هڪ نظر سنڌ جي موجوده تعليمي نظام تي!

 

نيلسن منڊيلا جو قول آهي ته “تعليم سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي، جنهن کي توهان دنيا کي بدلائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا. دنيا تعليمي ميدان ۾ پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي تعليم ملڪ جي ترقيءَ، خوشحالي ۾  اهم ڪردار ادا ٿي تعليم جو معيار قومي ترقيءَ ۾ ڪرنگھي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو.  جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تڏهن کان وٺي ٻڌندو اچان پيو ته سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، شهرن ۾ وري به ٿوري گهڻي مالڪي نظر ايندي آهي پر ٻهراڙين جي اسڪولن جي حالت اهڙي آهي جو ڏسندي هي دل رت جا ڳوڙها روئيندي آهي جڏهن به آئون يونيورسٽي کان ڳوٺ ڏانهن سفر ڪندو آهيان ته رستي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قائم ٿيل تعليمي ادارن ڏانهن نظر  گهمائي ڏسندو آهيان ته اهي تعليمي درسگاهون غريب ماڻهن جي ٻارن کي تعليم مهيا ڪرڻ بدران، وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون، مال جا وٿاڻ ۽ ڀانڊن ۾ تبديل ٿيل نظر اينديون آهن، انهن ڀوتارن، وڏيرن جي ڪري اڄ اسان جي سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري ڏانهن ويندي نظر اچي پئي. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي يا تنزلي جو سبب هوندي آهي مهذب، قومون ۽ ملڪ پنهنجو مڪمل ڌيان تعليم ۽ صحت تي ڏيندا آهن جيڪڏھن پوئتي پيل قومن تي نظر ڊوڙائجي ته انهن جي تنزلي جو سبب گهڻي ڀاڱي تعليم جو نه هجڻ رهيو آهي، اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ تعليم جي ڳالهه ڪيون ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي نظر ايندي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم رڳو رسمي ۽ فوٽو سيشن تائين محدود ٿي وئي آهي، سنڌ جي اسڪولن ڏانهن نظر گهمائينداسين ته گهڻي ڀاڱي اسڪول بنيادي سهولتن جهڙوڪ! ٻارن لاءِ فرنيچر، پيئڻ جو صاف پاڻي، راند روند جا ميدان ۽ واش روم جهڙين سهولتن کان محروم نظر ايندا. حڪومت پاران تعليم جي شعبي لاءِ فنڊن جي فراهمي تمام گهٽ هئڻ ڪري نون ميرٽ تي آ۽ بي اي جي ٽيسٽ  پاس ڪري آيل 50 هزار استادن کي پگهارون ڏيڻ ۾ به ڏکيائين جو شڪار آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جي ڊي پي جو وڏو سيڪڙو تعليم جي شعبي کي ڏئي ته جيئن  تعليمي نظام جي جوڙجڪ کي ترقي وٺرائي سگهجي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن کي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي سهولتون ته ڏنيون وڃن، سرڪاري اسڪولن جي استادن لاءِ مناسب تربيتي پروگرام ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهي شاگردن کي معياري تعليم ڏئي سگهن، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، داخلا وڌائڻ ۽ اسڪالرشپ جون سهولتون ملي سگهن، ڪا به  شيءِ ناممڪن ناهي پر صرف ضرورت لڳاءَ ۽ ايماندار نوجوانن جي آهي جيئن اراسس چيو آهي ته “هڪ ملڪ جي بنيادي اميد نوجوانن جي مناسب تعليم ۾ آهي.”

 

خادم حسين ڪنڀر/ ايگريڪلچر يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام

 

ڪارو نارو ۾ شگر مل جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بند ڪيو!

 

انگريزن جي زماني کان قدرتي وھڪرن توڙي ميرپورماٿيلو جي ڪڇ مان نڪرندڙ ڪارو نارو سم نالو مڇي جي واڌ ويجهه ۽ ذائقي ۾ پنهنجو مثال پاڻ ھو پر سردار غلام محمد مھر شگر مل جو زھريلو پاڻي جاندارن ۽ مڇي جي تلائن لاءِ ڪنهن آفت کان گھٽ ناهي. 2010ع  جي مھا ٻوڏ کان پوءِ 2022ع جي موتمار مون سون برساتن سبب پورو علائقو نقصان جي ور چڙهي ويو. ڪارو نارو ھونئن ته قدرت جي نعمت آهي پر حڪمرانن جي بيڌيانيءَ ۽ مجرماڻي غفلت ڄڻ ته عذاب الاھي ثابت ٿيو آهي. ھينئر سردار غلام محمد مھر شگر مل جو زھريلو پاڻي ڪارو نارو ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب لکين رپين جي مڇي توڙي مال متاعُ مرڻ لڳو آهي مھاڻن جي روزگار جو ذريعو ڪارو نارو ھاڻي بيروزگاريءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. ڪارو نارو جي ڪپ تي قائم ڳوٺن جي مال متاعُ سم نالي مان پاڻي پيئڻ سبب مري رهيو آهي، جڏهن ته مڇي مان پنهنجو پيٽ پاليندڙ مھاڻا به سخت پريشان آهن. مڇي مان پنهنجو پيٽ پاليندڙ مھاڻا به فاقاڪشي جي زندگي گذاري رھيا آهن، پري پري تائين مڇي جو واپار ھاڻي بند ٿي ويو آهي. زھريلو پاڻي ھجڻ سبب سوين مڻ مڇي مري چڪي آهي، جڏهن ته جيئري مڇي کائڻ سان پيٽ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ھاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چيف جسٽس صاحب ۽ واسطيدار اختياريون ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي شگر مل جو زھريلو پاڻي ڪارونارو ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو نوٽيس وٺن ۽ ڪارونارو جي مڪمل کوٽائي سميت بندن جي مظبوطي ۽ ڪراسنگ پلن جو ڪم جلد شروع ڪن ته جيئن لکين رھندڙ آبادي لاءِ ھي سم نالو معاشي توڙي خوشحالي جو سبب بڻجي سگهي.

 

بشير رضا مھر/ وڌڻ مھر، گھوٽڪي

سنڌ جون لائبريريون  ۽ پرفيشنل لائبريرين تي آخر ڪير ڌيان ڏيندو؟

 

ڪنھن به ملڪ جي ترقي جو دارومدار ان جي لائبريرين تي آھي، جيڪڏھن اسان غور ڪيون تي ترقي يافتا ملڪن سان ڀيٽ ڪنداسين ته اسان کي ٻنھي جو صاف فرق نظر ايندو. ترقي يافتا ملڪ لائبريرين تي گھڻو ڌيان ڏيندا آھن ان کي سڀ کان وڌيڪ سھولتنون فراھم ڪندا آھن ڇو ته لائبريريون ملڪ جو اھم ادارو آھي ان ۾ تاريخ، ڪتاب، ثقافت، قيمتي ھٿ سان لڪيل نسخا يا ڪاغذ، ٻوليون وغيرهه محفوظ ھوندا آھن. ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ ناھي جي سنڌ جي ترقي جو دارومدار تعليم تي آھي، جڏھن تي سٺي تعليم جي ضمانت لائبريري آھن. ھن وقت سنڌ ۾ لائبريرين ۽ پروفيشنل لائبررن جي وڏي کوٽ آھي، جتي لائبريرون آھن اھي غير فعال ۽ بي مقصد جو ڏيک ڏئي رھيون آھن. سنڌ ۾ ننڍن شھرن ۾ اسڪول لائبريري جو ڪو وجود ئي ناھي، جڏھن معصوم ٻارڙن جي تعليم جي شروعات ھن اسڪول کان ٿيندي آھي جيڪڏھن اسڪول ۾ اسڪول لائبريري ۽ پروفيشنل لائبريرين ھونديون ته اتان جي اسڪول جي تعليم ٻين اسڪول جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بھتر ھوندي، ڇو جو لائبريريون پروفيشنل گلن جھڙن ٻارڙن کي صحيح استعمال ڪرڻ جو شوق ڏيارينديون جنھن سان گلن جھڙن معصوم ٻارڙن ۾ تعليم جو شوق پيدا ٿيندو ان سان گڏوگڏ انھن ۾ ڪتاب پڙھڻ ۽ لائبريري استعمال ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيندو. لائبريري ۽ پروفيشنل لائبريرين نه ھجڻ ڪري انھي جا اثر معاشري جي ھر فرد تي پوڻ ٿا جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب شاگردن جو ٿئي ٿو، ڇو جو ڪتابن جي خريداري غريب شاگرد جي وس جي ڳالھه ناھي. ھن وقت رڳو ھڪ ڪاپي جا به 10 رپيا ورتا وڃڻ ٿا. اھي غريب شاگرد ڪتابن جي فوٽو ڪاپي به نٿاڪرائي سگھن، ان ڪري ھن وقت لائبريرين تي سخت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. سائنس جو ماھر جنھن جو نالو ڪارل ماڪس هو جنھن قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ ساڻ جينا يونيورسٽي برلن مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪارل مارڪس سارو ڏينهن رات برٽش ميوزم لائبريري لنڊن ۾ ويھي اھا کوجنا ڪئي ته “دنيا مان ظلم، ناانصافي ۽ غير مساواتي نظام کي ڪيئن ختم ڪجي.” چون ٿا مارڪس کي سندس نياڻيءَ جي فوتگيءَ جو اطلاع پڻ ان لائبريري ۾ ڏنو ويو ھو. ڪارل مارڪس جي مثال مان ئي اسان کي خبر پوي ٿي، ٻيو وري لائبريري جي مختلف ڪتاب پڙھڻ سان اسان کي دنيا جي عظيم ھستين جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. اسان سنڌ حڪومت ۽ ثقافت جي وزير کي عرض ڪنداسين ھن انتھائي اھم ۽ سنجيده مسئلي تي ڌيان ڏيڻ ۽ فوري طور تي سنڌ ۾ پروفيشنل لائبريرين کي مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ لائبريري ايمرجنسي قائم ڪئي وڃي، جيئن شاگردن کي وقت سان فائدو ملي سگھي.

 

روشن علي ممڻ/ ڀان سيد آباد

 

ڳڻتي ۽ ڳڻپ!

 

آدم شماري ۾ ڇا اھي ماڻھو به حصو وٺي رھيا آھن، جن کي اڃان تائين خبر ئي نه آھي ته انھن کي ڇا جي لاءِ ڳڻيو پيو وڃي؟ مون ھڪ ڳوٺاڻي کان پڇيو خبر اٿئي ته آدم شماري پئي ٿئي، اوھان سڀئي گھر ڀاتي پنھنجو نالو لکرائجو. چيائين پوءِ پئسا ڪڏھن ملندا؟ آئون حيران ٿي ڏسندو رھيس، ڇو جو جواب ته مون وٽ به نه ھو. سنڌ ۾ اھڙا انيڪ درويش آھن جو دنيا ۾ ڇا وھي واپرائي پيو سان ڪو غرض نه آھي، ڇا ان ۾ انھن جو ڏوهه آھي؟ سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جي سيڪڙي مان اندازو لڳايون ته اھڙا ڪروڙين ماڻھو آھن، اھي آدم شماري ۾ حصو وٺندا سا به وري ڊيجيٽل ڪمال ڪيئن نه ھوندا، سرڪاري فيصلا جو آھن. پوڙھا ۽ پوڙھيون ته ويون رلي پر سندن آل اولاد به سمجھو رلي ويو. مارچ 2023ع ھلي رھيو آھي، آدم شماري 2017ع ۾ به ٿي ھئي. پاڪستان ۾ ماڻھن کي ڳڻڻ جي ست سالن واري پاليسي ٺھيل آھي، پوءِ 5 سالن ۾ ڳڻپ جي ڪھڙي ضرورت پيش آئي اٿن؟ سرڪار ئي بھتر نموني سان ٻڌائي سگھي ٿي! عام ماڻھو ڳڻپ بابت ڳڻتي ظاھر ڪري رھيا آھن ته جتي سنڌ اندر ٻاھرين ماڻھن جي اچ وڃ جو اندازو حڪومت کي ئي سئون سڌو نه ھجي، اتي اھڙي قسم جي ڳڻپ يا ڳڻپ ڪندڙ اداري کان ڀلائي جي ڪھڙي اميد رکي سگھون ٿا؟ ھو چوڻ ٿا ته حڪومت گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان اڄ ڏينھن تائين ٻاھرين ماڻھن جي اچ وڃ کي مناسب نموني سان جاري رکڻ لاءِ ڪابه سنجينده حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ناڪام رھي آھي. اھڙي پاليسي جنھن سان سنڌ ۾ قديم زماني کان رھندڙ ماڻھو اطمينان حاصل ڪري سگھن ته ايندڙ ھزارين سالن تائين انھن کي پنھنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل نه ٿيڻو پوندو. عام ماڻھو ۽ ڳوٺاڻا حڪومت کان گھر ٿا ڪن ته ڳڻپ کان اڳ ماڻھن جي ڇت جو بندوبست ڪيو وڃي. بي گھر ماڻھن کي نوان ۽ محفوظ گھر ٺاھي ڏنا وڃن. ماڻھن جي مالي ۽ معاشي نقصان کي پورو ڪري ڏنو وڃي. جن علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آھي، اھو پاڻي جلد کان جلد نيڪال ڪيو وڃي. ايندڙ ٻوڏن ۾ نقصان کي روڪرڻ ۽ ماڻھن جي بچاءُ لاءِ ڪا نئين رٿابندي جوڙي وڃي. وڌندڙ مھانگائي کي روڪيو وڃي ۽ واپرائڻ جي بنيادي شين کي سستو ڪيو وڃي. درياهه جي سڄي پاسي آبپاشي جو نئون نظام جوڙي ڪينجھر ۽ حمل جھڙين ڍنڍن کي تباھي مان ٻاھر ڪڍيو وڃي.

 

حضور لغاري / ميرپورخاص

ننڍڙي غلطي، وڏو نقصان!‎‎

 

ھي ڪائنات ڪيتري وسيع آهي ۽ ھن ۾ رھندڙ سڀني ساھوارن کان مٿانھون درجو رکندڙ يعني انسانذات آهي، ھڪڙي چوڻي آهي ته “انسان غلطي ڪرڻ سان ئي وڌيڪ مضبوط ۽ پختو ٿيندو آهي.” ھڪڙي ڏينهن ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي غلطيون جنم وٺنديون ھونديون، ڪيترين ئي غلطين جي ڪري نقصان به ٿيندو ھوندو ۽ ڪيترين ئي غلطين سان فائدو به ٿيندو ھوندو پر غلطي ته اصل غلطي ئي آهي، غلطي سوچي سمجھي ڪجي يا بي خبري ۾ ڪجي پر اها آهي ته غلط عمل، غلطيءَ کي سڌارڻ ۽ ان کي وري نه ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان نوان رستا ملندا آهن. غلطيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهي ھڪڙي اھا غلطي جڪي بيخبريءَ ۾ ڪئي وڃي، ٻي اھا غلطي جيڪو خبر ھجڻ باوجود ڪئي وڃي. بيخبريءَ واري غلطي سان جيڪڏهن ڪو نقصان به ٿي ويو ته ان جو ايترو اثر نه ٿيندو جيترو خبر ھجڻ واري غلطي سان ڪو نقيان ٿيـندو. غلطي ڪرڻ سان ان جي ٿيڻ کي تسليم ڪرڻ به وڏو عمل آهي. ننڍن ننڍن غلطين يا حرڪتن سان وڏا وڏا نقصان ٿيندا آهن. ڪنهن جو سالن جو اعتبار ڀروسو منٽن ۾ ختم ٿي ويـندو آهي، ڪنهن جي دل ۾ محبت ۽ پيار جي بجاءِ نفرت پيدا ٿي ويندي آهي، جڙيل رشتا چور چور ٿي ويندا آهن، ڪنهن کي ڪاوڙ اچڻ سان به نقصان ٿي ويـندو آهي. موجوده حڪومت پاڪستان جن ڏکيائين ۽ مصيبتن مان گذري رھي آهي ان جو سنئون سڌو اثر عوام تي ٿي رھيو آهي پر اڳ ۾ جن حڪمرانن جي غلطين جي ڪري يا غلط پاليسين جي ڪري اڄ پورو ملڪ يعني عوام مھانگائي جو عذاب ڀوڳي رھيو آهي، انهن کي خبر ھئي ته اسان جيڪو ڪريون پيا ان ڪري سڀاڻي پاڪستان جي عوام کي ڏکيائين مان گذرڻو پوندو، بک ڏسڻي پوندي، پنهنجن گھرن کان بي گھر ٿيڻو پوندو.پنهنجي ٻچن کي بک ۽ بدحالي وگھي مرندي ڏسڻو پوندو پر انهن جي پرواهه نه ڪرڻ جي ڪري اڄ پوئتي ڌڪجي رھيا آھيون ۽ دنيا اسان جي ڀيٽ ۾ الاھي اڳتي نڪري چڪي آهي نيون ايجادون ڪري رھي آهي نوان نوان وسيلا پيدا ڪري عوام کي رليف ڏئي رھيا آهن. غلطين کي سڌارڻ کپي نڪي انهن ۾ اضافو ڪرڻ کپي. ھڪڙي جي ڪيل غلطي کي وري وري ورجائڻ سان وري به نيون غلطيون جنم وٺنديون جيئن اڄ ڪلهه وٺي رھيون آهن. فلاڻي اسان کان اڳ ۾ ايئن ڪيو، ھن ڪيو پر ھاڻ ان کي سڌارڻ توهان جو فرض آهي، غلطيون سڌارڻ سان نئين سوچ ۽ نوان رستا ملندا آهن ۽ ترقي ٿيندي آهي، ھڪڙي جي ڪيل غلطي سان سڀني جو نقصان ٿيڻ کان بچايو ۽ ايندڙ وقت ۾ غلطين کي درست ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.

پرمانند پرمار/امرھار عمرڪوٽ

هاڻ ظلم جي خلاف قلمي جنگ ڪرڻ گهرجي!‎‎

 

هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي سوچ هوندي آ ۽ اهو پنهنجي دماغ جي اشاري ته هلندو آهي ۽ اهو دماغ جڏهن ڪنهن نقصان ۾ وجهندو آهي تڏهن ماڻهو اداس ٿي پنهنجي ويجهي دوست مٽ مائٽ کان مدد گهرندو آهي، منهنجي سوچ اها آهي، پنهنجي حقن لاءِ هٿيار کڻڻ کان پهرين هڪ ڀيرو قلم به کڻڻ گهرجي، قلم به گهڻن مسئلن کي حل ڪرائي ڇڏيندو آهي پر شرط اهو آهي ته قلم ڪنهن دلير، ايماندار، سچي ماڻهو جي هٿ ۾ هجي. اسان وٽ قلم کڻو دشمني پرايو وارو قصو آهي. اڄ ڪو قلم کڻي ظالم سان جنگ جوٽي ته سڀ ان جي خلاف ۽ ظالم کي سائين پيا ڪندا آهن، صرف هڪ ٻن نه پر هر ان ڀوڳيو آهي جنهن قلم کنيو آهي، پر الائي ڇو جن کي قلم سان عشق لڳندو آهي اهي جان جي پرواهه به نه ڪندا آهن، بلڪل ان شعر جيان

ہم نهیں آئیں گے باز عشق سے جان اور کیا ہوگا

ها قلم جي ياري انسان لاءِ هڪ اهڙپ ٻرندڙ جبل آهي جيڪو جلائي ٿو ڇڏي جو ظالم ۽ ان جي حمايتين جي محفلن جي رونق راتين جو ننڍون هن جي چهري تان مرڪ کسي ٿو ڇڏي، مان به قلم جي عشق ۾ جڪڙيل آهيان، جنهن عشق ۾ مون ڪافي نقصان کاڌا آهن پر اڄ به ان قلم سان ٻيڻ تي پيار آهي. اوهان پنهنجي بنيادي حقن لاءِ روڊن تي نڪرو، پنهنجي قلمي جنگ ظالم خلاف جوٽيون، اوهان جي خاموشي اوهان جي ايندڙ نسلن لاءِ سواءِ غلاميءَ جي ٻيو ڪجھه به ڪونه کڻي ايندي، ها قلم کڻو، جنگ جوٽيو، هر ان ظالم خلاف جيڪو ظلم ڪري ٿو، آواز بڻجو انهن مظلومن جو جن جو آواز ظلم ۽ ڏاڍ دٻائي ڇڏيو آهي. اچو ظلم ۽ ظالم لاءِ طوفان بڻجي بيهون، اچو ته پنهنجي حقن لاءِ قلمي جنگ جوٽيون، اهو اسان کي ڪرڻو آهي، جيئن ظلم ۽ ظالم جي جبل پاڙان پٽي ڇڏيون.

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

تقريبن ستر ڏينهن جي پنهنجي جيل ڊائريءَ ۾ ويهارو کن ڪالم ۽ ڪجھه غزل ۽ بيت رات جي هڪ وڳي کان پوءِ هڪ محسن ۽ پياري عملدار جي هٿان گھر روانو ڪيم، هو ويندي ويندي به بار بار مون کي چئي رهيو هو ته ڇلگري صاحب ڪنهن کي خبر نه پوي، نه ته منهنجي نوڪري ۽ ٻچن جي روزي خطري ۾ پئجي ويندي. مون هُن کي پيار مان نهاريندي چيو ته آئون ڪو نيلسن منڊيلا ناهيان جو تو کي پنهنجي جيل ڊائريءَ ۾ پڌرو ڪندس. مون رات کي گواهه بڻائيندي هُن کي چيو ته هيءَ رات ۽ آڪاس تي چمڪندڙ تارا شاهد آهن ته تون سنڌي ادب جو هڪ اهڙو محافظ آهين جنهن پنهنجي ٻچن جي روزيءَ جي به پرواهه نه ڪئي ۽ شاعر جي خيالن کي تو دوزخ مان اسمگل ڪيو، جنهن جي بدلي ۾ آئون ته توکي ڪجھه نٿو ڏئي سگھان، پر تاريخ جا پنا ۽ سنڌي ادب جون سٽون توکي ڪنهن خوبصورت هيري جيان هميشه ياد رکنديون. هو مرڪندو منهنجا نوٽ بُڪ کڻي رات جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ روپوش ٿي ويو ۽ منهنجي دل مان هُن جي سلامتيءَ لاءِ هزارين دعائون نڪري زنداني کوليءَ ۾ رقص ڪرڻ لڳيون، هن جي وڃڻ کان پوءِ به آئون ڪافي دير تائين جاڳ جي پنڌ تي هلندو رهيس. اڄ دير سان اک کلي، ڏاهاني تازو ناشتو وغيره کڻي آيو، ناشتي کان پوءِ راتوڪا لکيل غزل ۽ ٽيڙو ترتيب ڏنم، هڪ ٽيڙو توهان سان شيئر ڪرڻ لاءِ دل چئي رهي آهي:

آصف کي هئي اُن ۾، آزاديءَ جي آس،

هانءُ کاڌئين ڇلگريءَ جو، ٿي ڄڻ راڪاس،

ڏٺو پئي آڪاس، تماشو ڪنهن جي فن جو،

ملاقات جي پرچي آئي، ننڍي اسد تي نظر پوڻ سان پوري وجود جو ٿڪ ئي لهي ويو، هُن فون بند رهڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته هُن جو گھران موبائيل فون چوري ٿي ويو، آئون اها ڳالهه ٻڌي حيران ۽ گھڻو پريشان ٿيس. هُن چيو ته اهو پهريون موبائيل ناهي جيڪو گھران چوري ٿي ويو هجي، اسد چيو ته امان ۽ بابا سائين کان پوءِ گھر ۾ ڄڻ راڪاس پيا ڦرن، شان ۽ نويد ڪم ڪار نٿا ڪن ۽ ادي سجاد جي گھر واريءَ به رضيه سلطانو لڳي پئي آهي، منهنجي ڪا به شيءِ محفوظ ناهي گھر ۾. مون اسد کي چيو ته جيستائين آئون رها ٿي گھر نٿو اچان تون پنهنجا هٿ پير بچائي هل، آئون گھر اچي انهن سڀني راڪاسن جو سٺو علاج ڪندس. اسد مون کي پرين جا سلام ڏنا ته منهنجو اندر ئي ٺري پيو ۽ منهنجي ڪاوڙ خبر ناهي ڪيڏانهن فنا ٿي وئي. اسان ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ گھڻو پيار ورهايو. اسد محمد خان مري جا گھڻا ڦير گھير ٻڌايا. ملاقات کان پوءِ اسد شيشي جي هُن پار کان تمام گھڻيون الوداعي چميون مون ڏانهن هوا ۾ اڏاريون، جنهن جو خوبصورت جواب آئون ڏيندو اچي کوليءَ ۾ نڪتس. شام جو دير تائين پارڪ ۾ مون ۽ عابد خوب پسار ڪئي، سائين ولي محمد شاهه صاحب سان به ڪچهري ٿي، سن واري سيد کي رشيد ڏيٿي جي ڀاڻج باسط جو نمبر ڏنم، جنهن سان سن وارو سائين سڀاڻي ڪورٽ مان ڪچهري ڪري اچي مون کي رشيد جا احوال ڏيندو. هن وقت چانهه جو دور به هلي چڪو آهي ۽ ساٿي ڪچهريون ڪري وقت جي سرڪش گھوڙي هڪلي رهيا آهن.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (05 آگسٽ 2022 رات جا 08:44 وڳا)