جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو پهريون)

پرينءَ جي موڪليل فروٽ سان نيرن ڪئيسين. ڳوٺ جي مائي صغرا ڳوٺ جي ماڻهن کي چوندي آهي ته جي آصف غلام رسول ڇلگري جھڙو پيارو رنگ روپ توهان کي کپي ته باقاعدگيءَ سان پنير جو استعمال شروع ڪيو. اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ۽ کِل به آئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي ته منهنجي رنگ روپ جون ڳوٺ ۾ مثال ڏنا ٿا وڃن ٻيو کِل ان ڳالهه تي آئي ته آئون پنير کان صفا ٺهندو آهيان، ها ننڍپڻ ۾ متان جيجي امان ڪجھه پنير استعمال ڪرايو هجي. منهنجي جيل ڊائريءَ جا ورق اخبار ۾ شروع ٿي ويا آهن. عابد ۽ ڏاهاڻي اخبار ۾ پنهنجا پنهنجا نالا ڏسي ڏاڍا خوش آهن. عابد مون کي چيو ته محبت انسان کي هميشه رنگ لائيندي آهي. منهنجي ڊائريءَ جا ورق ايڊيٽر صاحب تائين نٿي پهتا ته مون ڪوشش جاري رکي، هڪ ڀيري محنت زيان ٿي وئي، مون ٻيهر لکيو، وري ضايع ٿيو، مون تِهر لکيو پر هار مڃي ويهي نه رهيس ڪوششون ڪندو رهيس، اهو سبق مون کي ننڍپڻ کان ئي مليل آهي، آئون ٿڪبو ناهيان، منهنجو ڪ استاد چوندو هو ته ڪڏهن به هار نه مڃجانءِ، اهو جملو ڄڻ ته ٺهيو ئي آصف ڇلگريءَ جي لاءِ آهي. آئون سمجھان ٿو ته هاڻ منهنجي جيل ڊائريءَ جا ورق ختم ٿيڻ وارا آهن ڇو جو منهنجي آزاديءَ جو پروانو به اچڻ وارو آهي. مون کي منهنجي جيل جي ڊائريءَ جي ورقن جي ڪري جيڪا سنڌ جي عوام عزت ۽ موٽ ڏني اها آئون مرڻ گھڙيءَ تائين نٿو وساري سگھان. گفٽ مليا، پيارا ماڻهو لڙي جيل آيا ۽ انهن سان سڳن مائٽن جيان رشتو ٿي ويو، مون کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خط اچڻ لڳا. دوست جيڪي وسري ويا هئا اُهي اخبار پڙهڻ کان پوءِ مون ڏانهن واپس موٽي آيا ۽ انهن منهنجي مالڪي ڪئي ۽ هو آصف غلام رسول ڇلگريءَ جي دوستي ۽ ياري تي فخر ڪرڻ لڳا. جيڪو 14 ورهين کان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بيڏوهي قيد آهي! آئون اهو سمورو ڪريڊٽ سڀ کان پهرين محترم سائين علي قاضي صاحب ۽ اُن جي محنتي ٽيم کي ڏيندس، جنهن اسان کي ۽ اسان جي لکڻين کي مان ۽ عزت ڏني، اسان کي روزاني پنهنجي اخبار ۾ جاءِ ڏني ۽ ان سان ئي منهنجو حوصلو وڌيو ۽ مون رات ڏينهن جون پنهنجون گذرندڙ گھڙيون قلم بند ڪري عوام تائين پهچايون. مون ٻين قيدين کي سجاڳي ڏني ته اهو ايڏو ڏکيو ناهي جيڪڏو توهان ان کي سمجھي رهيا آهيون.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

سنڌ ۽ پنجاب پوليس جو گڏجي آپريشن وارو فيصلو!

 

ملڪ ۾ ناانصافي، بدامني، چوري، ڌاڙا ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جھڙا واقعا ھر ھنڌ کان رپورٽ ٿيندا رھن ٿا، تنھن باوجود به پوليس پاران ڏوھن تي ڪنٽرول ۽ خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي جيئن امن امان ممڪن ٿئي، ڳالھ ڪجي آءِ جي پوليس سنڌ جي، جنھن پنھنجي صوبائي پوليس چيف جي چارج وٺڻ شرط ان ڳالھ جو پڪوپهه ڪيو ته صوبي ۾ ڏوھن تي ڪنترول ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ وسان نه گھٽائيندو، جيڪا ڳالھ ساراهه جوڳي آھي. اھو ان سلسلي ۾ پنھنجي ماتحت ھر ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس ڪمانڊرن کي ھدايتون جاري ڪندو رھي ٿو ته ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڏوھ ڪندڙ عنصرن جي خاتمي لاءِ سنڌ پوليس حرڪت ۾ رھي ٿي، جنھن لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن پڻ سنڌ پوليس پاران جاري آھي. ڏٺو وڃي ته نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب ۾ به ساڳي بدامني واري صورتحال آھي، جنھن لاءِ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور به ان حوالي سان گھڻي کان گھڻو متحرڪ آھي، جنھن به ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ھميشه امن و امان جو مسئلو رھيو آهي، پنجاب جا ڏوھ ڪندڙ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ پناھ وٺندا ۽ ڏوھ ڪندا آھن. سنڌ ۾ ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران ڀنگ لاءِ اغوا جھڙيون وارداتون معمول بڻيل آھن. رحيم يار خان، صادق آباد ۽ راجن پور واري ڪچي علائقي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي حڪم تي ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن ڪيو ويو، جنھن ۾ پنجاب پوليس جي 11 ھزار کان وڌيڪ نفري ۽ آفيسرن حصو ورتو جنھن، ميگا آپريشن کي پاڻ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور پاڻ فرنٽ مين ڪمانڊ ڪئي جنھن آپريشن تي ڏکڻ پنجاب جي ماڻھن خوشي جو اظھار ڪيو جيئن امن امان برقرار رھي، ڳالھ اھا آھي ته ڏوھ ڪندڙ ماڻھو صوبائي حد کان فرار ٿي محفوظ ھنڌن پناھ وٺندا آھن، جنھن لاءِ پنجاب پوليس ڪچي واري علائقي کي ڪليئر ڪرائي پوليس چوڪيون قائم ڪري رھي آھي، جنھن لاءِ سنڌ ۽ پنجاب پوليس گڏجي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آھي جيئن بدامني جو خاتمو ٿئي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

حادثن جي ور چڙھيل ضلعو ٽنڊوالھيار!

 

جيتوڻيڪ ٽنڊوالھيار ضلعو سنڌ جي سهڻن شھرن ۾ شمار ٿيندڙ ضلعو آهي پر انتھائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ضلعي انتظاميا جي بدتر ڪارڪردگي ڪارڻ ٽنڊوالھيار ضلعي جو عوام ھر گھڙي ڪنهن نه ڪنهن زندگي جي ذلالت کي منهن پيو ڏيندو آهي. اسان ھنن ئي ڪالمن ۾ سنڌ سرڪار سميت ٽنڊوالھيار جي ضلعي انتظاميا کي گذارشون ڪندا رھيا آھيون ته خدارا ضلعي ۾ وڌندڙ روڊ حادثن طرف به ڌيان ڏيو. ھي ھر روز شھر جي ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي انساني جانيون زيان ٿي رھيون آهن پر افسوس! جو انتظاميا کي “جي حضوري” ڪرڻ کان ئي شايد ڪا واندڪائي نٿي ملي جو کڻي شھر ۾ ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪري ۽ شھر جي ڳتيل علائقن سميت خطرناڪ حادثاتي ھنڌن تي ٽريفڪ جي بھتر روانگي لاءِ ڪي قدم کڻي. تازو ٽنڊوالھيار شھر جي باءِ پاس نصرپور روڊ وٽ تيز رفتار ڪوچ موٽرسائڪل مٿان چڙھڻ جي نتيجي ۾ شاگردن سميت 5 معصوم انساني زندگيون انتظاميا جي نااھلي سبب اجل جو شڪار ٿيون. ھنن معصوم انسانن جي ھن حادثاتي موت جو ذميوار آخر ڪنهن کي ڄاڻائجي؟ افسوسناڪ ڳالهه اھا آهي ته جتي چئني طرفن کان ايندڙ ٽريفڪ ۽ اھا به اھم باءِ پاس واري جڳھ وٽ اتي ٽريفڪ جي بھتر روانگي لاءِ فلاءِ اوور ھجڻ ته ٺھيو پر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو اھلڪار به نظر نٿو اچي. چمبڙ روڊ تي واقع چمبڙ ناڪو رش سبب ھر وقت بلاڪ رھڻ ڪري شھرين لاءِ عذاب بڻيل آهي. ضلعي انتظاميا نه ڄاڻ ڪٿي اگھور ننڊ ستل آهي. ٻئي طرف ٽنڊوالھيار جو عوام ٽريفڪ جي ھن بدتر نظام ۽ انتظامي نااھلي سبب ھر گھڙي موت جي منهن ۾ آهي. ضلعي ۾ ڪو ھي پھريو افسوسناڪ حادثاتي واقعو ناهي جو اڃا به انتظاميا کي ڪا سڌ ئي نه ھجي ته ۾ ھي معمول بڻيل روڊ حادثن ڏانهن به غور ڪجي. ان کان اڳ به ٽنڊوالھيار ٽو چمبڙ روڊ تي نه ڄاڻ ڪيتريون انساني جانيون انهن حادثن جي ور چڙھي چڪيون آهن. ھڪ ڀير ٻيھر سمورن صوبائي توڙي ضلعي اعليٰ انتظامي عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا شھر جي سمورن باءِ پاس روڊن وٽ گڏجندڙ مختلف روڊن مٿان فوري طور فلاءِ اوور ٺھرائڻ سان گڏ ھن بدتر ٽريفڪ نظام کي بھتر ڪيو وڃي جيئن شھر جو عوام معمول بڻيل ھنن روڊ حادثن سبب موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچن.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

سچ چوڻ ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ سان سڪون ٿو ملي!

 

سچ چوڻ لاءِ جگر جي ضرورت ھوندي آهي، اھو ھر ڪنهن وٽ ناهي ھوندو، سمجهه ۾ ڳالهه نٿي اچي ته اڪثر ماڻهو ڪوڙ به اھڙي انداز سان ڳالهائي ويندا آهن جو اھي شرمندا به ناهن ٿيندا ۽ اندر جو ضمير به ھڪل نٿو ڏئين، جيڪڏهن ڪو سچ ڳالھائي ته ان کي ڪوڙ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل اٿن، اھڙن ماڻهن کان رب بچائي. آئون سچ جو ساٿاري آھيان، سچ پسند ۽ سچ ڳالهيندو آھيان، سچ ڳالهيندو رھندس، ڀلي سر ھليو وڃي پر مون کي حيرت ٿيندي آهي ڪجهه ماڻهن تي جيڪي پاڻ ته سچ ڪڏهن نه ڳالھائيندا آهن پر ٻين کي به سچ کان روڪيندا آهن، اھو به خبر اٿن ته ڪوڙن تي خدا جي لعنت وسندي آهي پر پوءِ به سچ نه ڳالهائيندا آهن، زندگي چار ڏينهن جي آهي، خدارا سچ ڳالهايو، سچ ڳالھائڻ وارن جو ساٿ ڏيو، ڪنهن اٻوجھ بي پھچ مسڪين ماڻهو جي مٿان به ظلم نه ڪيو، ان جو ساٿ ڏيو، ان جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ان جي مدد ڪيو، آخرت ۾ اھي شيون کٽائينديون آهن، جيڪي سچ جي واٽ تي آهن، انهن تي تنقيد ٽوڪون ڪرڻ بدران انهن جو ساٿ ڏيو.

 

عبدالستار لھر/ ڄامشورو

 

اقليتي برادرين جو مذهب تبديل ڪرائڻ وارو رواج!‎‎

 

پاڪستان ۾ مذهبي اقليتي گروهن سان تعلق رکندڙ عورتن جي لاءِ حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون آهن، جنھن ۾ ريپ، اغوا، جبري شادي ۽ جبري مذهب مٽائڻ جھڙا عمل شامل آهن. ان ۾ گهڻو تعداد ننڍي عمر وارين ڇوڪريون جو آھي، ڇاڪاڻ ته انھن جي ذھن سان کيڏڻ تمام سولو ھوندو آھي. 2016ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان جبري مذهب مٽرائڻ خلاف بل اتفاق راءِ سان پاس ٿيو هو پر مذهبي جماعتن، مذھب جي تبديليءَ لاءِ عمر جي حد مقرر ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. سنڌ ۾ ننڍي عمر جي هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائڻ جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ هڪ سياسي، مذهبي اڳواڻ ۽ مرڪزي ڪردار پير عبدالخالق (ميان مٺو) پاران ڌرڻو هنيو ويو هو ۽ سندس گروهه دعويٰ ڪئي ته ڇوڪريون زبردستي مذھب نٿيون مٽائين پر مسلمان مردن سان پيار جو پرڻو ڪري رضامنديءَ سان مذهب تبديل ڪن ٿيون. سنڌ ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، تنھن ھوندي به بااثر ماڻهو ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ڏانهن وٺي وڃي شاديون ڪرائين ٿا. هر سال درجنين ڇوڪريون جو مذھب تبديل ڪرايو پيو وڃي، جنھن ۾ اڪثر ڪري هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ نياڻيون شامل آھن. سوشل ميڊيا جھڙو فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ وغيره جي عام ٿيڻ سان به ان عمل ۾ واڌ ٿي چڪي آھي، ڇو ته سوشل ميڊيا ذريعي جوان ڇوڪريون ڇوڪرن سان ڳالھ ٻول ڪن ٿيون ۽ انھن سان دوستي، ڪوڙي پيار ۽ سٺي زندگيءَ گذارڻ جي آسري ۾ اچي گھران نڪري پون ٿيون. ٻئي طرف ڪجھ شرپسند ماڻهن پراين نياڻن کي گھران ڀڄائي انھن جو مذھب تبديل ڪرائي مذھبي رنگ ڏئي مسلمانن جي فتح جو جشن ملهائين ٿا. جنھن مان اھو پيغام ملي ٿو ته پاڪستان توڙي سنڌ ۾ نياڻيون خاص ڪري اقليتي برادري جون نياڻيون غير محفوظ آھن.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

“ٿر ڪول اسلامڪوٽ”

 

ڇا هي ڪوئلو آهي؟ يا ته منھنجو اکيون دوکو پيون کائن! ٿر ڪول تي کوٽائي دوران ملندڙ اھي ڳرا ۽ چمڪندڙ پٿر ڪهڙي قسم جا پٿر آهن؟ جيڪي وزن ۾ انتهائي ڳرا ۽ چمڪيلا آهن! منھنجي اندازي موجب اهي ڪوئلا ته بلڪل به نٿا ٿي سگهن. ڪيترن ئي ماڻھن جي واتان به اهو ٻڌو آهي ته اندران الائي ڪهڙي شيءَ کوکن ۾ کڻي ايندا آهن، جنهن کي کولي ڏسڻ جي به اجازت ناھي هوندي، اُنھن کوکن ۾ اهڙو ڇا ٿو ٿي سگهي؟ ان جي جاچ ڪرائڻ لاڳاپيل ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي آهي. اسان جا خدشا بس ايترا آهن ته ٿرڪول ۾ هتان جي ماڻهن کي اوليت ڏني وڃي ۽ هتي پراسرار سرگرميون ڪندڙ ماڻهن کي لغام ڏنو وڃي ته جيئن اڳتي هلي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عزت تي ڪو وار نه ڪيو وڃي.

 

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ملڪاڻي شريف

 

ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي!‎‎

 

ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي تيزيءَ سان جاري آهي، ڪاڇي ۾ ڪافي عرصي کان وڻن جي واڍي جاري آھي، چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي ھنن ساھدارن جي خوراڪ کٽي کپائي پئي وڃي. ڪاڇي ۾ خوبصورت وڻ ڄار، ڪنڊي، ٻير، لئي، ٻٻر ۽ ٻيا ناياب وڻ بچيا آھن. جڏهن ته ڪاڇي واسي بدستور بدترين حالتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، هن وقت واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري هر روز روڊ تي حادثا معمول بڻيل آهن. هن وقت ڪاڇي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، غريب مسڪين ماڻهو بکو ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا صوبائي وزير دوستن سان گڏ دبئي گهمڻ ويل آهن، ڪاڇي ۾ هن وقت مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي. ڪاڇي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي. واهي پانڌي، ڳوٺ پريو جمالي، گورک هل اسٽيشن، ڳوٺ گل محمد رودناڻي سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هن وقت ڪاڇي ۾ گيسٽرو ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ڇڏيون آهن. هتي روڊ رستا کنڊر بڻجي ويا آهن، علائقي واسين جو دانهون ڪوڪون ۽ پنهنجن پيارن جي وڇوڙي وقت ڏنل اوڇنگارون آسمان ٿيون ڏارين، اهي آخر ڇو اسان جي حڪمرانن جي ڪنن سان نٿيون ٽڪرائجن؟ حڪومت ڪاڇي واسين جي لاءِ روڊ، رستا، اسپتالون، اسڪول ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪردار ادا ڪن ۽ فوري طور تي ڪاڇي مان قيمتي وڻن جي واڍيءَ جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ختم القران جي پروگرام جو اکين ڏٺو احوال!

 

مدرسه جواھر العلوم نقشبنديه طاھريه ڇوڏاھو روڊ ڪنب ۾ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مھيني جي 27 هين واري رات ۾ ختم القران جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ حافظ اشفاق احمد قرآن ڪريم جو ختم پورو ڪيو. ختم القران جي پوري ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ جماعت پاران حافظ کي سوکڙين جا تحفا، مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا ھار پڻ پارايا. ختم القران جي پڄاڻي کان پوءِ ليلته القدر جي بابرڪت رات جي فضليت بابت پروگرام تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿيو. تلاوت جو شرف مدرسي جي طالب مراد ڀٽي حاصل ڪيو. تلاوت کان پوءِ نعت رسول مقبول ﷺ جو شرف حافظ اسرار احمد ٻرڙو حاصل ڪيو. بعد ۾مدرسه جواھر العلوم نقشبنديه طاھريه جي مھتم خليفه سائين رحمت اللہ راڄپر طاھري جن ھن بابرڪت رات جي فضليت تي روشني وجھندي پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اسين مسلمان تمام گھڻا خوش نصيب آھيون جو رب پاڪ اسان کي ھي بابرڪت مھينو ۽ ڀلاري رات عطا ڪئي. رب پاڪ جا لڳ ڀڳ ھڪ لک چويھ ھزار پيغمبر ٿي گذريا آھن، انھن نبين جي امتن جون عمريون ھزارين سال ھيون، تنھن ڪري اسان جي پياري نبي ﷺ جي امت تمام گھڻي بيچين رھندي ھئي، اھي اڳيئن نبين جي امتن جي عبادتن بابت دل ئي دل ۾ سوچي سوچي پريشان ٿي ويندا ھئا پر رب پاڪ پنھنجي محبوب جي مٿان اھڙو ڪرم ڪيو جو سندس امت کي رمضان المبارڪ جو بابرڪت مھينو ۽ ان مھيني ۾ ھي ڀلاري رات يعني ليلة القدر واري رات نصيب فرمائي، جيڪا رات ھزار راتين کان ڀلي ۽ برڪت واري آھي. اسان کي گھرجي ته ھن ڀلاري مھيني جو قدر ڪريون ۽ ھن ڀلاري رات ۾ وڌ ۾ وڌ نفلي عبادت ڪري پنھنجي پروردگار کي راضي ڪريون. آخر ۾ پوري مسلم امت، ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ بابت دعائون گھريون ويون.

 

ستار سنڌي/ڪنب

 

“سر” فلم جي ڪهاڻي!‎‎

 

بالا گنگا ڌرا تلڪ عرف بالو (ڌنوش) هڪ خانگي ڪاليج ۾ جونيئر ليڪچرار ھوندو آھي، هو ترپاٺي تعليمي اداري لاءِ ڪم ڪري ٿو، جيڪو سرڪاري حڪم جي ڪري ڪجهه سرڪاري ڪاليجن کي پنھنجي اداري سان ضم ڪري انهن ۾ پنھجا خانگي استاد موڪلي انھن جي جاچ پڙتال وٺندو رھي ٿو. بلو (ڌنوش) کي ڳوٺاڻي سرڪاري ڪاليج ۾ مقرر ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد مالي طور ڪمزور ۽ اڪثر مزدوري يا ڪنھن ڪم سان رڌل ھجڻ سببن تعليم بابت آگاهي جي کوٽ سبب اتي جا اسڪول ۽ ڪاليج ويرانيءَ جو شڪار ڪنھن قبرستان جو ڏيک ڏين ٿا، بالو (ڌنوش) جو مقصد شاگردن جي حاضريءَ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪردار ادا ڪري ٿو، پنهنجي شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي اڳتي وڌائڻ لاءَ ۽ سندن اڳتي جو اونو بھتر مستقبل جي اميد  هوني اٿس. سر فلم انٽرميڊيٽ ڪاليج سسٽم جي ناڪامي ۽ خانگي تعليم جي وڏين فيسن خرچن سان تعلق رکي ٿي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ تعليمي ادارن ۾ ويٺل مافيا ڪاميابيءَ سان ماڻھن جي ذهنن کي مڃرائي ڇڏيو هو ته معياري تعليم جو تعلق سڌو پئسي سان آھي ۽ تعليم صرف اعليٰ فيسن سان ملي سگھي ٿي. هيءَ فلم ٻڌائي ٿي ته ڪيئن خانگي ادارن سرڪاري ادارن کي منظم طريقي سان تباهه ڪيو ويو آھي. فلم ڳوٺاڻن علائقن ۾ ذات پات اونچ نيچ جي ننڍن ننڍن مسلن کي پڻ وائکو ڪري ٿي.

 

ماجد علي مظفر/ٺٽو

 

فراڊ کان بچو!

 

چوندا آھن ته جتي لوڀي ھجن اتي ٺوڳي بک نه مرن، بنان محنت جي منافعي وارا پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھو بيوقوف ٿيو وڃن، يا بيوقوف ٿيڻ جي اداڪاري ٿا ڪن، بھرحال جيڪو ڪجھ به آھي، ڪجھ چالاڪ ماڻھو بي وقوف ھڏ حرام ماڻھن کي ھميشه لٽيندا رھن ٿا. اھي چوندا آهن ته اوھان پنھنجا پئسا سيڙايو، ڪاروبار اسين ٿا ڪريون، منافعو توھان کي گھر ويٺي ملندو، ويچارا پنھنجا گھر زيور گاڏيون وڪڻي پئسا پيش ڪندا آهن. ڪجھ عرصو گھر ويٺي واعدي موجب پئسا کين ملندا آهن. بنان محنت جي پئسا وٺي پبلسٽي ڪري ٻين کي پيا ڦاسائيندا آھن. ڪجھ وقت کان پوءِ پئسا ملڻ بند ٿيندا آهن، تڏھن کين پڪ ٿيندي آهي ته انھن سان ٻه ٻه ھٿ ڪري ھمراھ فرار ٿي ويا. وري ڪجھ وقت کان پوءِ اھي عقلمند ويس مٽائي ٻيھر نمودار ٿيندا آهن، جڏھن ھمراھ پھريان ٿيندڙ فراڊ جو ذڪر ڪندا آهن ته جواب ملندو ھا اھي فراڊي دوکي باز ھوندا، اسين ايماندار آھيون. ھلو اسان جا ڪاروباري پراجيڪٽ ھلن پيا، ھلي ڏسو چٽ پٽيون ڳالھيون ڪري وري بي وقوفن کي شيشي ۾ لاھي وٺندا آهن. اھو سلسلو جاري رهندو آهي، اڪثر ڪمپنيون سنڌين جي وڏن ڀائرن جون آھن. نت نوان طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. اشتھار ڏيندا ته اسان جون فلاڻيون فلاڻيون پروڊڪٽس آھن، اھي وڪڻڻ لاءِ پرڪشش پگھار تي سيلز مين ملازم گھرجي منھنجي ھڪ دوست انھن سان خط جي ذريعي رابطو ڪيو، کين پوسٽ آفيس مان ھڪ لفافو مليو، جيڪو ڏيڻ کان اڳ پوسٽ واري ھزار رپيا ورتا. ھمراھ لفافو کڻي کوليو جنھن ۾ کيس مبارڪون سان گڏ لکيل ھو توھان کي ڪار به ملندي، توھان 10 ھزار موڪليو، بيروزگار ماڻھو سو ويچارو ھزار رپيا وڃائي ٿوري مان سکي ماٺ ڪري ويھي رھيو. ڀلا ٻڌايو جي انھن روز 50 لفافا ڪڍيا ته 20 ته ڦاسن ٿا. پنج 10 ھزار جن کان ڦرجن ٿا سي ماٺ ڪريو ويھو رھن پر لکين رپيا لٽائيندڙ ڪورٽن جا در پيا ماپين. پاڪستان جي عام ماڻھن لاءِ انصاف جو نظام جيڪو آهي ان کان ھر ماڻھو واقف آهي ته ادا منھنجا جي اوھان وٽ پئسا آھن ته پنھنجو ذاتي ڪاروبار ڪريو، پنھنجي ڪاروبار ۾ پئسا لڳايو، تجربو به ٿيندو، ڪاروبار به وڌندو. ريڙهو لڳايو، مانڊڻي، ڍاٻو لڳايو، ڪجھ نه ڪجھ پر ڪنھن به ڪمپني کي پئسا نه ڏيو.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول