جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

سپاهيءَ جي سيٽيءَ ننڍ جي ديويءَ کي منهنجي اکين مان تمام پري ڀڄائي ڇڏيو، جوڙي کان پوءِ اڄ سخت Wings ۽ Triceps مڇيءَ جي ورزش ڪيم، ورزش کانپوءِ Heise, the Poet in revolt جا  ڪجھه پنا کوليءَ ۾ اچي پڙهيم، عابد جو چوڻ اهي ته اُستاد يوسف کي سِر جو جواب آئون پٿر سان ڏيان ڇو جو هُن منهنجي ۽ دلدار جي ياري ختم ڪرائي آهي، مون مُرڪي هُن کي آڪاش جو هي شعر ٻڌايو ته:

پڇيو حيران ٿي مون هاريءَ کان،

ڪنهن ته آرڻ اجاڙيا آهن،

چيائين ڏوهه ناهي گدڙن جو،

پنهنجي گھر جا ڪُتا ڀاريا آهن.

اهو شعر ٻڌي کوليءَ ۾ ساٿين جا ٽهڪ نڪر يويا، مون کي اهو ٽهڪ منهنجي ۽ دلدار جي دوستيءَ جو تماشو محسوس ٿيو. جيل سپرنٽينڊنٽ جي نانءُ هڪ تار لکيم ته مون کي توهان جا ٻه منٽ گھرجن ٿا، اها تار عملدار ستار راجپوت کي ڏيندي چيم ته ڪنهن به حال ۾ SSP سان ملڻو آهي، هن ڪنڌ جھڪائيندي چيو ته منهنجي پهچ ايس ايس پي تائين ناهي، باقي ڊپٽي کي خط ڏئي ۽ جواب وٺي ٿو اچان، هو ڪجھه دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ مون کي اچي چيائين ته ڊپٽي صاحب تو واري تار نٿو وٺي. باقي هن اهو چيو آهي ته پڪن جي جلير شڪيل کي وڃي ڏي. هُن هيڏي هوڏي نظرن کي ڦيريندي چيو ته پوءِ توهان ڇا ٿا چئو؟ مون چيو ته جنهن کي کپئي ڏي پر اڄ مون کي ايس ايس پي ملڪ اسلم سان ڪنهن به حال ۾ ملڻو آهي. هُن چيو ٻي صورت ۾؟ مون مرڪندي چيو ته ٻي صورت ۾ مون کي تون ڄاڻين ٿو. هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو هليو ويو ۽ آئون پنهنجي بستري تي اچي آهلجي پيس. اڄ منهنجي ڪري منهنجي دوستن به ماني ڪونه کاڌي. جيل شڪيل بيگ صاحب ۽ ڀائو بدر مون کي مطمئن ڪري پوءِ واپس وارڊ ڏي روانو ڪيو. ڪامريڊ منظور ڪانڌڙي جو چوڻ آهي ته تون کان سواءِ ٻو ڪو به اهڙو قيدي هن جيل جي وارڊ ۾ ناهي جيڪو انتظاميه سان پنهنجي حقن جي ڳالهه اکيون اکين ۾ وجھي چوندو هجي. شام جو دير تائين عابد ۽ مون لان ۾ پسار ڪئي، ظفر بروهي سان به ڪچهري ٿي، هُن وساڻن لاءِ چيو ته جيڪي وڏي پاٽ ۾ کائڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي ننڍي ٿالهيءَ ۾ کاڌو مزو ناهي ڏيندو. هُن چيو ته هي جلد سيڪيورٽي نمبر 9 مان بيزار ٿيندا. ڪينسر جي مريض رئيس عبدالله چانڊئي جي ضمانت آخري اسٽيج تي هاءِ ڪورٽ اڄ کڻي ورتي، اها خبر ٻڌي ڏاڍي خوشي محسوس ڪيم عابد کي عار جو ڪم سيکاريم. پهريدار رحمٰن ڇلگري سان به ڪچهري ٿي، هن وقت عابد شيخ وضو ڪري رهيو آهي ۽ ڏاهاڻي شيو ٺاهي رهيو آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 06 آگسٽ 2022، (شام جا سوا ست وڳا)

ٻڏل ۽ برباد ٿيل سنڌ جي مالڪي ڪير ڪندو؟‎‎

ھن وقت سنڌ سڄي ڊسٽرب ٿيل آھي، هن وقت تائين سنڌ جي گھڻن علائقن مان گذريل ٻوڏ جو پاڻي ناھي نڪري سگھيو. ماڻھن جا گھر فصل لڙھي چڪا آھن. ڪيترن ماڻهن جا ٻچا بيٺل پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويا آهن، اھو اھڙو درد آھي جيڪو دلين تان مٽجي نٿو سگھي. ماڻھو بي گھر ٿي ويا آهن، پوڙھا، بيمار، معذور ننڍا ٻار، عورتون تمام گھڻو متاثر ٿيا آهن. چمڙي جي بيماري، مليريا، گيسٽرو ۾ به اضافو ٿيو آھي. بي گھر ٿيل ماڻھو کاڌي پيتي، دوائن لاءِ واجھائي رھيا آھن. ھن ڏکي گھڙي ۾ ڪو به واھر ڪرڻ وارو ناھي، جيڪي به راشن ۽ تنبو ورھائين ٿا اھي ماڻهن جي لاءِ تمام گھٽ آھن. متاثرن جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن ننڌڻڪي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي مالڪي ڪير ڪندو؟ عالمي ادارن کي گھرجي ته هو پاڻ انهن جي وڃي مدد ڪن. ڀوتارن کي مال نه ڏين، اھي ڳڙڪائي ويندا. ڪي تنظيمون جوڙي انهن تحت ئي مدد ڪئي وڃي. اھو ئي بھتر طريقو آھي.

ڪامران سومرو/ ڏوڪري

لوزان معاھدو ۽ ترقي جي لاءِ نئين اميد!

پھرين جنگ عظيم ۾ خلافت ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ جنگ عظيم جي فاتح اتحادين ۽ ترقي جي وچ ۾ سوئٽزلينڊ جي شھر لوزان ۾ طئي ٿيو، هن ماھدي تحت خلافت کي ختم ڪيو ويو، ھن خلافت ۾ موجود ٽنهي کنڊن جي اثاثن کي ضبط ڪيو ويو، ھڪ آزاد جمهوري سيڪيولر سوشل ترقي جو بنياد وڌو ويو، ترقي پنهنجي ملڪ ۾ موجود سامونڊي جهازن کان ٽئڪس وصول نه ڪندو، تيل، گئس، پيٽرول ۽ ٻي توانائيءَ جي لاءِ کوٺائي ڪري زمين مان نٿو ڪڍي سگهي، ترڪي تمام يورپ جي ملڪن جو محڪوم ھوندو، خلافت جي ٽٽڻ کان پوءِ ھي پھريون معاهدو هو جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو ھو، نه ته ان کان اڳ سلطان پنهنجي زبان ۾ لکندو هو. هن معادي جون صحيحون اتاترڪ ڪمال ڪيون ھيون. ھاڻي 2023ع ۾ ھي معاهدو ختم ٿي رهيو آھي ۽ ترڪيءَ لاءِ ھڪ وڏي اميد آھي ۽ ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردگان پنهنجي تقريرن ۾ ڪافي ڀيرا چئي چڪو آھي ته ھاڻي ترڪي اڳوڻو ترڪي نه رھندو، ٻي تقرير ۾ چيائين ته ترڪي کي ھاڻ نئين آئين جي ضرورت آھي. ان مان لڳي ٿو ته ترڪي ھاڻي خلافت کي بحال ڪري سيڪيولرازم کي ختم ڪندي ۽ اسلامي آئين ٺاھيندو، ٻئي طرف ترڪي ڪافي فلمون ۽ ڊراما دنيا کي ڏيکاري رهي آھي، جنهن ۾ ارتغرل غازي، عثمان ۽ سلطان عبدالحميد ۽ ٻيا شامل آھن، هي ڊراما نئين انداز ۾ ٺھرائڻ جو ڪهڙو مقصد آھي؟ ھن مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته ترڪي ڪجهه وڏو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ماڻهن ۾ وري خلافت جو جذبو پيدا ڪرڻ ٿو چاهي جيئن پاڪستان جا نوجوان ڪيڏو نه ارطغرل جي ڪردار کي پسند ڪندا آھن، هاڻي ڏسون ته 24 جولاءِ تي ڇا ٿو ٿئي؟

ڪامران قمر پالاري/ڪراچي

ضلعي ڪشمور ۾ آخر امن ڪڏھن ٿيندو؟!‎‎

ضلعو ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ھن وقت بدامني اغوائن، ڦرن، چورين، قبيلائي جھيڙن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آھي، ھتي پوليس اھلڪار غير محفوظ بڻيل آھن ته عام ماڻھن سان ڪهڙي حالت ٿيندي ھوندي؟ افسوس ٿئي ٿو، ھتي عورتن، نياڻين کان ڦرون ٿين ٿيون، معصوم ٻار اغوا ٿين ٿا، غريب عوام ۽ مسافرن کان ڌاڙيل ڦر ڪرڻ سميت قتل ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. شام جي وقت عوام ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور تائين وڃي نٿو سگھي. ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور تائين عوام غير محفوظ آھي، تازو چند ڏينهن جي اندر 2 پوليس اھلڪار شھيد ۽ 2 اغوا ٿي ويا آهن، 2 مسافر ڪرمپور ويجھو قتل ٿيا آھن، ڪيترائي مغوي اغوا ٿيل آھن پر ايس ايس پي عرفان سمون سميت وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ خاموش ويٺل آهن، هنن کي عوام جون رڙيون، ڪوڪون ۽ دانهون شايد ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، ڪنڌڪوٽ جو عوام هنن کي ھٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري ته هتي امن ڪرايو وڃي، عوام کي پڻ اپيل آهي ته هتي شام جي وقت ٻاھر سفر کان پاسو ڪندا، پنهنجن عورتن ۽ معصوم ٻارن جي پاڻ حفاظت ڪندا.

ميانداد مري/ ڪنڌڪوٽ

گهڻي رخُ درسگاهون بي پردا بڻجڻ لڳيون!

پاڪستان جي تاريخ ۾ هاڻ اهو به لکيو ويندو ته حق سڀني کي حاصل آھن، نوان بل منظور ڪيو! يورپ ملڪن جيان اسان کي به کڻي آزاد ڪيو ۽ جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري. هي آھن اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڪلھه جا نوان کڻي چئو پراڻا حال. استاد پيشي کي لڄائيندڙ ھن ماسترياڻي کي ٿورو شرم به نه آيو ته شاگرد اولاد جيان هوندو آھي ۽ ان کان بڇڙو ڪم ڪرائڻ ھڪ سنگين ڏوهه آھي پر افسوس ان ڳالھه کي پوري ڪرڻ لاءِ مون کي ڪجھه وقت گھربل آھي ته ڇو ڀلا اهڙا واقعا اسان جي معاشري ۾ روز جو معمول بڻيل آھن؟ انسانذات ۾ حياءَ نالي ڇو ڪا جز ناهي رهي؟ جو اهڙا سزا طور انسان اڃان به جيلن بدران آزاد پيا گهمن. اسان جي معاشري اسان کي جيئڻ لاءِ زندگي ۾ کوڙ ساريون شيون مهيا ته ڪيون آھن پر ڇو لڄ نالي ڪا به شيءِ ناهي، نظرثاني بجاءِ آزادي خيال وارو پينل اسان کي تحفي طور ڏنو اٿئون، ڇاڪاڻ جو اسان اڃان به خودمختيار ناهيون، اسان جو نالو ته وڏي پئماني تي مشھور آھي جنهن ۾ صرف اسان جي رياست کي اسلام جي بنياد تي رکيو ويو آھي، باقي قانون انگريز سامراج ۽ يورپي ملڪن جي آڙ ۾ ڏنو ويو آھي، جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي بنياد تي پنهنجي نوجوان نسلن کي تباهه ٿيڻ کان ۽ گنهگار ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آھي. تنهن ۾ اسان کي اسلامي اسڪالرن، ديني علم کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارن عالمن ۽ مفتين جي اشد ضرورت سان گڏ نالي وارن اديبن، دانشورن، نامور قانوني ڪامورن جي به اسان کي گهڻي گهرج آھي، جيڪي دين ۽ اسلام سان گڏ اسان کي ادب سان به روشناس ڪرائين جيئن وقت جي نزاڪت سان اسان به پنهنجو پاڻ کي اسلام جي روشنيءَ سان پاڻ کي هر جاءِ تي متعارف ڪيون، ٻي صورت ۾ اسان  جي ڪردار تي به آڱر کنئي ويندي ۽ اسان کي اسلامي ملڪن مان عزت به پشيماني جي حساب سان ملندي. اسان نماڻي درخواست ڪيون ٿا پوءِ اوهان اها کڻي اسان جي ننڍڙي گذارش سمجهو ته خدارا اوهان وسوارن ۽ ملڪ جي خيرخواهن کي عرض آهي ته انساني حقن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن!

آزاد اصغر مصطفيٰ پنهور/بلال ڪالوني، ڪراچي

خوراڪ کاتي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ اسٽيٽ ٽريڊنگ جو طريقڪار!

خوراڪ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وئي آهي، هزارين ٽن ڪڻڪ غائب ڪري ڪرپشن ڪرڻ جا اطلاع آهن، ڊائريڪٽر خوراڪ کاتي پاران موڪليل رپورٽ موجب فوڊ سپروائيزر علي نواز ميمڻ جيڪو هڪ ئي وقت 6 گدامن جو انچارج هو، ان 3011.205 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب ڪري ڇڏي آھي، لکين ٽن گدامن جي انچارج قمر ميمڻ 2325 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب ڪري ڪرپشن جو پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو آھي شھمير سولنگي به هزارين ٽن گدامن جو انچارج هوندي 494.884 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ کي غائب ڪري اوڳرائي ئي ناهي ڏني! اهڙي نموني شھيد بينظيرآباد ضلعي مان مجيد ڪيريو گدام تان فوڊ انسپيڪٽر غلام علي خاصخيلي 13695.646 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب ڪري ڇڏي آھي. خيرپورجي فقير آباد چونڊڪو فوڊ گدام تان ارشاد ڪلهوڙو 1292 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب ڪئي آھي. قصو خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ چوريءَ ۽ اربين رپين جي گهوٻين جو اتي به نٿو کٽي. اڃا تائين روز ڪڻڪ جون هزارين ۽ لکين ٽن ان چوري ۽ گم ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ ان عمل سان ته اتي مقرر ٿيل عملدارن فوڊ انسپيڪٽرز يا فوڊ سپروائيزر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز ان ڪڌي عمل ۾ ملوث ڄاڻائي معطل ڪيا ٿا وڃن. هاڻ جڏهن ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ جڏهن اسٽيٽ ٽريڊنگ ٿيندي ته سنڌ صوبو خوراڪ کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي ڪهڙي به ڪارڪردگي هجي وفاق آڏو ڪمرشل بينڪن کي لون وياج سميت واپس ڪرڻ جو پابند پڻ آھي. سيڪريٽري فوڊ کان ڊائريڪٽوريٽ ۽ ضلعن يا ڊويزنن ۾ مقرر مختلف عملدار ڄڻ ته سواءِ ڪرپشن جي ڪو ڪم نٿا ڪن، جي ايئن هجي ته سنڌ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ واري ورڇ واري پول ۾ ايتري وفاق پاران ملندڙ فنڊز جي ڪٽوتي کان محروم نه هجي ها پر هتي ٿئي ايئن ٿو ته اسٽيٽ ٽريڊنگ واري زمري ۾ ملندڙ بئنڪن کان رقم جيڪا ڪڻڪ خريداريءَ لاءِ قرض جي صورت ۾ ملي ٿي ۽ ان جي واپسي اسٽيٽ بئنڪ جي گارنٽيءَ سان واڳيل پڻ آھي ۽ اسٽيٽ بئنڪ وفاق جي گارنٽيءَ تي ڪمرشل انهن بئنڪن کي واپسيءَ جي جوابده آھي، جيڪي سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ پئسا ڏين پيون. اسان هتي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ۽ ان کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين، چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم جي سربراهه کان ويندي تحقيقاتي ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي عوامي خزاني کي سالن پڄاڻان لڳل هي ڪرپشن جو کاٽ بند ڪرڻ کپي ۽ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميا!‎‎

اتر سنڌ جي عظيم درسگاهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جنهن مان ڪيترا ارڏا، دلير، بهادر سياستدان ڊاڪٽر، ليڪچرار ۽ ٻيا انمول موتي مٿي اڀري آيا، جن پنهنجي زندگي خلق لاءِ وقف ڪري ڇڏي. جيڪي لطيف جي نگري ۾ آيا سي ته رڱجي ويا! مان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا لاءِ اھو لکڻ لاءِ مجبور آهيان ته اوھان شاگردن کان ڪھڙو بدلو پيا وٺو جو اوھان شاگردن سان اھڙو سلوڪ پيا ڪيو جو يونيورسٽي ۾ پڙهن کان لھرائن ٿا؟ اوھين ڪلاس رومز جي حالت ته ڏسو، جيڪي پوائنٽس ڏنيون آھن، انهن جي حالت ته ڏسو، روز ھڪ نئين خرابي سان رستي تي بيٺيون آھن، اھو ڪٿان جو انصاف آ؟ جيڪي شاگرد يونيورسٽي ۾ اچن پيا سي ايئن نه آيا، پنهنجون ڳريون فيسون ڀري پوءِ يونيورسٽي ۾ آيا آھن، ان کان پھريان ھو انٽري ٽيسٽ سٺن نمبرن سان پاس ڪري پوءِ آيا آھن. پروفيسر خليل احمد ابوپوٽو صاحب جيڪو وائيس چانسلر جون خدمتون انجام پيو ڏئي پر ھن جي نظرثاني ۾ ايتري کوٽ اچي وئي آهي جو ھن کي شاگردن جي مسئلن ته نظر ئي نٿي پوي! شاگرد پوائنٽن جي مٿان چڙھي پيا اچن، ڀلي ڪيترو به سيارو يا اونهارو ڇو نه ھجي، شھر جا ماڻھو سندن مٿان کلون ۽ ٽوڪون پيا ڪن ته ڏسو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جا هي شاگرد آھن، جيڪي بسن جي مٿان چڙھي پيا علم حاصل ڪرڻ وڃن! جيڪي شاگردن پوائنٽن جي مٿان چڙھي اچن ٿا اھي ته فلحال ڪلاس وٺڻ جھڙا نه رھندا آهن ڇو جو انهن جي حالت ايتري ته خراب هوندي آهي جو ھو رستن جو حال پورا ھوندي ھنن جا ڪپڙا جسم مٽي ۽ دز سان ڀريل هوندا آهن، ھن يونيورسٽيءَ جو ماحول ڏينهون ڏينهن الائي ڇو خراب ٿيندو پيو وڃي جو جيڪي شاگرد ھاسٽلن ۾ رھن ٿا انهن جون تڪليفون پڻ الڳ آهن، جن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه جي نظر ئي نٿي پوي، نه سٺي نموني ڪو پاڻي جو انتظام آھي نه ئي کاڌي جو، ڪا سٺي ميس پڻ موجود ناھي، ڪيترائي شاگرد ٻاھر وڃي کائين ٿا ۽ ڪيترين ئي ڏکيائين کي پڻ منهن ڏيڻ پيا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور انتظاميا کي اپيل آھي ته مھرباني ڪري ٿوري معاملن تي نظرثاني ڪن ته جيئن شاگرد توڙي شاگردياڻين مان بيچيني دور ٿئي.

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواهه

ھن درد کي ڪھڙو نانءُ ڏجي!؟

ھن وقت ماضي قريب ۾ ھڪ گروپ اُسري نڪتو آهي جيڪي يونيورسٽي جي شاگردن کي سبز باغ ڏيکاري انهن کان مختلف ڪم، پي ڊي ايف، ھوم ورڪ، ڪمپيوٽر مان لکرائي مختلف نموني جي چال بازي ڪري 10 ھزار کان ھڪ لک رپيا پنهنجي اڪائونٽ ۾ وجھرائي چون ٿا ته ھڪ ھفتي ۾ توهان جي اڪائونٽ ۾ ھڪ لک ڊالر وڌا ويندا. پوءِ اھو فراڊ ئي ھوندو آهي، ڪيترن شاگردن نالي ظاھر نه ڪرڻ جي شرط تي اھڙا قصا بيان ڪيا آهن. اسان جي اعليٰ اختيارين کي اھڙي قسم جو نوٽيس وٺڻ کپي جيئن شاگردن ۽ والدين مان مايوسي ختم ٿي سگهي.

امر کتري/ ٽنڊوباگو

لکڻ ڪو سولو ناهي!‎‎

اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن به مسئلي لاءِ ڪا فيس بڪ تي پوسٽ يا اخبار ۾ چٺي لکي ٿو ته سڀئي هن جا مخالف ٿي ويندا آهن، ڪافي زبانن تي اهي لفظ هوندا آهن ته لکڻ ڪو وڏي ڳالھه ناهي، اسين به لکي سگهون ٿا، مان چوان ٿو جي هو لکي سگهن ٿا ته نه لکڻ جو هڪ ئي سبب آهي، هنن ۾ لکڻ وارو دم ناهي ۽ انهن ۾ لکڻ لاءِ جيڪا قيمت ٿي ڏيڻي پوي، اها هنن وٽ ناهي. لکڻ لاءِ رڳو ڪاغذ ۽ قلم جي رقم ادا نٿي ڪرڻي پوي ۽ نه وري هن جديد دور ۾ موبائيل ۽ پيڪيج جي رقم ادا ڪرڻي ٿي پوي پر لکڻ وارو ڪيترن وڏن مسئلن کي منهن ڏيندو آهي. گهر جي ڀاتين کان وٺي دوستن يارن کان ٽٽي ويندو آهي، هن دور ۾ اڪثر ڪري ماڻهن وٽ ٽچ موبائيل آهن پر ڪير به لکڻ لاءِ تيار ناهي، بس لکڻ واري تي تنقيد جا تير سڀ هڻندا آهن. جڏهن مان لکڻ واري جنون ۾ نه هئس تڏهن مون وٽ هر شيءِ هئي، دوست، مٽ مائٽ، پاڙيسري، ڳوٺ پوري جا ماڻهو مون کي چاهيندا هئا، جڏهن کان لکڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي ته هاڻ سڀ مخالف ٿي پيا آهن. ايستائين جو رات جو 12هين وڳي به ڪالون ڪري چوندا آهن ته ڪنڀار توکي زندگي سان پيار ناهي، لکڻ جي سولو هجي ها ته اڄ هرڪو پيو لکي ها، لکڻ ڏاڍو مهانگو آهي، جنهن جي رقم هرڪو ادا نٿو ڪري سگهي. لکڻ وارن جي حوصلا افزائي ڪريو نه ڪي انهن کي ڌمڪيون ڏيو.

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

وڇوڙن جا وڍ!

دنيا ۾ ڪيترائي سوبر ۽ محبتي ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي هميشه محنت ۽ صبر کان ڪم وٺندا آهن. هو پنهنجي ماروئڙن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪندا رهندا آهن، انهن کي ڪنهن به مڃتا يا ايوارڊ جي ضرورت ناهي هوندي، جيئن شاهه لطيف فرمايو آهي ته:

سون سوايا سپرين، توريان  تان  نه تُرن،

جن جون ميخون من اندر، سي چوريان تان نه چُرن،

سي  ڪيئن وسرن، جيڪي سدائين سانڍيم ساهه ۾.

توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته پراڻي دور جا ماڻهو گهٽ پڙهيل پر بااخلاق، اوطاقي ۽ محبتون ورهائڻ وارا هوندا هئا. اڄ وڇوڙي جي ڳالهه پئي ٿئي ته ڪجهه ماڻهو هي جهان ته ڇڏيندا آهن ته انهن جا خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندا آهن. اڄ 14 مارچ آهي ۽ منهنجي بابا سائين محمد سليمان ولد آخوند محمد اسماعيل ڏهوٽ جي وصال جو ڏينهن آهي، منهنجو والد صاحب به علائقي جو ناليوارو استاد ۽ خدمتگار هو. سائين جو جنم 1942ع تي ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقي دادو ۾ ٿيو. سائين جي وفات اسڪول جي امتحان دوران ٿي هئي.  جڏهن مان 5 سالن جو هئس ته امڙ جي وفات ٿي هئي، پر بابا سائين جي پيار محبت ۽ پالنا ڪري احساس نه ٿيندو هو پر بابا جي وفات کان پوءِ اهو وڇوڙو اڄ تائين وڍ ڏيندو آهي. سائين فائنل پاس هئا، بابا سائين بهترين تربيت ڪئي، سائين نماز روزي جو پابند هئڻ ڪري کين مولوي صاحب سڏيندا هئا. پاڻ وقت جا بهترين استاد ثابت ٿيا، پنهنجي ٽهي ۾ پڙهائي ۾ نالو روشن ڪيائون. سندن ڪيترائي شاگرد اهم عهدن تائين پهتا آهن، پاڻ جيڪو به ڪم ڪندا هئا دل جي خلوص سان ڪندا هئا. هميشه منهن تي مرڪ هوندي هين ۽ اڇي لباس ۾ رهندا هئا. پنهنجي برادريءَ لاءِ ڇپر ڇانوَ ۽ مانائتي شخصيت هئا. يتيمن ۽ غريبن سان همدردي ۽ پيار ڪندا هئا. ڪنهن شاعر فرمايو ته:

جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون،

الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

ڪير ڪيئن به هجي پر سندن ڪردار ياد رهندو آهي، پاڻ کل مک ۽ يارن جا يار هوندا هئا. ماڻهن جي دلين ۾ به اهي ماڻهو ياد رهندا آهن جيڪي معاشري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندا آهن ۽ آسمان ۾ تارن جيان چمڪندا رهندا آهن. سندن علمي خدمتن  تي فخر آهي. جيئن شاهه صاحب فرمايو ته:

ڪڏهن تخت تابيني، ڪڏهن اگهاڙي پير،

ڪڏهن تاج مٿي تي، ڪڏهن مٽي ڍير،

رهڻو هت نه ڪير، هرڪو راهي رڻ جو.

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن