ڪراچيءَ جو قيدي!

(حصو ٻيون)

4 بي بند وارڊ ۾ 15 کوليون آهن جن ۾ رڳو تحريڪ طالبان، داعش ۽ بي ايل اي جا ليڊر رهندا آهن، انهن کي اُتي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت مليل ناهي، پرهڻون، لکڻون، کائڻو، پيئڻون سڀ ان 8 باءِ 8 جي غليظ کوليءَ ۾ ئي ٿيندو آهي. انهن 15 کولين جي وارڊ کي جهادي وارڊ به سڏيو ويندو آهي. حفيظ بروهي (بي ايل اي) جو ليڊر ۽ اسحاق شير عالم (جهادي) انهن پهرين ئي ڏينهن کان مون ي پنهنجي ويجھو رکيو. جهادي اسحاق جي هٿن جي چانهه ۽ ڀاڄي آئون ۽ رشيد ڏيٿو ڪڏهن به نه وسارينداسين. جهادي اسحاق ڪور ڪمانڊر واري مشهور ڪيس ۾ سزا ڀوڳي رهيو آهي، هو قاسم طوري جي جاچ ۾ هو باقي ڀائو حفيظ ڪجھه مهينن کان پوءِ آزاد ٿي ويو هو جنهن کي ماڙي مان ئي ايجنسي وارا کڻي ويا هئا، ڪي چون ٿا ته هو مري ويو آهي ۽ ڪِن جو خيال آهي ته هو اڃا ايجنسين وٽ آهي. ان کان سواءِ ڪاڪو اسحاق مسعود به هڪ سهڻون ڪردار هو منهنجي 4 بي جي ڊائري جو! ان جهاديءَ مون سان ان لاءِ دوستي رکي هئي ته جڏهن خراسان مان طالبانن جو لشڪر سنڌ ۾ ايندو ته ڀارت تي يلغار ڪرڻ لاءِ انهن جي رهنمائي آئون ڪندس. هو منهنجو برين واش ڪرڻ جي لاءِ مون کي پنهنجن عظيم جهادي ليڊرن جا قصا ٻڌائيندو هو، پر مون کي هُن جي ڳالهين تي کِل ايندي هئي، ڇو جو آئون آزاد خيال ۽ انسان دوست ماڻهو آهيان. آئون ڪنهن به غير مذهب کي نفرت جي نگاهه سان نٿو ڏسي سگھان، ڇو جو آئون قابل يا قنڌار جو باشندو ناهيان، هڪ عام سنڌ واسي ڇلگري ٻروچ آهيان جنهن جي رڳن ۾ سنڌ جو پاڻي رت بڻجي عزت ۽ غيرت جون ڇوليون ٿو هڻي. ڪاڪي جي ۽ منهنجي ياري هڪ روشندان مان هلندي هئي، جنهن کي هو هماليه واري ياري چوندو هو، رسي جي مدد سان اسان هڪ ٻئي کي ان روشندان مان کائڻ پيئڻ جو سامان ڏيندا وٺندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي کي خط وغيره به اُتان ئي روانا ڪندا هئاسين. کولي نمبر 8 واري ڪاڪي جو نظم

دیکھو دین کے حقیقی پاسباں آگئے

طالبان آگئے، طالبان آگئے۔

آئون اهو سموري زندگي وساري نه سگھندس، هُن جو ملڻ ۽ هٿ تي چمي ڏيڻ به آئون سموري زندگي ڪين وساري سگھندس.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي

کدڙن فقيرن لاءِ وفاقي شرعي عدالت جو فيصلو!

تاريخي طور تي کدڙن فقيرن جو وجود ڪيترائي هزار سال پراڻو آهي، خواجه سرا مظلوم ڪميونيٽي آهي، ڳالهه ڪجي ٿي وفاقي شرعي عدالت جي جنهن گذريل هفتي تاريخي ۽ وڏو فيصلو ٻڌايو، جيڪو فيصلو وفاقي شرعي عدالت جي جسٽس سيد انور ۽ جسٽس خادم حسين ٻڌايو، جيڪو کدڙن فقيرن جي بابت هو جنهن سان پاڪستان ۾ موجود ٽرانسجينڊر ڪميونٽي ۾ سخت قسم جي ڪيفيت نظر آئي پر ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي مرڪزي اڳواڻن وفاقي شرعي عدالت طرفان ٽرانسجينڊر ايڪٽ کي غير اسلامي قرار ڏيڻ ۽ ان جي لاڳو ٿيڻ تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو، جن چيو ته وفاقي شرعي عدالت ان فيصلي سان کدڙڻ فقيرن جي ڪميونٽي جي حقن جي لتاڙ ۽ ڀوڳ ڪيو آهي، شرعي عدالت جي فيصلي سان خواجه سرا ڪميونٽي تي ڪو به فرق نه پوندو پر انهن جي حقن جي تاڪيد ۽ تائيد ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري گهڻن خواجه سرا اڳواڻن ۽ تنظيمن فيصلي جو آڌرڀاءُ پڻ ڪيو آهي، ڪجهه جي چوڻ موجب ته حقيقت ۾ شرعي عدالت جي فاضل ججن وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ضرورت هئي، ڳالهه اها آهي ته جنس جي تبديلي انساني محسوسيات بنياد تي نٿي ڪري سگهجي، وراثت ۾ حصو کين جنس جي بنياد تي ملي سگهي ٿو، جنس جو تعلق Biological Sex سان آهي، يعني پيدائشي طور ميل يا فيميل، ٽرانسجينڊر ايڪت جي سيڪشن 2N، سيڪشن 2F، سيڪشن 3 ۽ سيڪشن 7 جي خلاف شريعت قرار ڏنو جنهن فيصلي ۾ چيو ويو ته اسلام ۾ خواجه سرا جو تصور ۽ ان بابت حڪم موجود آهن، کدڙا آئين ۾ موجود سڀ حق حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن، حڪومت جنهن جي پابند آهي، کدڙن کي طبعي تعليمي معاشي سهولتن سان گڏ سڀ حق ڏيندي کدڙن فقيرن ۽ ٽرانسجينڊر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ خواجه سرا اهي ماڻهو آهن جن ۾ ڪنهن پيدائشي مسئلي يا عارضي وغيره جي ڪري ان جا توليدي اعضوا مڪمل نه هجڻ ڪري ڪو ٻار مرداڻو جسم ۽ شڪل رکي ٿو پر طبي مسئلي جي ڪري اهو ڇوڪرو ناهي، ان جو جسم عورتاڻو به ناهي ته اهڙا سمورا نامڪمل توليدي اعضوا رکڻ وارا ٻار خواجه سرا، خثنا يا Inter Sex چورائيندا آهن، جن کي عام طور خسرو يا زنجو وغيره چيو ويندو آهي، ٽراجسنڊر اولانهون تصور آهي، جنهن ۾ خواجه سرا کي به شامل ڪيو پيو وڃي، يعني بايولاجيڪل سطح تي مخنث يا Inter Sex ۾ اهي ماڻهو اچي وڃن ٿا جيڪي مرد هوندي به عورت بڻجي رهڻ چاهن ٿا ۽ عورت هوندي مرد بڻجي جيئڻ جا خواهشمند هجن ٿا.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

اسان جي معاشري جي سونهن!

ٻار اسان جي معاشري جي سڀ کان معصوم ۽ پياري سونھن آهن ۽ ٻار جنهن جي دل ۾ ڪو حسد ۽ ساڙ ناهي هوندو، اهي ئي ٻار هن بيرحم سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون ڀوڳي رهيا آهن، ٻار اهو گلاب آهي جنهن کي اڪثر لتاڙيو وڃي ٿو، ڪٿي کيس جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار بڻايو ٿو وڃي ته ڪٿي ان کي اغوا ڪري ماريو ٿو وڃي. تازو ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻار سمرت ڪمار کي اغوا ڪيو ويو آهي جيڪو ھن وقت تائين بازياب ناھي ٿي سگھيو، جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا جي واقعن تي نظر ڦيرائجي ته انهن قصن سان ڪتاب ڀرجي ويندا پر افسوس آهي ته اسان جي حڪومت ھن وقت تائين ٻارڙن جي اغوائن کي روڪڻ جي لاءِ ڪو ڪارائتو قدم ناھي کڻي سگهي، جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته پنھنجي ٻارڙن جي سار سنڀال پاڻ ڪريو ته پوءِ ڇا اسان پنھنجا ٻار اسڪول پڙھائڻ ڇڏي ڏيون؟ غريب مسڪين ماڻھو ته پنھنجا ٻار اسڪول ڇڏي پاڻ مزدوري ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آھن پوءِ ٻارن جي سار سنڀال ڪيئن ٿي سگھندي؟ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ ٻارن جي جنسي زيادتي ۽ اغوائن جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي پڪڙي انھن کي اهڙي سزا ڏئي جو اڳتي ڪنهن جو ٻار اغوا نه ٿئي ۽ ٻارن جي اغوائن جي وارداتن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

سٺي تربيت جو ثمر!

نئين نوڪري جوائن ڪرڻ کانپوءِ آفس اندر اچڻ لاءِ جڏھن صاحب کان اجازت گھريم، اجازت ملڻ کان پوءِ صاحب مون کان آفيس اندر حال احوال بابت مونسان “تون” ڪري پئي ڳالھايو جنھن ڪري کيس سندس ئي تربيت موجب مان به صاحب سان “تون” ڪري پئي جواب ڏنا، جنھن سبب ھمراھ ڪاوڙ منجھان ڏمرجندي زوردار ڇنڊ ڏيندي مون کي چيائين تون نه! توھان چئون، ادب ۽ احترام سان ڳالھاءِ! تنھن تي معذرت گھرندي چيو ته معافي ٿو چاهيان! پر توھان به ته مونسان تون ڪري پئي سوال پڇيا! جنھن جي ڪري سان مان به ان حساب سان توھان آڏو پيش آيس. چيائين ته آئون وري به تنھنجو باس آھيان تنھنجو فرض آھي ته باس جي عزت احترام ڪر! ان کان پوءِ صرف صاحب نه پر ھر ڪنھن آڏو مان ادب احترام سان پيش ايندو ھئس، چاھي صاحب ھجي يا مون جيان عام ملازم! جڏھن ته مان سٺي اخلاق کي اوليت ڏيندي سٺي اخلاق سان پيش ايندو ھئس ته ھر ماڻھون جي نظر ۾ منھنجي ويتر عزت وڌندي وئي، پر صاحب کان به وڌيڪ آفيس ۾ ماڻھو منھنجي عزت ڪرڻ لڳا !تنھن ڳالھ تي ٿوري نظر ڦيرائيندي سوچيم ته واقعي سٺا ماڻھو عزت ادب اخلاق ڪرڻ وارا ئي سٺا ھوندا آھن، ادب احترام ڪرائڻ وارا نه! ھاڻ توھان پاڻ سوچيو ته وڏو انسان سٺي تربيت وارو آهي يا اعليٰ تعليم يافتا آفيسر؟ جيڪو عظيم تعليم جي زيور سان نوازيل هجڻ باوجود پاڻ ٻين لاءِ سٺي تربيت کان محروم ھجي!

مظھر علي ٻجورو/ٻيلو، سجاول

آخري هي ڇا پيو ٿئي!

سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جو درس ڏيندڙ آهي، سنڌ صوفين، اوليائن ۽ شاعرن جي ڌرتي آهي. ڀائنيون ٿا امن جي گهواري، صوفين جي ڌرتي سنڌ کي هڪ سوچيل ۽ سمجهيل سازش تحت قبيلائي جهيڙن طرف ڌڪيو پي وڃي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي علائقن ۾ ٻارن کي قلم ڪتاب بجاءِ هٿيار ڏنا پيا وڃن. ڳوٺ، اوطاقون ۽ وڻن کي ڏوهارين جون پناھ گاهون ۽ مورچا بڻايو ويو آهي، سنڌ سان ٻچاپڙائپ ۽ ٻھروپي ڪري سنڌين جو قتلام ڪيو پيو وڃي. ڪنڌڪوٽ ۾ ڪڪڙيون کڻي ايندڙ مزدا تي سوار ملڪ برادريءَ جي امير بخش کي قتل ڪري ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو. گهوٽڪي جي عدالت اندر پڻ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، معصوم هندو نينگر سمرت کي اغوا ڪري قيد رکيو ويو آهي. آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هاڻ ته ڪو ماڻهو پنهنجي گهرن اندر به محفوظ ناهي رهيو. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، جيڪب آباد، ٺل ۽ باهو کوسو نو گو ايرياز بڻجي ويا آهن. باهو کوسو، تنگواڻي، انڙ اسٽيشن جا روڊ رستا ويران ٿي ويا آهن، ماڻهن کي نه ڏينهن جو سڪون آهي ۽ نه رات جو ننڊ. شهري ۽ ڳوٺاڻا راتيون جاڳي پيا گذارين، ڏينهن جو گهران نڪتل ماڻهو حيران ۽ پريشان آهي ته هو شام جو سلامت پنهنجي گهر پهچي سگهندو به الائي نه؟ ڊيوٽي تي ويندڙ ڊاڪٽر، استاد، سرڪاري ملازم، مزدور، دڪاندار ۽ اسڪول ويندڙ شاگرد خوفزده ۽ هراسيل آهن ته هو ڪهڙي به مهل اغوا ڪيا ويندا يا ماريا ويندا، يا خير سان سلامت پنهنجي ٻچن سان هوندا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي شهرن سان اها ويڌن ڇو آهي؟ سرڪار ڏوهن، رتوڇاڻ، اغوائن ۽ بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڇو نٿي ڪري؟ آخر هي ڏوهاري ماڻهو ۽ قبيلائي جهيڙا ڪرائيندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو حڪومت کان ڏاڍا ڇو بڻيل آهن؟ انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي گڏجي ويهي پڪا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ۽ سنڌ جي سمورين سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست ڌرين کي به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ کي مقتل گاھ بڻائيندڙن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ امن، ڀائيچاري ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ کپن ته جيئن سنڌ جو اڳيون وجود، حيثيت ۽ وقار کي بحال ۽ برقرار ڪري سگهجي.

تبسم کوسو/ باهوکوسو

تعليم کاتي ۽ سکر بورڊ جي لاپرواهي، شاگردن جون حياتيون داءَ تي لڳل!

خيرپور ضلعو جيڪو سياسي، سماجي، ادبي ۽ آرٽ جي حوالي سان پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو، اُتي هي ضلعو کجين بابت به ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، کجي انهن علائقن ۾ ٿئي ٿي جتي گرمي گھڻي پوي ٿي. خيرپور ۾ اپريل کان گرمي شروع ٿئي ٿي جيڪا سيپٽمبر مهيني تائين لاڳيتو جاري رهندي آهي، ٽي ڏينهن اڳ خيرپور ڀرسان ٺيڙهي شهر جي ڊگري ڪاليج ۾ ٻٻرلوءِ جو رهواسي يارهين ڪلاس جو نوجوان شاگرد مهتاب علي پٽ قربان ميربحر فزڪس جو پيپر حل ڪرڻ دوران بجليءَ جي اڻهوند ۽ سخت ترين گرميءَ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽرن طرفان سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي، اهڙي واقعي تي حساس احساس ۽ دل رکندڙ ماڻهن طرفان انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ته مئي مهينو، جيڪو اونهاري جي موسم جو سخت ترين گرم مهينو هوندو آهي ان مهيني ۾ شاگردن کان صبح ۽ شام جي شفٽ ۾ ڌار ڌار پيپر ورتا پيا وڃن پر امتحاني سينٽرن ۾ بجليءَ جي فراهمي ۽ پيئڻ جي ٿڌي پاڻيءَ جا ڪي به جوڳا بندوبست نٿا ڪيا وڃن، جنهن جي ڪري اُهي شاگرد جيڪي سڄو سال محنت ڪن ٿا اُنهن کي به پيپر حل ڪرڻ ۾ انتهائي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيرپور ۾ گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول، گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج، گورنمينٽ ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول، ممتاز ڪاليج، گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنميٽ سينٽ ٿريساز هاءِ اسڪول سميت ٻين سرڪاري اسڪولن ۾ قائم ڪيل امتحاني سينٽرن جي ڪلاسن ۾ لڳل پکا به خراب پيل آهن، جيڪڏهن هڪ ڪلاس ۾ ٽي پکا لڳل آهن ته انهن مان ٻه پکا خراب آهن، ڪلاسن ۾ لڳل بلب به خراب پيل آهن، هتي اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته امتحانن کان سواءِ جيڪي ٻار انهن اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن اهي سخت گرميءَ دوران ڪهڙيءَ ريت تعليم حاصل ڪندا هوندا؟ هِتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مهتاب علي ميربحر جي فوتگي واري واقعي کان پوءِ تعليم کاتو يا سکر بورڊ انتظاميه امتحانن دوران شاگردن جي سهولت لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ اختيار ڪندي يا هميشه جيان معاملي کي نظرانداز ڪري وري ڪنهن ٻئي مهتاب علي جي موت جو انتظار ڪندا؟!

زبير سومرو/ خيرپورميرس

وحشي پڻو!‎‎

جڏھن انسانيت ۾ حيوانيت داخل ٿي ويندي آهي ته سڀ کان پھرين اها ان شخص جي ذھن کي متاثر ڪرڻ لڳندي آهي، جڏھن ان جو مقدار جمع ٿيندي وڌڻ لڳندو آھي پوءِ اھا حيوانيت منقل ٿيڻ لاءِ ايڪشن يعني عمل ۾ ۽ حرڪت ۾ اچي ويندي آھي، جڏھن اُھي حرڪتون فردن مان نڪري افرادن ۽ انفارديت مان نڪري اجتماعيت ۾ اچڻ شروع ٿين ته سمجهي وڃجو ته ڪو وڏو الميو جنم وٺڻ وارو آھي، شايد انسانيت ختم ٿي رھي آھي يا ڪا وڏو قحط برپا ٿيڻ وارو آھي، انساني تاريخ ۾ اھڙا وڏا وڏا سبق ڏيارڻ وارا داستان ملن ٿا، رتوڇاڻ، تباھ ڪاريون، ھٿ ڌرميون، ظلم ۽ انتھا پسنديون پر وحشي پڻي جا ڪئين قسم سامھون اچن ٿا. انھن ۾ عورتن جي تذليل، عزيزن ۽ والدين جي بي ادبي، ٻيون گھڻيون ئي ڪھاڻيون ٻڌجن ٿيون. انھن ۾ جنسي حملا حوس جي مريضن جا سمجھي سگھجن ٿا، ايئن ڌاڙيلن ۽ ڦورن جون ڳالهيون ھميشه ٻڌندا اچون ٿا پر انھن ۾ به ڪجھه قائدا ۽ قانون ڏسبا هئا، عجب روش دوران حال ۽ ھلندڙ دنيا جي وحشي پڻي ۾ ڏٺي سون. ڪجھه سالن کان معصوم گلن جھڙيون ٻچڙيون نياڻيون جن کي مختلف مذھبن به عزتون بخشيون آهن، اسان جي رھبر سائين خاتم النبي ﷺ جن ته ھڪ بيوه عورت کان وٺي ھڪ معصوم نياڻي کي ايترا ته حق ڏياريا آھن جن انسانيت جو قد ڪاٺ بلند ڪري ڇڏيو آھي، وڏي افسوس جي ڳالهه آھي ته اھڙا الفاظ چپن يا قلمن تي آڻيندي به شرم ٿو اچي ته انسان سڏائڻ کان بھتر آھي حيوان سڏائجي. ڳالھه کي اتي ڦٽو ڪرڻو ناھي، رڳو ھاءِ گھوڙا مقصد ناھي، ھي سڀ ھن جديد دور ۾ جڏھن انسان ترقيءَ جو دعويدار سڏائي ٿو، حقوق انسان جو ھر وقت علمبردار ڪوٺائي پيو، پوءِ ڪٿي غلطي آھي؟ جو اھڙا اذيتناڪ واقعا روز به روز ٻڌڻا پون پيا. ڇا ڪٿي ڪنھن تربيت جي ضرورت آھي؟ يا تعليم ۾ اھا اصليت نه رھي آھي جيڪا اسان جي معاشري جي معصوميت کي سڪون ڏياري؟ ايندڙ وقت ۾ والدين، درسگاھن ۾ تعليم ڏيارڻ کان وٺي راند روند پر ڪھڙن ڪھڙن هنڌن تي اولاد جي نظرداري ڪندا يا انھن جي پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ۽ نوڪري ڪندا، ھاڻ ته انساني چھرن مان وحشت پئي اچي، اسان ڇو نه پنهنجي معاشري ۾ موجود انھن انساني کوٽ جو اصل حل ڳولي ڪڍون، اھا تعليم ۽ تربيت جيڪا اسان کي ان رھبر انسانيت کان ورثي ۾ ملي آھي ان کان عملن دوري ته ناھي، خالي ڳالھيون ته ڪو نه بچيون آهن، رب پاڪ سگهه ڏئي انسان کي انسان ٿيڻ جي.

محمد بخش ٿهيم/ماڻڪ ٿهيم، سانگھڙ

جيءَ کي جھوريندڙ تنهنجو وڇوڙو!

اڄ وري تنهنجي يادن دل جي در تي دستڪ ڏنو آهي، ڳوڙھا اکڙين جا بند ٽوڙي چوماسي جي مينهن ڪڻين واگر نيسارا ڪري وهي رهيا آهن. پيارا امولک تنهنجي وڇوڙي کي ته پندرنهن ڏينهن مس ٿيا آهن پر اسان کي تنهنجو وڇوڙو صدين جو وڇوڙو لڳي رهيو آهي. ڪي وڇوڙا ۽ الميا اهڙا هوندا آهن جيڪي جيءُ جھوري ڇڏيندا آهن، جنهن لاءِ اکيون ڀِنل ڀونءِ جيان ٿي وينديون آهن ۽ اُهي وڇوڙا بلڪل نَه وسرڻ جھڙا هوندا آهن. پيارا امولک تنهنجو وڇوڙو به اسان لاءِ ڪنهن حادثي کان گهٽ ناهي. تنهنجا ڏنل ٽهڪ به ياد آهن، جيڪي تون تاڙي هڻي هر ڳالھ تي ڏيندو هئين. جيڪي ٿر جي ڀٽن ۾ پڙاڏو بڻجي فضا ۾ گونججي ويندا هئا. اسان کي تنهنجي اها مسڪراهٽ به ياد آهي. جيڪا تون ننڍڙي ڳالھ تي ذلفن کي آڱرين جي ڦڻي ڏئي مسڪرائيندو هئين. اسان کي تنهنجو اُهو رقص به ياد آهي جيڪو ونود ۽ وديش کي هٿن ۾ جھلي اڱڻ ۾ مور واڱر ٽهليندو هئين. تنهنجي يادن نيڻن کي نماڻو ڪري ڇڏيو آهي. پيارا وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين. توکي وسارڻ اسان جي وس ۾ ناهي. جسماني طرح ته اسان وٽ موجود ناهين رهيو پر تنهنجي چپن جي چانئٺ مان نڪتل لفظ، مسڪراهٽ، رقص ۽ ٽهڪ يادن جي صورت ۾ موجود رھندا.

ويرم نيتاڻي/ٿرپارڪر

اسان جي سماج ۾ سئنيما جو ڪردار!

سئنيما 20 صدي جي وچ ۾ ٺهي، سئنيما دنيا جي سڀ کان مُنجھيل، گڏيل ۽ قيمتي فن آهي. ان ۾ هڪ فطري صلاحيت آهي ته هو پنهنجي ناظرين کي ٿورڙي وقت ۾ جذبات جي ڄار ۾ وڪوڙي سگهي ٿو ۽ انهن کي ڏسڻ کان اڳ مختلف نقطه نظر حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪيترن سالن کان سئنيما سماج ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کان وٺي هڪ اعليٰ اُڏامندڙ ڪاروباري ماڻهوءَ تائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سئنيما ۾ سماج جو حصو نوان طول و عرض حاصل ڪري چڪو آهي. هڪ سوال ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپن جو آهي، جيتوڻيڪ هندستان جديد معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ دير سان شروعات ڪري چڪو آهي پر سئنيما سان ان جي ڪوشش اسان جي سماج ۾ هلندڙ واقعن موجب هئي. اڄ اهو هر سال فلمن جي وڏي تعداد جي پيداوار جي طور تي ظاهر ٿيو آهي. جيڪي انهن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه انهن کي ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي. اهي هڪ شاندار قسم جي خط و ڪتابت آهن ۽ هي خط و ڪتابت، ڪهاڻيون، سماجي حڪمن مان نڪتيون آهن ته اهو ڇا آهي ۽ ان جي ذريعي، اڃا به سماج ڪٿي آهي. فلمون ناقابل اعتبار آهن ڇاڪاڻ ته اهي مختلف ماڻهن طرفان مختلف طور تي سمجهي رهيا آھن. فلمون اسان جي سماج ۾ جيڪي مسئلا ٿيندا رهندا آھن انهن جو عڪس کي بيان ڪن ٿيون، ڪي فلمون اهڙيون آھن جن کي اسان ڏسي پنهنجا جذبات ڪونه ٿا روڪي سگهون، سئنيما اسان جي ثقافت کي وڏي انداز ۾ متاثر ڪري ٿو، اڃان تائين ڪنهن کي اهو موقعو استعمال ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ثقافت کي ان جي خراب اثرن کان بچائڻ لاءِ اسان جي سماج جي پسماندگيءَ تي روايتي علاج، دلت، عورتن، معذور، اسان جي ثقافت کي ترتيب ڏيڻ يا ان جي ابتڙ سئنيما تي لامحدود بحث کي وڌائڻ جي بدران مقصد سئنيما يا ٽي وي ٽيلي ڪاسٽ کي رد ڪرڻ نه پر پروگرامن لاءِ چونڊ ۽ چونڊيل هجڻ کپي. اسان جي آسپاس ۾ سئنيما جو لاڙو تمام گهڻو گهٽجي ويو آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪي فلمون يا سيريلز سوشل ميڊيا ذريعي هلن پيونم، ٻيو ته اڄ ڪلھ وقت جو به وڏو مسئلو آھي، ماڻهن پاران وقت بچائڻ لاءِ سئنيما ڏانهن رخ ڪرڻ به گهٽجي ويو آھي.

سنيل مالھي/ٿرپارڪر