جديد دور ۾ سوشل ميڊيا جي ضرورت ۽ ذميواريون

 

ٽيڪنالاجي جي ھن جديد دور ۾ سوشل ميڊيا تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، دنيا جي ڪل آبادي 7.6 بلين آهي، جنهن مان اربين ماڻهو سمارٽ فون جو استعمال ڪري رهيا آھن. سوشل ميڊيا هڪ سمارٽ فون تي ٻڌل ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا ورچوئل نيٽ ورڪ ۽ ڪميونٽيز جي تعمير ذريعي خيالن، سوچن ۽ معلومات جي حصيداري کي سهولت فراهم ڪري ٿي. سوشل ميڊيا انٽرنيٽ تي ٻڌل آهي ۽ ماڻهن کي مواد ۽ جلدي گفتگو فراهم ڪري ٿي. مطلب ڪتاب، وڊيوز، انٽرٽينمنٽ وغيره مختلف يوزرس ويب جي بنياد تي ڪنھن خاص سافٽ ويئر يا ايپليڪيشنن ذريعي ڪمپيوٽر، ٽيبلٽ يا سمارٽ فون ذريعي سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل رهن ٿا. آمريڪا جي هڪ ريسرچ ايجنسي مطابق 18 کان 26 سالن جا نوجوان گهٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت سوشل ميڊيا تي گذارين ٿا، جيڪي ڊجيٽل يوٽيوب تي آن لائن آهن، انهن ۾ 85 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ انسٽاگرام تي آن لائن نوجوانن جو تعداد 72 سيڪڙو آهي ۽ اھڙي طرح فيس بڪ تي آن لائن نوجوانن جو تعداد 71 سيڪڙو آهي. سوشل ميڊيا اسان جي زندگي ۾ گهڻو ڪجھ اثر وڌو آھي پهريان ماڻهو پاڻ ۾ گڏ ويهي ڪچهريون وغيره ڪندا هئا ليڪن سوشل ميڊيا کان پوءِ پري پري ۽ ان جو منفي نتيجو اهو آهي جو اسان جا ماڻهو هر روز ڪينهن نئين اشو جي تلاش ۾ رهي ٿو ته جيئن اسٽيٽس رکي سگهجي. ٻيو بنا سبب ڄاڻڻ جي ماڻهو هلندڙ ٽرينڊ جو حصو ٿي ٿا وڃن.

سوشل ميڊيا جا نوجوانن کي فائدا: سوشل ميڊيا ذريعي نوجوان دنيا جي ھر خبر کان باخبر رھي ٿو. نوجوان آن لائن رھي چون ٿا ته اهي سوشل ميڊيا تي نوان دوست ٺاهين پيا، سوشل ميڊيا جي ڪري ڪيترائي نوجوان مشهور ٿيا آهن، جن کي ٽيليويزن يا ريڊيو تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو نه مليو ته انھن نوجوانن پنهنجي صلاحيتن کي سوشل ميڊيا تي پروموٽ ڪيو. سوشل ميڊيا آمدنيءَ جا نوان رستا کوليا آهن. نوجوان يوٽيوب ۽ ٻين مختلف ايپليڪيشنن تان لکين رپيا ڪمائين ٿا. تعليم جي حوالي سان سوشل ميڊيا مان نوجوانن کي سوشل ميڊيا ھڪ اھڙو پليٽ فارم ٿي مليو آهي، جتان ھر قسم جا مھانگا ڪتاب، مختلف قسم جون اسڪالرشپ اينديون آھن انھن جو پڻ فائدو ملندو آھي. نوٽس، ليڪچر، اخبارون مفت ۽ آسان معلومات جا ذريعا ملن ٿا. هڪ سروي مطابق 59 سيڪڙو تعليمي ادارن اعتراف ڪيو آهي ته انهن جا شاگرد تعليمي مقصدن لاءِ سوشل ميڊيا جي مدد وٺندا آهن، ان سان گڏ 50 سيڪڙو اهي اسڪول تي بحث لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندا آهن.

سوشل ميڊيا جا نقصان: سوشل ميڊيا نوجوانن جي ذهني صحت لاءِ خراب به ثابت ٿي آهي، جيڪي نوجوان سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذاريندا آهن. اهي پريشاني ۽ ڊپريشن ۾ رھن ٿا ۽ ننڊ پوري نٿا ڪري سگهن، جنهن سبب اھي ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا، پوءِ انھن ۾ آپگهات جا خدشا ۽ رجحان پڻ وڌن ٿا. سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان ڏوهاري سرگرميون به ٿي سگهن ٿيون پر افسوس ته اسان جا نوجوان ڪيترين شين کان واقف ناهن. ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا جا فائدا به آھن پر نقصان به آھن ان جي ڪر اسان جي گھرجي ته اسان کان جيترو به ٿي سگهي ته سوشل ميڊيا تي گھٽ وقت گذاريون ۽ پنهنجي تعليم تي وڌ کا وڌ ڌيان ڏيون ۽ مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪريون. ھن وقت جي دور ۾ ماڻھو الائي ڪيترو پنھنجو وقت سوشل ميڊيا تي گذاريندا آھن جنھن جي ڪري ماڻھن جو پڙھائي کان رجحان ختم ٿي ويو جنھن جي ڪري الائي ڪيتري نوجوان نسل تباھ ٿي رھي آھي ڇو جو اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جو غلط به تي استعمال ٿي رھيو آھي. تنھن ڪري اسان کي سوشل ميڊيا جو سھي استعمال ڪرڻ گھرجي.

 

سنيل رتناڻي

 

معصوم ٻارن جو اغوا ۽ بي حس سماج

 

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اهو سماج اکين هوندي انڌو، ڪنن هوندي ٻوڙو ۽ زبان هوندي گونگو بڻيل آهي. هي سماج ايترو ته بي حس ٿي ويو آهي جو کيس معصوم ۽ ابهم ٻارن مٿان ڪا ڪهل نه ٿي اچي. ڪا جهٻي نه ٿي اچي. هن سماج ۾ رحم نالي ڪا شيءِ نه بچي آهي. تازو سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿي آهي ته هڪ معصوم ٻار کي اغوا ڪري ان جا هٿ پير ٻڌي سندس آڏو ماني رکي کيس مجبور ڪيو ويو ته هو تنگي واري حالت ۾ پيٽ قوت ڪري. اها ويڊيو ان ڪري ٺاهي وئي آهي ته هن سماج جي منهن تي دانگي ملجي ته توهان جي سماج ۾ معصوم گلن سان هي ڪار ڪئي ويندي آهي. اهي گل جيڪي هن ڪائنات جو سونهن آهن. هر گهر جا گل ۽ گلستان آهن، مسقبل جا معمار آهن انهن معصوم ٻارن کي دنيا جهان جي خبر به نه هوندي آهي يا ته کيس قتل ڪيو ويندو آهي يا اغوا ڪيو ويندو آهي. ٻارن جي اغوائن جون وارداتون سنڌ جي سمورن علائقن اندر معمول بڻجي ويون آهن، ڪو علائقو خالي نه آهي جتي ٻارن کي اغوا نه ڪيو ويو هجي. ماڻهن ۽ ٻارن اندر خوف پکڙجي ويو آهي، ماڻهن پنهنجي ٻارن کي گهران ڪڍڻ ۽ پڙهائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. تازو ڪنڌڪوٽ مان ٽن سالن جي هندو ٻارڙي سمرت کي اغوا ڪيو ويو آهي، ان ٽن سالن جي ابهم ٻار جو ڪهڙو ڏوھ هو جو کيس اغوا ڪيو ويو آهي؟  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل ويڊيو بابت چيو پيو ويو ته اها ويڊيو معصوم سمرت جي آهي جيڪو رهزنن وٽ سنگهرن ۾ جڪڙيل آهي ۽  پيٽ جي بک اجهائڻ واسطي جتن پيو ڪري، ۽ ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. پر والدين ترديد ڪئي آهي ته اها ويڊيو سمرت جي نه آهي، ڪنهن ٻئي ٻار جي آهي. پر هتي هي سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر ضرورت ڪهڙي آهي جو هڪ معصوم ٻار جا هٿ پير ٻڌي کيس تڪليف ۽ ايذاء ڏنو وڃي ٿو؟ انهن معصوم ٻارڙن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو کين اغوا ڪيو ويو آهي اهڙي ريت تذليل ڪئي پئي وڃي ٿي، منهنجو کانئن سوال آهي ته ابهم ٻارن اوهان جو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، ڇا هنن معصوم ٻارن کي ٽڙڻ ۽ جيئڻ جو ڪو حق ڪونهي؟ ڇا اهي انسان چئبا جيڪي معصوم ٻارن سان ظلم ڪن ٿا؟ ڇا وٽن معصوم ٻچا نه آهن؟ کين اولاد ڪونهي، سندن اکين مان ڇو ڳوڙها نه ٿا ڳڙن!! معصوم ٻارن جي هنن سان ڪهڙي دشمني آهي جو هو پنهنجو پلاند پاڙن ٿا، ۽ معصومن کي پنهنجي پيء ۽ ماءُ جي هنج کان دور ڪن ٿا. هي معصوم ٻار سوال ڪن ٿا ته هو ڇو پنهنجي شهرن اندر غير محفوظ آهن؟ ڇو گهٽين، اسڪولن، رستي ۽ گهرن ۾ سندن سر سلامت نه آهن، کين سرعام ڇو اغوا ڪيو وڃي ٿو، ساڻن ايترو ڇو ظلم ڪيو وڃي ٿو، اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جو هو بي خوف ٿي اسڪولن ۾ پڙھڻ ويندا. گهرن، گهٽين ۾ کيڏي سگهندا. ان سان گڏ هي سوال به پيدا ٿو ٿئي ته جيڪي ٻارن جون همدرد تنظيمون آهن انهن سندن تحفظ واسطي ڪهڙا اثرائتا اپاءُ ورتا آهن؟ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو جيئن ته ٻارن جي اغوائن جو ڳڙھ بڻيل آهي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور جيڪو امن جو گهوارو هو، چوڏس خوشبوء جي مهڪ ايندي هئي، هينئر ڪنڌڪوٽ ۾  رت جي بوء ٿي اچي. دهشت ۽ وحشت جو پرچار ٿو ٿئي ان ڪنڌڪوٽ کي ٻيهر امن، انصاف جو گهوارو بڻايو وڃي ۽ اغواڪارن، سندن گروھ ۽ نيٽ ورڪ کي نيست و نابود ۽ تباھ ڪيو وڃي، ته جئين ڪوبه ٻار اغوا نه ٿئي ۽ نه ئي ڪنهن ماءُ جي هنج خالي ٿئي.

 

تبسم کوسو/ باهو کوسو

 

رياست پهريان، پوء سياست

 

دنيا جي طاقتور ترين رياست هجي يا ڪمزور ترين رياست پر رياست رياست هوندي آھي. ان جون پنهنجو حدون هونديون آھن ۽ حدن اندر قانون ۽ رياستي سلامتي لاء ڪجھ ادارا به پڻ ھوندا آھن. ادارا رياست جا پلرز هوندا آھن ۽ پلرز جو مضبوط هجڻ رياست جي مضبوطي ۽ محفوظ هجڻ جو ثبوت هوندا آھن. ڪنهن به ملڪ يا رياست جي طئي ٿيل اصولن پويان ان جا ادارا هوندا آھن ۽ ڪجهه ادارا اهڙا به هوندا آھن جن جو چوويھ ڪلاڪ الرٽ ھجڻ ضروري هوندو آھي، جنهن ۾ فوج، مختلف ايجنسيز، قانون ۽ عدالتون، توڻي پرڏيهي معاملا يا سفارتي معاملن وارو ادارو پڻ شال آھن. هن جديد انفارميشن ۽  ٽيڪنالوجي جي دور ۾ جتي ڏيهي توڻي پرڏيهي صورتحال تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال تي اک رکندڙ ادارن جو الرٽ رهڻ ۽ مضبوط رهڻ ملڪي سلامتي جي نشاني پڻ ھوندو آھي. اسان پنهنجي ملڪ يا رياستي هيئيت ۽ جنهن جاگرافيڪل اسٽيٽس ۾ بيٺا آھيون اتي اسان جي ادارن ۽ ادارن جي لاڳاپيل سربراھ سميت عملي کي چوويھ ڪلاڪ سجاڳ رهڻ ۽ وقت کان اڳ حالتن کي سمجهڻ واري ڏاهپ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. بين الاقوامي مفاداتي جنگ سبب اسان هميشه ڌارين سان ته منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهيا آھيون پر الميو اهو به آھي ته اسان کي رياست اندر رياست مخالف جي شازش ۽ وري انهن جي سازشن کي به ڏسڻو پوي ٿو. گذريل هڪ وڏي عرصي کان ان حوالي سان اسان جي رياستي سلامتي وارن ادارن ۽ انهن جي سربراهن عالمي سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي چست ۽ وقت کان اڳ سوچ واري عمل کان ڪم ورتو آهي. جي نه ته وطن دشمن، قوم دشمن ۽ رياست دشمن کي سازش ڪرڻ ۾ آساني محسوس ٿئي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته اڄ ڪلھ واري ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ اهڙن هٿڪنڊن کي رد نٿو ڪري سگهجي جو هو سياست جي نالي تي رياست سان کيڏي رهيا آھن. هو پاڪ فوج ۽ پاڪ فوج جي سربراھ خلاف شوشل ميڊيا کان ويندي عالمي ميڊيائي منڊي ۾ جيڪي به غلط فهميون پيدا ڪن ٿا. هو اڃا تائين به عمران خان جي نالي تي ۽ عمران خان جي صورت ۾ سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا ۾ ملڪ،پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهن خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آھن. سي اين اين تي فريد زڪريا کي پري پلان ۽ طئي شده سوالن جي بنياد تي جيڪو عمران خان انٽرويو ڏنو آھي سو به ڄڻ ته ڪنهن عالمي سازش جو حصو پئي لڳو. اسان سمجهون ٿا ته رياست اندر جيڪو ڪجهه 9 مئي 2023 تي ٿيو ۽ سلامتي جي ادارن اندر گهڙي ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي هئي سا ڪنهن عالمي سازش جو حصو پئي لڳي. ان ڪري اهڙي حرڪت کي پوليٽيڪل موومينٽ قطعي به نٿو چئي سگهجي ۽ رياست هميشه پنهنجي شهرين کي ماء واري حيثيت ۾ تحفظ ڏنو آھي ۽ سلامتي وارن ادارن سان لاڳاپيل پاڪ فوج ۽ انهن جي نوجوانن ۽ سربراهن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي جيڪي شهادتون قبول ڪيون آھي اهو ئي سبب آھي ته اسان اڄ تائين رياست اندر آزاد شهري طور گهمي فري ۽ ڪم ڪري رهيا آھيون۔ پاڪ فوج جي شھيدن ۽ شهيدن جي قربانينسان جيڪا مذاق ڪئي وئي آھي سان بخشش جهڙي قطعي به ڪونهي. ملڪ جي وطن پرست، قوم پرست ڏاهي سياسي قيادت کي ملڪ لاء ۽ سلامتي جي ادارن جي بهتري ۽ سندن خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف اڳتي نڪري اچڻو پوندو. ٻي صورت ۾  عالمي مفاداتي معاشي ۽ سفارتي توڻي سياسي پس منظر ۾  سخت حالتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو.

 

رحمت الله ٻرڙو

 

سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن جي نانء“

 

محترم وزير تعليم ، سيڪريٽري ڪاليجز، سيڪريٽري اسڪولز ۽ سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن جي چيئرمين صاحبان کي سڪ ڀريو سلام قبول پوي. سائين منھنجا اوھين سڀ 24 مئي ٻہ ھزار ٽيويھ واري واقعي کان باخبر ھوندا جيڪو ڊگري ڪاليج ٺيڙھي ضلعي خيرپور ۾ ھلندڙ يارھين درجي جي ساليانہ امتحان دوران پيش آيو. جنھن ۾ ڪاليج جو ھڪ شاگرد مھتاب ميربحر سخت گرمي جي سٽ نہ سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان کان علاوہ ڪنب ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪسٽرنل جي ڊيوٽي ڏيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر داد محمد ڪٽوھر( انور پرديسي) پڻ گرميء جي لپيٽ ۾ اچي ويو جنھن جي حالت اڃا تائين نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. ھن اخبار جي ذريعي آءٌ اوھان سميت لاڳاپيل عملدارن کي مودباني گذارش ڪندس تہ ڪجھ سالن کان وٺي سنڌ سميت پوري دنيا اندر موسمن ۾ تمام گھڻي تبديلي اچي چڪي آھي. دنيا جي ترقي يافتہ ملڪ ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء معاشي طور مضبوط آھن پر اسين ان حوالي سان اڄ بہ گھڻو پوئتي آھيون. اسان جي تعليمي ادارن ۾ جديد قسم جون سھولتون بہ ميسر ناھن لھٰذا موجودہ صورتحال کي مدنظر رکندي ھاڻي اوھان کي پنھنجن ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ۽ ايندڙ سال مئي جون جي قھري گرمي وارن مھينن ۾ جتي50 ڊگري کان مٿي گرمي پد وڌي وڃي ٿو انھن مھينن ۾ ساليانہ امتحان وٺڻ جي بجاءِ وچٿري موسم ۾ يعني 15 فيبروري کان نائين ۽ ڏھين درجي جا ساليانہ امتحان وٺڻ گھرجن ۽ پھرين مارچ کان يارھين ۽ ٻارھين درجي جا امتحان ورتا وڃن. سيڪنڊري، ھائير سيڪنڊري ۽ ڪاليجز اندر ساليانہ امتحان جي پڄاڻي کانپوءِ پريٽيڪل ورتا وڃن. جيئن مستقبل جا معمار ۽ قوم کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪندڙ استاد صاحبان ڪنھن تڪليف کي منھن نہ ڏين ۽ ھو پنھنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائين. اميد ٿي ڪجي تہ  مٿي بيان ڪيل شيڊول تي 2024ع کان عمل درآمد لاڳو ٿيندو.

 

ستار سنڌي

 

ايم پي اي کان ايم سي ٻولھاڙي جو چيئرمين ٿيڻ تي سائين جن کي مبارڪون

 

اسين وڏا خوش نصيب آھيون جو اسان کي اھو چيئرمين مليو جيڪو اسان کي ايم پي اي ٿي ڪا به لاڀ نه ڏئي سگھيو. روڊ رستا جيڪي کنڊر ھئا اھي اڃا به ختم ٿي ويا پر اسان جي ايم پي اي صاحب روپئي جي بجيٽ لڳائڻ به مناسب نه سمجھيو. سائين جن جي دور کان وٺي اسين مسئلن ۾ جڪڙيل آھيون. اسين پنهنجا سور ڪنهن کي ٻڌايون؟ ووٽ جنهن کي ڏيون ٿا اھي اليڪشن کان پوء نظر ئي نٿا اچن. ضلعي انتظاميا سميت سڀ ادارا انهن جي چوڻ کان سواءِ ڪم نٿا ڪن اسان کي اميد ھئي ته اسان جو ايم پي اي صاحب منسٽر ٿيندو پر ابتو ٿي ويو. ايم پي اي صاحب قرباني ڏني عوام لاء ھن ايم پي اي جي سيٽ ٺڪرائي ڪائونسلر ٿي کٽي چيئرمين ٿيو جيئن عوام جي وچ ۾ رھي سگھي. سلام ايم پي اي صاحب کي ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ تي اسين ڏاڍا خوش ٿيا آھيون سائين کي ايم سي ٻولھاڙي جو چيئرمين ٿيڻ تي لک لک مبارڪون. ايم پي اي ھو ته ڪا به سھولت نه ملي پاڻي سيوريج روڊ رستا ڪجهه به نه، ھاڻي ڪھڙيون اميدون رکون خير پوءِ به اسان جي علائقي جو چيئرمين آ مالڪ ھدايت ڏئيس متان اسان اڃايلن کي پاڻي ڏئي. رب سائين کان دعا آهي ته اسان جي ھاڻوڪي چيئرمين صاحب جي دل ۾ رحم پيدا ڪري جيئن اسان کي صرف پاڻي مھيا ڪري سگهي ۽ اسان جون ٽينڪيون بحال ڪرائي ڏئي جيئن اسين غريب مسڪين ڏتريل عوام پاڻي پي چيئرمين صاحب کي دعائون ڏيون

 

عبدالستار لهر/ ٻولھاڙي

 

زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ آبادگار سراپا احتجاج بڻيل

 

ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ مھا ٻوڏ دوران واھن شاخن کي ڏنل ڪٽ بند نه ڪرڻ زرعي پاڻي جي کوٽ واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگار توڙي ھاري سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. آبادگارن ۽ ھارين جو چوڻ آھي تہ ڪڪول واه، رائيس ڪينال توڙي ٻين شاخن ۽ واھن کي کاٽي نه ڏني وئي آھي. ٻوڏ دوران ڪڪول واہ، سم شاخ ۽ ڪيترن واھن کي ڪٽ ڏنا ويا ھئا جيڪي پڻ بند نه ٿي سگھيا آھن ۽ نه وري ھن وقت تائين زرعي پاڻي پھچايو ويو آھي جنهن سبب آبادگار سخت پريشان بڻيل آھن. ٻوڏ دوران ساريالو فصل لڙھي ويو ھو ۽ ڪڻڪ جو فصل پڻ صحيح نه ٿي سگھيو جڏھن ته روينيو ۽ آبپاشي عملدارن جي نااھلي ۽ سستي سبب ھن سال به ساريالو فصل ٿيڻ مشڪل بڻجي ويو آھي. آبادگارن ۽ ايس يو پي ضلع دادو صدر سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، مجيد سوڍر، حبيب حضوري ،غلام شبير منگي ۽ ٻين پاران 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪڪول واه سميت رائيس ڪينال، شاخن ۽ واھن جي کاٽي ڪرائي غير قانوني ٿيل قبضہ ختم ڪرائي ٻوڏ دوران ڏنل ڪٽ بند ڪري زرعي پاڻي پهچايو وڃي ته جئين ساريالو فصل ٿي سگھي.

 

عبدالرحمن قمبراڻي / ميھڙ

 

ووٽ جو صحيح استعمال ‎

 

اسان  شروع کان وٺي سادڙا رھيا آھيون پھريان غلطي ڪري  پوء ويھي پيا ان تي روئيندا آھيون. ھاڻي ٻي پاسي ڪونه ٿا وڃون سڌو اليڪشن تي ٿا اچون ! اسان اليڪشن  وقت دھل تي پيا جھمريون ھڻندا آھيون. وڏيرن کي خوش ڪرڻ جي چڪرن ۾ ھوندا آھيون. ان وقت اسان کي برو ڀلو سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي. اگر ووٽ ڪرڻ وقت اسان ٿورو سوچ ويچار ڪريو ۽ ووٽ جو استعمال صحيح  ڪريون ته اسان گھڻو ڪجهه ڪري سگھون ٿا ۽ شايد پوء پنج سال ويھي روئڻو  به نه پوي. مسڪين ماڻهو ڪنهن پير ‘ مير يا ڪنهن ڀوتار سان وڙھي ته نٿو سگهي پر ووٽ جو صحيح استعمال ڪري پنهنجي مسقبل جي چونڊ بھتر ڪري سگهي ٿو. بس اسان کي ايترو ڪرڻو آ ووٽ ڪنهن  اھڙي اميدوار کي ڪجي جيڪو ڏک سک ۾ غريبن جو ساٿ ڏي جيڪو ووٽ جو حق ادا ڪري جنهن کان پنهنجو حق گھرڻو نه پوي. اسان ھميشا  وڏڙن جي چوڻ تي ڪنهن نه ڪنهن اھڙي اميدوار کي چونڊيندا آھيون جيڪو پنهنجي ووٽرن کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجھندا آهن انهن کي ڪجهه ڪڇڻ جي اجازت ناهي ھوندي بس انهن جي اڳيان گڏڙو ٿي رھڻو پوندو آ

 

زاھد گل مجيداڻو/ پيروسڻ