سکر جي تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي نانءُ!

محترم چيئرمين صاحب بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر گذريل سال 2022ع جي جولاءِ آگسٽ جي موتمار گرمي ۽ برسات وارن ڏکين گھڙين ۾ به سرڪاري ڪاليجن، ھائير سيڪنڊري توڙي خانگي تعليمي ادارن جا ميل ۽ فيميل استاد 50 کان 70 ڪلوميٽرن جا مفاصلا طئي ڪري ڳاٽي ٽوڙ ڪرايا، ڀاڙا ڀري مختلف ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن وستين مان اوھان جي پاران مقرر ڪيل اسيسمينٽ سينٽرن تي پھچي يارھين ۽ ٻارھين درجي جي مختلف سبجيڪٽن جي اسيسمينٽ يعني پيپرن جي چڪاس ڪئي آھي پر افسوس جو ھيڏو وڏو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود به اڪثر استادن کي اڃا تائين سندن معاوضي جي ادائيگي نه ڪئي وئي آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ٿيڻ تي ايئن گھرجي جو اسيسمينٽ جي آخري ڏينھن تي ئي سندس چڪاس ڪيل ڪاپين ۽ ٽي ئي اي، ڊي اي جو بل کين ادا ڪيو وڃي ها يا ڪجھ ڏينھن اندر ادا ڪيو وڃي ها پر ھاڻ لڳ ڀڳ سال گذرڻ وارو آھي ۽ اڪثر استادن کي چيڪ نه آھن مليا. ھن اخبار جي ذريعي آئون اوھان سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي به مودباڻي گذارش ڪندس ته يارھين ۽ ٻارھين درجي جي اسيسمينٽ جا رھيل چيڪ جلد کان جلد لاڳاپيل تعليمي ادارن ڏانھن موڪليا وڃن ته جيئن استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿئي ۽ اھي پنھنجن ٻچن کي عيد جي خريداري ڪرائي سگھن. منجھن پيدا ٿيل بي چيني ختم ٿئي هي بل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي رھيا پيا آھن. بورڊ انتظاميا کي گھرجي ته اھي استادن جا رھيل بل جلد کان جلد سندن ڪاليج ڏانھن اماڻيا وڃن ته جيئن استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿئي.

ستار سنڌي/ ڪنب

چمبڙ ۾ ھٿرادو مھانگائي جو طوفان ۽ ڳڀي لاءِ پريشان عوام!

رمضان شريف جي بابرڪت مھيني جي آمد سان گڏ ئي چمبڙ تعلقه جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھٿرادو مھانگائي پنھنجي عروج تي پھچي چڪي هئي، پورو رمضان جو مهينو روزمره جي غذائي شين جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪندا رھيا، فروٽس، سبزيون ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ منافعي خورن پاران ھٿرادو اضافو ڪيو ويو، مھانگائيءَ جي طوفان جي ڪري عوام جا ھٿ مٿي تي اچي ويا، سستين شين جي خريداري لاءِ عوام تمام گھڻو پريشان ٿيندو رهيو، وڏي افسوس جي اھا ڳالھ آھي ته ھتي دڪاندارن، ريڙھي وارن ۽ ٻين سڀني پنھنجا پنھنجا من پسند اگھ مقرر ڪري رکيا هئا، ھتي جانچ پڙتال جو ڪو به نظام موجود نه هو نه ئي اڄ ڏينهن تائين آهي ۽ جيڪڏھن ھڪ ڀيرو لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪرائي مڙيئي خانا پوري ڪئي وئي، جنھن ڪري مھانگائي ڪندڙن تي ان جو ڪو به اثر نه ٿي پيو، اسان اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ سان به مليا ھئاسين ۽ ڪيس مھانگائي بابت ٻڌايوسين پر ان جو به ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ھتان جي رھواسين ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو آھي ته هاڻ رمضان المبارڪ کان پوءِ چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھٿرادو مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي ته جيئن غريب عوام کي ڪجھ رليف ملي سگھي ۽ پنھنجي زندگي سڪون سان گذاري سگھن.

ارشاد لغاري/ چمبڙ

ملڪي موجودهه سياسي اٿل پٿل ۾ سنڌ جو عوام!

پاڪستان ٺھڻ بعد هي 76 هون سال هلي رهيو آهي، تاريخ جي مطالعي موجب پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد سنڌ وارن پيش ڪئي ۽ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني به سنڌ صوبي ڏني پر پاڪستان ٺھڻ بعد هن مهل تائين به سنڌ جو عوام ۽ خاص طور سنڌين سان ناروا سلوڪ ٿيندو پئي آيو، جو سنڌ جي هڪ جينيئس انسان وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي، جنهن جي خلاف سنڌ جي عوام ۾ ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿارين خلاف سخت نفرت جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان جي خلاف ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ پڻ هلي ۽ ان خلاف سنڌ جي ماڻهن خاص طور سنڌين ۾ ايتري ته نفرت هئي ۽ آهي جو اڄ ڏينهن تائين اهو نالو ضياءَ ڪير به رکڻ پسند ناهي ڪندو ۽ وري ان ئي جنرل هڪ سنڌي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو کي سندس سچائي سبب وزارت عظميٰ تان بنا ڪنهن سبب لاهي ڇڏيو ۽ ان کان بعد پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ سرعام شهيد ڪيو ويو، جنهن سبب سنڌي عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالھ ويهي وئي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي هن مهل تائين اسان سنڌين کي پاڪستاني ناهي سمجهيو ۽ اهي اسان کي پرائو سمجهي ايئن ئي بي يارو مددگار ماري رهيا آهن ۽ اسان جن سنڌين اسان جي وڏن وڌ ۾ وڌ قربانيون ڏئي پاڪستان ٺاهيو انهن لاءِ هي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌين جي دلين ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف ويتر ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ سنڌين ٻين سڀني پارٽين کي ڇڏي پاڪستان پيپلزپارٽي کي پنهنجي همدرد پارٽي سمجهي ان جو هميشه لاءِ ساٿ ڏيڻ جو پڪو پھ ڪيو ۽ ان وقت پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اقتداري ڌرين سان ڳالھ ٻولھ بعد “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻي انهن سان ٺاهه ڪري پنهنجي اقتدار لاءِ راه هموار ڪئي ۽ ايئن سنڌين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو ۽ پ پ پهريان وفاق ۽ صوبن ۾ ۽ بعد ۾ لاڳيتو 15 سال هن مهل تائين سنڌ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي ٿي اچي ۽ ٻيون پارٽيون جن ۾ نواز ليگ پي ٽي آءِ اهو چئي سنڌ ۾ ڪو به ڪم نه پيون ڪن ته سنڌي ته هونئن ئي پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن. سنڌ واسي هن ڀيري جذبات کي ڇڏي ميريٽ تي ووٽ ڏيندا ۽ اهڙا نمائندا چونڊيندا جن لاءِ اڳتي هلي اسان کي ڪا پشيماني نه ٿيندي پر جيڪڏهن هن ڀيري به اسان اڳ جيان پراڻي ڊرامي تي هلڻ تي جذبات جي وهڪري ۾ وهي ساڳين ڪرپشن جي ماهر نمائندن کي چونڊيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

محمد خالد ميمڻ/ڦل شهر

انسانيت لڄائيندڙ خبر!

ميھڙ لڳ ڳوٺ علي مردان جتوئيءَ ۾ هڪ وڏو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي، ڳوٺ علي مردان جتوئي جي رھواسڻ مسمات سڪينه جتوئي پنھنجي ڀاءُ امام علي جتوئي موجب سندس سھرو الله بخش جتوئي گذريل چئن سالن کان ساڻس زيادتي ڪندو ٿو اچي ۽ ان سان گڏ هو سنس ڏير به ساڻس زيادتي ڪئي آھي، هن دانهيو ته مون غريب مسڪين نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ميھڙ پوليس اھڙي اين سي داخل ڪري ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي. اسان ان کان اڳ اهڙا واقعا نه ٻڌا نه سُڻيا، هي ڪهڙي قوم جا انسان آهن جي پنهنجي نگن ۽ نياڻين مان به نٿا مڙن، اسان کي حيرت ٿي ٿئي اهڙي معاشري تي ۽ ان معاشري جي اهڙن فردن تي، جن جانورن کان به ڪين گھٽايو آهي. خدا تعاليٰ جي فرمان موجب جڏهن ههڙا ڪم ٿيندا ته آسمان ڏرندي دير نه ڪندو ۽ قيامت اچي ڪڙڪندي. خدا کان دعا آهي ته اهڙن جانور نما ماڻهن کان سان جي سونهاري سنڌ جي معاشري کي محفوظ رکي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٽيون ۽ آخري)

هن کي مون اي ڪلاس جو قيدي بڻائي ڇڏيو، ڪم وارا ٽي ٽي مشقتي هن جي اڳيان پويان هوندا هئا، هو جيل جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھمندو ڦرندو وتندو هو، پهريان ٻيا قيدي کولين ۾ قيد ٿيندا هئا پوءِ هن جو کوليءَ ۾ بند ٿيڻ جو نمبر ايندو هو. هن کي چانهن ۽ کاڌو به اي ڪلاس وارو ملندو هو، ۽ کيس روزانون کير پيئڻ جي لاءِ ملندو هو، هو جيڪو به ڪنهن سپاهيءَ کي ڪم چوندو هو اهو فورن کيس ٿي ملندو هو، هو جڏهن به ڪو خط لکندو ته اهو مان رات جو دير دير تائين جاڳي ان کي فيئر ڪندو هئس، هن کي پيرا ليگل جو سرٽيفڪيٽ به ڏياريم،  هن کي ادب پڙهايم ۽ بدلي ۾ هن منهنجي سڀني دوستن سان ڦٽايو، منهنجا ٻين ويجھن دوستن سان جھيڙا جھٽا به ڪرايا، هن مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، جنهن جي ڪري اڄ هو جيل جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو آهي ۽ مان ٻي ڪنڊ ۾ ويٺو آهيان. برسات اڄ وري ورزش جي دوران شروع ٿي وئي، مون ڪلهن ۽ بائسپس جي سخت ورزش ڪئي، گاجن چانڊئي وارن سان تمام گھڻي ڪچهري ٿي. اسان جي ڪچهريءَ جو اڄوڪو موضوع ڀوت ۽ چڙيلون هيون. منظور ڪانڌڙي ۽ خان چاچي کان سواءِ گاجن ۽ عابد به جنن جون پيرائتيون ڪهاڻيون ٻڌايون جيڪي اسان به وقت ڪاٽڻ جي لاءِ مزي سان ويهي ٻڌيون. هينئر عابد شي ۽ رمضان ڏاهاڻي بي پرواهيءَ سان ڪو ڊرامون ڏسي رهيا آهن ۽ مون کي پياري اسد ۽ پرينءَجي تمام گھڻي ياد تڙپائي رهي آهي. آئون ماما شير خان ڇلگريءَ سان ملڻ لاءِ تمام گھڻو بيچين لڳو پيو آهيان. ٻاهر چمبيليءَ جا اڇا سُهڻا گُل هوا ۾ مست ٿي جھمريون هڻي رهيا آهن ڄن ڪو ها پيو چئي ۽ ڪو نه پيو چئي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (22 آگسٽ 2022 شام جا 06:58 وڳا)