيا ڪاپي ڪري سڀ سوال لکندا ته مارڪون انهن جو وڌيڪ اينديون، ان لاءِ هو هوشيار شاگرد به ڪاپي جو سهارو وٺي ٿو. بهتر آهي ته 12 سوالن بجاءِ 6 سوال رکيا وڃن ۽ ٿورو لکڻ سان مقصد بيان ڪرڻ سان مارڪون سٺيون ملن ته پاڻمرادو معاشري ۾ تبديلي ايندي ۽ هن موذي مرض کان اسان کي نجات ملندي. يونيورسٽي ۾ ايئن ٿيندو آهي، مقصد ٻڌايو، مارڪون سٺيو ملنديون پوءِ ڇو نه اها تبديلي آڻجي ۽ هڪ ٻي ضروري ڳالھ ته نصاب ۾ ڀٽائي سرڪار جو رسالو به پڙهايو وڃي ته جيئن ڇوڪرا لکڻي طرف متوجهه ٿين ۽ صحيح غلط جو شعور انهن ۾ اچي سگهي، سنڌي ٻولي جي چڱي ڄاڻ ملي، سنڌي جا سٺا ليکڪ ٿي وڃن پوءِ ضرور فرق ايندو ۽ اسين خوشي خوشي پنهنجي تياري ڪري پيپر ڪنداسين ۽ نمبر کڻنداسين.
يوسف غفور کٽي/چوهڙ جمالي‎‎
سچ وڏو ڏوهاري آهي!
ابا سچ تي بيٺو نچ، نه چاچا نه اهو توهان جو دور هو ۽ هي دور ڏاڍو اوکو آهي، سچ ڳالهائيندڙ سان دشمنيون ٿينديون آهن، ڪوڙ کي تاج پهرايو ويندو آهي، حضرت علي عليه سلام جو قول آهي ته ظلم ڏسي مذاحمت ڪريو، جيڪڏهن ڪجھ ڪرڻ جي سگھ رکو ٿا ته ڪريو نه ته دل ۾ چئو ته هي غلط ٿي رهيو آهي پر افسوس جو معاشرو بدڪار ٿي چڪو آهي سچ ڳالهائڻ ڏوھ آهي. تڏهن ته شيخ اياز لکيو آهي ته:
سَچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز اَول کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهين زهر پياريو ويو آ،
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ.
پر ان جي باوجود به سچ کي اڃا به عظمت حاصل آهي، ڀلي ڪيترو به سچ کي ڏوهري قرار ڏين. اسان باشعور عوام آهيون سچ چونداسين ۽ لکنداسين.
عل اصغر ڪنڀر/سجاول
سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس شفٽ ڪرڻ واري سازش بند ڪريو!
سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جنهن جي شروعات 2013ع ۾ ٿي، جيڪا مڪلي ٺٽي ۾ واقع آهي، جنهن کي ذاتي پنهنجي عمارت به ناهي، سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس ۾ سهولتن جي اڻهوند آهي. ايستائين جو هتي نه ڪا لائبريري آهي نه ئي گھڻا ڪلاس رومز آهن، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس کي وزير اعليٰ پاران پلاٽ به الاٽ ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس کي پنهنجي عمارت ناهي ملي. هاڻ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي لاءِ هڪ اها سازش ٿي رهي آهي ته سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس ڪنهن ٻئي جاءِ تي شفٽ ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اسان اهڙي سازش جي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس کي ٻئي پاسي شفٽ ڪرڻ جي هڪ ته خاص سبب اهو آهي جو سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس هميشه شاگردن کي علم ۽ شعور ڏنو آهي. ٺٽي ۽ سجاول ضلعي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هي ادارو جي ٻئي پاسي منتقل ڪيو ويو ته اسان روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل هونداسين. جي پوءِ به تعليم دشمن هي فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اسان سنڌ اسيمبليءَ اڳيان گڏ ٿي هڪ ڀرپور احتجاج ۽ مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان اهو مطالبو ٿو ڪجي ته اهڙا سنڌ دشمن فيصلا واپس ورتا وڃن.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور!
سنڌ امڙ ڪافي وقت کان بار بڻيل لکن جي تعداد ۾ پنجابي افغاني پٺاڻ سنڌ ۾ رهيا پيا آهن، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو سميت پوري سنڌ ۾ پٺاڻن جي لوڌ وڌندي پئي وڃي، آخر ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ذميوار اسان ئي آھيون، ڇاڪاڻ ته اسان پنھنجي ملڪيت کپائي انھن کي ٿا ڏيون، خدا کي مڃو پنهنجن شهرن جي مالڪي ڪيو، پٺاڻن کي پنهنجي ملڪيت ڪرائي تي يا وڪرو ڪري نه ڏيو، نه ته سڀاڻي اسين سڀ پڇتائينداسين. جعفر پٺاڻ شاھ حسين باءِ پاس تي چاليھ ايڪڙ زمين خريد ڪئي آھي ۽ ھاڻي اتي افغاني پٺاڻن کي آباد ڪري رھيو آھي، سنڌي ڀائرن کي عرض آهي ته اھڙو ظلم نه ڪيو، ھي افغاني پٺاڻ ھتي پلاٽ خريد ڪندا، جنھن کان پوءِ ھنن جو آرام سان ڊوميسائل ٺھي ويندو. ھاڻي پٺاڻن جو سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن تي ڏينھون ڏينهن قبضو وڌندو ٿو وڃي، پنجاب حڪومت پنهنجي صوبي جو تحفظ ڪندي افغاني پٺاڻن ۽ انهن جي ڪاروبارن تي بندش هڻي انهن کي واپس ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، پر افسوس سنڌ حڪومت ان مسئلي کي نظرانداز ڪري رهي آهي، جيڪو اڳتي هلي سنڌ صوبي تي وار ۽ سنڌي ماڻهن جي ملڪيتن، ڪاروبارن ۽ ملڪيتن جا دشمن ۽ اينـــدڙ نسلن لاءِ ناسور ثابت ٿيندا.
ثقلين حيدر/ رتوديرو
اعلى اخلاقن جون برڪتون!
دين اسلام ۾ جتي انفرادي عبادت ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آھي اتي سڀني ماڻھن سان سٺو ورتاءُ، نرمي سان ڳالهائڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ، ننڍن تي شفقت، ديني عالن جو قدر، خلق جي خدمت، يتيمن ۽ بي سهارن جي پرگهور، بيمارن جي عيادت، پنهنجن توڙي پراون ۽ مسلمانن توڙي اقليتن جي حقن کي ادا ڪرڻ، گهر وارن توڙي پاڙيسرين کي خوش رکڻ، سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ، تڪبر ۽ حسد نه ڪرڻ جي خاص تعليم ڏني آھي ته جيئن دنيا ۾ پرسڪون ۽ خوش گوار ماحول ۽ بهترين معاشرو جڙي سگهي. رب سائين به نرمي ڪرڻ واري ۽ سٺن اخلاقن واري کي پسند ڪري ٿو. نبي سائين جن اتم اخلاقن سبب اهڙو ته بهترين معاشري کي وجود بخشيو جيڪو قيامت تائين انسانن لاءِ مشعلِ راھ آھي. نبي سائين فرمايو ته رب سائين جو حڪم آھي ته هرهڪ سان عاجزي ۽ نوڙت سان پيش اچو، توهان ٻين تي فخر نه ڪريو، ڪنهن کي حقير نه سمجهو، ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ ڀلو سمجهو، تڪبر ۽ حسد کان بچو، تاريخ شاهد آھي ته اسلام مسلمانن جي غير مسلمن سان سٺي ورتاءَ ۽ انهن تي نرمي ڪرڻ سبب ئي ڦهليو آھي پر افسوس اڄ اسان جي اندر اها امتيازي صفت موجود ئي ناهي. اڄ هر طرف هر انسان پريشاني جي ور چڙھيل آھي ان جو بنيادي ڪارڻ اخلاقن جي کوٽ، تڪبر، حسد، بغض، پنهنجن کي، اولاد کي ۽ تعليم کي وقت نه ڏيڻ ۽ موبائيل تي وقت زيان ڪرڻ ئي آھي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پنهنجي اندر اخلاقن کي سنواريون، هرهڪ سان محبت، عاجزي ۽ نوڙت سان پيش اچون ۽ وقت جو قدر ڪريون ته جيئن اسان جي معاشري ۾ بهتري، سڪون ۽ نواڻ اچي سگهي، اخلاق جي برڪتن سان محبت، ڀائيچاري ۽ امن جي فضا قائم ٿئي.
قاصر محمد نواز نهڙي/ميرپورخاص
اسيمبليءَ ۾ کڄي آيل کٽ ۽ ڪفن!
اڃا عمر جوڀن جي سرحد کي نه ڇهيو هو، پاڙي جي هڪ گهر ۾ هر ٻئي ڏينهن ٻن عورتن جو وڏي آواز ۾ جھيڙو عجيب لڳندو هو. امان کان پڇيم، هي سڀ ڇا آھي؟ وراڻيائين هي سس ۽ ننهن جو جهيڙو آھي، چيم سٺو ٿيو امان في الحال ان جهيڙي کان بچيل آهي نه ته هتي به اهو تماشو هجي ها. امان وڏا ٽھڪ ڏنا چيائين ايئن به ناهي ته هر سس ۽ ننهن جو پاڻ ۾ جهيڙو هجي! هاڻ عمر جڏهن جواني جي سرحد کي ڇهي رهي آھي ته ڏسون پيا سس ننهن جو جهيڙو رڳو نالي چڙهيل آھي پر هن سماج ۾ هر ننڍي وڏي ڳالهه تي جهيڙو آھي. اسيمبليون جتي ديس وارن جي مقدر سنوارڻ لاءِ فيصلا ٿيندا آهن، اتي کٽون کڻي جهموريت جو علامتي جنازو ڪڍيو وڃي، کٽ ۽ ڪفن کڻي اسيمبلين اندر داخل ٿجي. جنهن ديس ۾ جنازي کي پار ڪرائڻ لاءِ پل نه هجي، ميت کٽ تي رکي جنازو پاڻي مان اڪاريندا هجن، جنهن ديس ۾ غريب جي پائڻ لاءِ تن تي ڪپڙو نه هجي، بک، بدحالي ماڻھن جون سموريون خوشيون کسي وٺي، ان ملڪ جا چونڊيل نمائندا جيڪڏهن ايوان ۾ ڏتڙيل ڏيھ واسين لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ بدران هڪ ٻئي لاءِ تماشو بڻجي وڃن ته پوءِ اهڙي ديس ۾  يقينن ڪفن به مهانگا ۽ جنازا به پاڻي اندارن ئي گذاريا ويندا. ڇا ڌرتي ڌڻي پنهنجي تڪ جي نمائندن ان ڪري چونڊيندا آھن ته هو اسيمبلين ۾ ويهي هڪ ٻئي تي چٿرون ۽ تنقيدون ڪن؟ ٿيڻ ته ايئن کپي جو مقدس ايوان ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي ماروئڙن ۽ سنڌي قوم جي مقدر سنوارڻ جا فيصلا ٿين، ڌرتي ڌڻين جي ڏکن، تڪليفن ۽ بنيادي حقن بابت ڳالهايو وڃي ۽ سندن بهتر مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي پر هن ديس ۾ هاڻي  ايوان ماروئڙن جي داد رسي ۽ حقن جو پليٽ فارم نه پر ڪنهن مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏي ٿو. ڪاش ايئن نه ٿئي جو اسان جو ايندڙ نسل تاريخ ۾ پڙھي ته مقدس ايوان ۾ ماروئڙن جي حقن بابت آواز اٿارڻ بدران هڪ ٻئي تي تنقيد ۽ هڪ ٻئي سان جهيڙا ڪيا ويندا هئا.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
سم نالي تان قبضا ھٽايو!
سجاول ويجهو سم نالي کي بااثر وڏيري بند ٻڌي بند ڪري ڇڏيو آهي، سم نالي تي پاڻي جي لوڊ وڌڻ ڪري آسپاس جون زمينون سيلاب جي ور چڙهي ويون آهن، سجاول برانچ ڊرين ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڊرين آھي جيڪا دڙو کان وٺي لکين ايڪڙ زمينن جون ڇنڊون سمنڊ ۾ نيڪال ڪري ٿي، جنهن ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي سم ناليون پڻ داخل ٿين ٿيون، آر ڊي 55 وٽ بااثر زميندار پنهنجا مڇي جا تلاءَ ڀرائڻ لاءِ سم نالي کي غيرقانوني ڳنڍ هڻي ڇڏيو آھي، جهن ڪري مٿئين پاسي پاڻيءَ جو شديد دٻاءُ آھي، آر ڊي 58 سجاول بٺورو روڊ تي پاڻي جي سطح ٻوڏ جهڙي آھي، ان سلسلي ۾ مٿئين پاسي جي آبادگارن موجب هڪ اڳ ئي پاڻي پاڇاٽو آيو آھي، جهن ڪري سارين جي پوک ۾ مهينو ڏيڍ اڳ ئي ليٽ ٿي چڪا آھيون ۽ ٻج اڃا تيار ئي نه ٿيا آھن، مٿان بااثرن پاران سم نالي کي بند ٻڌي اسان جون زمينون هٿرادو ٻوڙايون پيون وڃن. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سجاول برانچ کي لڳايل هٿرادو بند هڪدم ڪڍرائي سم نالي جي صفائي ڪري پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال ڪري زميندارن جي زراعت کي بچايو وڃي.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول