پاڻي زندگي آ، اسان کي زندگي ڏيو!

ھونئن ته سڄي سنڌ سورن سان ڀري پئي آهي پر اسان وٽ درد ڪجهه سوايا آهن، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ته ڪا نه ڪا سھولت موجود آهي پر اسان جي سائيٽ ڪوٽڙي ھر سھولت کان محروم آهي، اسين حڪومت جي ڪھڙين ڪھڙين نعمت کان انڪار ڪيون؟ ٻين کي ته ڇڏيو پر اسان وٽ سوئيپر يا ڀنگي به مسلمان ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي گھر ويٺي پگھارون کڻن ٿا. ايم سي ٻولھاڙي ۾ جيڪو به ايڊمنسٽريٽر، سي ايم او يا چيئرمين اچن ٿا اھي رڳو پنهنجا ڀڀ ڀري ھليا وڃن ٿا، عوام لاءِ ڪير به نٿو سوچي، بس انهن کي بجيٽ ھڙپ ڪرڻي آهي. اسين پاڻيءَ لاءِ لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر انتظاميا جي ڪن ۾ جونءِ به نٿي سُري، انتظاميا جيڪو سوچي ويٺي آهي ته انھن جي دانهن ڪوڪن جي نوٽيس نه وٺنداسين ته ھي رڙيون ڪري ڪري خاموش ٿي ويندا پر اسين انتظاميا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اي وقت جا جابر حڪمرانون! ياد رکو توهان ته ھڪ ننڍا آفيسر آھيون، توهان تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو توهان کي خبر پوندي ته فرعون، نمرود جھڙا حڪمران ڪٿي آهن؟ جيڪي پاڻ کي خدا سڏائيندا ھئا؟ اڄ انهن جو نالو وٺڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. خدا جي لٺ بي آواز آهي، اسان جون دانھون ڪوڪو توهان نه ٻڌو ڀلي نه ٻڌو پر ٻڌڻ وارو ٻڌي پيو، غريب جي دانهن ستن آسمانن تائين ويندي آهي. باقي اسين پاڻي لاءِ ڪوڪو دانھون ڪنداسين مايوس نه ٿينداسين، ڇو جو مايوسي ڪفر آهي، جيسين پاڻي نه ملندو تيستائين اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻنداسين، “پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا”

عبدالستار لھر/ٻولهاڙي

مقامي ماڻهن جو جيئڻ جنجال نه بڻايو!

ٿرڪول بلاڪ ون تي تازو پنجاھ مقامي ڊمپر ڊرائيورن کي اظھر شر اينڊ ڪمپني نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، نه فقط ڪڍيو آهي پر انھن کي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ انتھائي ڪريل زبان استعمال ڪئي. مقامي ماڻهن جڏھن احتجاج ڪيو تڏھن سائين ڀورل شاهه ۽ ٻين ايف آءِ آر داخل ڪري جيل ۾ واڙيا ويا، اسان شيشن جج مٺي کي گذارش ٿا ڪريون ته ڪيس ڪوڙا ڄاڻائي رد ڪيا وڃن، ٿرڪول بلاڪ ون جي ڀرپاسي وارن راڄن ۾ انسان توڙي جانورن ۾ مختلف قسمن جون بيماريون پکڙجڻ جو انديشو آهي، دز، زھريلي ڪيميڪل جي بدبوءِ ۽ مشينن جو گوڙ ڏينهن ۽ رات مقامي ماڻھو برداشت پيا ڪن، زمينن ۽ گھرن کان دربدر به اھي ٿيا، وري انھن سان ڪمپني وارن جو اڍنگو رويو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، جيڪڏھن احتجاج ڪن يا ڌرڻا ھڻن ۽ پنهنجي جائز حقن لاءِ ته ڪمپني وارا ۽ واٺا مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري غريبن جي تذليل ٿا ڪن، مقامي چونڊيل نمائندن جي خاموشي به عجيب آهي، هو ووٽن وٺڻ لاءِ ته ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيندا آھن ۽ ٻئي ھٿ ٻانھون تائين ٻڌي وڏا وڏا واعدا ڪندا آهن، ھن وقت هو خاموش آھن، ڇو نٿا ماروئڙن جي مطالبن کي ايوان تائين پھچائين؟ لاوارث بڻيل ڌرتيءَ ڌڻي ڪنھن در دانھن ڏين؟ مسڪين ماروئڙا احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيل آھن، ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مهانگائي جي طوفان غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، غريب ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ سخت پريشان آهي، اسان جي وقت جي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سنڌ ۽ مقامي چونڊيل نمائندن کي نماڻي التجا آهي ته اسان جي نمائندگي ڪن، اسان جي زميني ۽ قدرتي وسيلن تي قابض ڌارين کي لوڌي ڪڍن ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳائين، جيئن غريبن جي چلھ ٻري، سندن ٻچڙا خوشحالي سان زندگي گذاري سگھن.

باغي راشد ڪوٽڙيو/ ڳوٺ علو ڪوٽڙيو ٿر

ليمو ڪهڙن مرضن جي دوا آهي؟!

ليمو وٽامن سي سان ڀرپور هجڻ ڪري ڪيترائي فائدا پهچائيندڙ آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪيترن ئي مرض کان تحفظ ڏيڻ لاءِ به فائديمند آهي؟ هڪ تحقيق موجب ليمن ۾ موجود فائبر معدي ۾ وڃي پيٽ کي وڌيڪ دير تائين ڀريل رکندو آهي ۽ ضروري ناهي ته ليمن کي کاڌو وڃي، ان کي شربت جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ به فائدو پهچائي ٿو، گرم پاڻي ۾ ليمي جي رس ملائي پيئڻ سان جسماني وزن گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، تيزابيت جي موجودگي جي ڪري ليما سالمونيلا بيڪٽريا کي مارڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، جيڪي توهان جي غذا، گوشت وڍڻ جي بورڊ يا ڪچن ڪائونٽر تي هوندا آهن، ليمن ۾ موجود ڪاربوهائيڊريٽس ۽ فائبر معدي جي صحت کي بهتر بڻائين ٿا، جڏهن ته نشاستي ۽ کنڊ جي هضم هجڻ جي عمل کي سست ڪندا آهن، جنهن سان بلڊ پريشر، شوگر ليلو به ڪنٽرول ۾ ايندي آهي. ميون ۽ سبزين تي ٻڌل ان غذا جو وڌيڪ استعمال ڪجهه قسمن جي ڪينسر کان بچائڻ ۾ به مدد ڏئي سگھي ٿو، هڪ تحقيق موجب ليمن ۾ موجود نباطاتي ڪمپائونڊز ڪينسر ختم ڪرڻ جي خاصيت رکندا آهن پر ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. بلڊ پريشر گهٽ هجڻ جي صورت ۾ ليمن کي پاڻي ۾ گڏائي پيئڻ، ڪجهه مقدار ۾ ليمن جي رس پاڻي ۾ گڏائي ڪجهه قدم هلڻ کان پهرين ۽ پوءِ پي ڇڏيو، جيڪڏهن دوائون استعمال ڪريو ٿا ته ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو، ڇو جو تکو ذائقو ان جي اثرن ۾ مداخلت ڪري سگھي ٿو، جن ماڻهن جي ڏنڏن مان رت وهي ۽ ڏند لڏڻ جهڙا مسئلا گھڻو عام هجن ۽ سگريٽ ڇڪڻ سان ڏند خراب هجن ته ليمو ان کان بچاءَ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، جنهن جو ڪارڻ ان ۾ وٽامن سي جي موجودگي آهي پر اهو ذهن ۾ رهي ته ان ۾ موجود سيٽرڪ ايسڊ ڏندن جي سطح جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو ته ان ايسڊ واري شيءِ کائڻ يا پيئڻ کان پوءِ ڏندن کي 30 منٽ تائين برش نه ڪريو!

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ملڪاڻي شريف

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جو ذميوار ڀوتارڪو نظام آھي!

سنڌ ۾ ڪيترن ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ھن ڀوتارڪي نظام جي ور چڙهيل آھن ڀوتارن ميرن جي ھن نظام ۾ بيگناهه ماڻهن جو روز قتلام پيو ٿئي، سنڌ جي پوئين تاريخ ۾ واحد امن امان وارو شھر ڪشمور مشھور ھوندو ھو جيڪو اڄ ھن ڀوتارن ۽ جاگيرداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ هتي قتل، اغوا، ڪارو ڪاري، بيگناهه قتل، زميني تڪرارن جي ڪري قبائلي جھيڙن جي شعور يافتا ماڻھن ۽ بدامني کان متاثر ٿيل عوام ڪشمور جو نالو ڪشمير رکي ڇڏيو آھي ته ڪشمير جيان روز ھتي اغوا، ڦرون، ڌاڙا، قتل روز جو معمول بڻيل آھن ۽ اڄ تنگواڻي شھر ۾ روز ٿيندڙ واقعن مان ئي اھڙو واقعو ٿيو جتي ڦورن سان مزاحمت تي ڦورن طرفان ٻن نوجوان کي پيرن ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو. تازو علم جي روشني جو ھڪ اڀرندڙ شمع جو پروانو بيگناھ قتل ٿيل باشعور علم جو ھيرو پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي قتل ڪيو ويو، جنھن پنھنجي محنت سان اڳتي اچي پنھنجي اباڻي شهر ڪنڌڪوٽ جي ماروئڙن کي علم جي روشني سان نوازڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو به قاتلن جي ھٿان بيگناھ شھادت جو جام پي مسافرن جيان گولين جو کاڄ بڻجي ويو. ھن نظام ۾ جيستائين ھي ڀوتار اسان مٿان مسلط ھوندا ته پوءِ ھر علم جي روشني سان واسطو رکندڙ پروفيسر شھيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي روپ ۾ کوڙ ڪونڌر ڪسبا. ياد رھي ته ڪشمور جي ھيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ کان 56 ڏينھن کان مٿي اغوا ٿي چڪا، ان سان گڏ نياڻي نازيه کوسو ۽ ڪوثر کوسو ھن وقت تائين بازياب ناھن ٿي سگھيون جن خلاف احتجاجي تحريڪ جي ڏوهه ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ وارثن تي دھشتگرديءَ جي ايف آءِ آر پڻ ڪٽي وئي ۽ ڪشمور ۾ ھلندڙ احتجاجي تحريڪـن ۾ ھاڻي نوجوان نياڻين جي بازيابي ۽ اجمل ساوند جا قاتل پڪڙڻ جو صرف مطالبو نٿا ڪن پر ان سان گڏ ھاڻ جاگيرداري نظام جي خاتمي جا نعرا ۽ حڪمت عملي به ڏسڻ ۾ ٿي اچي ۽ اسين ان تحريڪن مان اميد ٿا ڪيون ته ھو جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري ڪشمور جي شھرين کي سڪون واري زندگي فراھم ڪندا.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي، ڪشمور

روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاڻ مڃرايو آهي!

روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جي ٽيم هر سال جيان هن ڀيري به اخبار ۽ نيوز چينل جي سالگرهه ملهائي ۽ ان موقعي تي سڀني کي پنهنجي پاران اهو پيغام پهچايو ته اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل بلند حوصلي محنت سبب پنهنجي ميڊيا ۽ جديد صحافتي سفر ۾ پهريان کان وڌيڪ ٻه قدم اڳيان آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل ٿورڙي وقت ۾ پاڻ مڃرائي ڏيکاريو آهي. اخباري دنيا جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن وقت پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جو معيار سڀني کان مٿانهون آهي. سنڌ توڙي سموري ملڪ پر ٻاهرين ملڪن ۾ به پنهنجي اخبار ۽ نيوز چينل جي ساراهه پئي ٿئي ۽ ماڻهن کان داد پڻ وصول ٿئي ٿو. بروقت تيز تر خبرن ۽ ميڊيا رپورٽن سبب پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جي معياري ڪم ۽ محنت کي چار چنڊ لڳائي پاڻ مڃرائي ڏيکاريو آهي. ملڪ سميت سنڌ جي اها ڪنڊ ڪڙڇ ناهي جتي پنهنجي اخبار پڙهي ۽ ٽائيم نيوز چينل ڏٺو ۽ ٻڌو نه ويندو هجي، اهو سڀ ڪجھ تڏهن ممڪن ٿيو آهي جڏهن اداري ۾ ويٺل محنتي اسٽاف کان وٺي ضلعن جي بيورو چيف ۽ تعلقي رپورٽرن تائين جيڪي پنهنجي صحافتي ڪم جي لحاظ کان پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل سان سلهاڙيل آهن تن جي رپورٽن ۽ ميڊيا ورڪ جي ڪري اهو ممڪن ٿيو آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز!

هن ٽيڪنالاجيءَ واري جديد سائنسي دور ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چئن سالن ۾ هميشه پاڻ نڀايو آهي، پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي ۽ سندس اداري ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ملازم جس لهڻ جن وڏي محنت، جفاڪشي ۽ جاکوڙ ڪري دنيا جي سنڌي پرنٽ ميڊيا پنهنجي اخبار ۽ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ٽائيم نيوز دنيا جي سامهون پيش ڪيو ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ۾ هر مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، غريبن ۽ مسڪينن جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي. پنهنجي اخبار جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي چاھ سان پڙهي وڃي ٿي محترم علي قاضي ۽ سندس اداري جي پوري ٽيم جي محنتن کي منهنجو سلام آهي. پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ۾ ڪم ڪندڙ مڙني محنتي رپورٽر رکيل آهن جيڪي هر مسئلي تي سڀني کان اڳرا هوندا آهن، وري به هڪ قدم پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز اينڪر پرسن سڀني رپورٽرن جي محنتن کي منهنجو وري به سلام آهي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو پهريون)

رات جو دير سان ڊاڪٽر ارشد ڪچهريءَ تي آيو. هُن سوال ڪيو ته تيز گانا هلائي ڇو ٻڌندو آهين؟ مون چيو ته فاسٽ ميوزڪ رڳو ورزش جي دوران ئي ٻڌندو آهيان، ڊاڪٽر چيو ته آئون جڏهن رننگ ڪندو آهيان ته بس الله جو ذڪر ڪندو آهيان. ان ڪانسيپٽ جو پتو ٻڌايون هو هليو ويو. ويندي ويندي هُن رڳو ايترو چيو ته جان بڻاءِ، عابد کي فضل الرحمٰن چنڊ ۽ ڊاڪٽر امتياز علي عباسي صاحب لاءِ خط لکي ڏنم ته منهنجي سزا پوري ٿي وئي آهي ۽ هاڻ توهان مون لاءِ ڇا ٿا ڪري سگھو؟ نيرن کان پهرين شيو ٺاهيم، منهنجو مشقتي ڏاڍو سُست آهي، جنهن کي هر ڪم ڪار لاءِ بار بار چوڻو ٿو پوي ته ڏاهاڻي هي ڪم ڪر، ڏاهاڻي هو ڪم ڪر. هن کي ڏسي مون کي اُها ڪم واري ماسي ياد پئي اچي جيڪا اسان جي گھر ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ ان جو روز امان سان بحث ٿيندو هو، اُن ماسيءَ جو پٽ جابر اڄ به مون کي ياد آهي جيڪو مون کي اسڪو وغيره ڇڏڻ هلندو هو. ڏاڍو سلڇڻو ڇوڪرو هوندو هو. آئون اڪثر انهن جي ڳوٺ به گھمڻ لاءِ ويندو هئس، جتي هڪ ڀيري منهنجي پويان هڪ وڏو ڪُتو به لڳو هو، گاجن چانڊئي سان گڏجي سنهي بوند ۾ پسار ڪري رهيو هئس ته منشي ملاقات جي پرچي کڻي آيو. ملاقات روم ۾ وڃي جيئن ملاقاتين تي نظر وڌم ته هوا ۾ هڪ خمار جيان محسوس ٿيو. منهنجو پرين پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو.، جنهن کي ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. پهرين دير سان اچڻ جون ميارون ۽ ڏکن جو دور هليو ۽ پوءِ ان کان پوءِ پرين جي فرمائش تي مون کوليءَ مان ڊائري گھرائي پنهنجي شاعري کيس ٻڌائي ته:

اڄ ته بي سبب ويران آ جيءُ، پيار هجي ها ته ڪا ڳالهه به هئي.

رُلندو وتان برن ۽پٽن ۾ بي سبب، شيءِ ڪهڙي گم ٿي آ منهنجي.

لڪندو ڦري عاشق دنيا کان، وکريل ملي ٿي بس خوشبو بس تنهنجي.

دوستو! ڇا چوان هو ڇا آهي؟ ذڪر ڪيان ته ننڍ ئي نيڻن وئي.

هو ته ماٺ ۾ هليو ويو پر، مون به ڪا ڳالهه نه ڪئي!

پل ۾ پري ٿي ويو پرين! خبر ڪهڙي ڳالهه هُن کي نه وڻي.

ڇو دل هارايو ويٺو آهين آصف، ٿيو ڇا ڇلگري ٻڌا ته سَهي؟

منهنجي شاعريءَ سان گڏوگڏ واهه واهه جا لفظ به مون کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، جن سان ڏاڍي خوشي ۽ مسرت محسوس ٿي رهي هئي.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد