جوھي تعلقي ۾ 15 سالن اقتدار ۾ رهندڙن ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا!؟‎‎

 

سنڌ ۾ 15 سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آھي، ٻين شھرن جي حالت ڪيئن آھي، اتان جي چونڊيل نمائندن جا ڪهڙا ڪرتوت آھن؟ اهي علاقي واسي ٻڌائي سگهن ٿا پر جوهي تعلقي جي اندر پ پ پ جي چونڊيل نمائندن جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اهي جوهي واسين جي سامهون آھن، جوهي واسي اڄوڪي هن جديد دور ۾ به مڙني انساني بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن، هتي پيئڻ جو پاڻي هجي يا صحت، تعليم هجي يا بجلي، روڊ رستا هجن، هر طرف کان بنيادي سهولتن کان نظرانداز آھن، ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، انهن سڀني معاملن جو ڪارڻ پ پ پ جا چونڊيل جوهي تعلقي جا نمائندا آھن، جوهي تعلقي اندر ٻه ملٽي نيشنل تيل گئس ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آھن، انهن جي ملندڙ سالياني فنڊز مان 20 سيڪڙو به جوهي واسين تي خرچ ٿئي ته جوهي واسين کي بنيادي سهولتن لاءِ سرڪار جي پئسن فنڊز جي ضرورت نه پوندي پر ڇا ڪجي هتان به حڪمران ڌرين جا ڀوتار سندس سهولتڪار هر مهيني منٿليون وٺن پيا، ترقياتي ڪمن لاءِ جاري ڪيل فنڊز به بااثر ڀوتارن سندس سهولتڪارن ۾ حصو پتي ڪيا ٿا وڃن، جوهي واسين جي حالت اها آھي ته آسپاس ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي جي سهولت ته پري جي ڳالھ پر جوهي شھر واسي به 15 سالن کان پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. زرعي پاڻي لاءِ به جوهي واسين جون هر روز صدائون آھن، جوهي کي پاڻي ڏيو، جوهي کي پاڻي ڏيو. شاخن جي کاٽي لاءِ هر سال ملندڙ فنڊز به آبپاشي جا ڪامورا جوهي جا چونڊيل نمائندا جي ملي ڀڳت سان هڙپ ڪيا پيا وڃن. ڳالھ ڪيون صحت جي ته  ڪاڇي سميت جوهي شھر ۾ صحت جون سهولتون اوهان جي سامهون آھن ته جوهي اسپتال ته مڪمل طرح ريفر سينٽر بڻيل آھي، ڪاڇي اندر قائم جيڪي صحت مرڪز آھن اتي هر سال جاري ڪيل فنڊز صرف ڪاغذي ڪاررواين ۾ آھن، ڪاڇي واسين جا معصوم ٻچڙا هر روز تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏين ٿا، جوهي تعلقي جي رستن جي ڳالھ ڪر ته ڪاڇي جا رستا ته چونڊيل نمائندن سندس سهولتڪار ڪامورن لاءِ سوني جهرڪي جيان آھن، هر سال گاج ندي جو وهڪرو ڏيکاري ڪاغذي ڪاررواين ۾ رستا تعمير ڏيکاري جاري ڪيل فنڊز به حصو پتو ڪري ڇڏين ٿا. ايتري حالتن باوجود به جوهي واسي خاموش آھن، انهي جو سبب اهو آھي ته جوهي واسي سڀ برادرين جا وڏيرا چند مفادن خاطر چونڊيل نمائندن وٽ يرغمال بڻيل ،آھن جنهن سبب خاموشي اختيار ڪري ويٺا آھن پر هٺين سطح جا ماڻھو وري پنهنجي برادري جي وڏيرن وٽ يرغمال بڻيل آھن، حق سچ ڳالهائڻ، لکڻ سان ڀوتار ناراض نه ٿين، ان مجرماڻي خاموشيءَ سبب جوهي تعلقو کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آھي. هاڻ جوهي واسيو پنهنجي ٻچن جي مستقبل خاطر خاموشي جو زنجير ٽوڙيو، پنهنجي بنيادي حقن لاءِ ته ڪجھ آواز بلند ڪيو.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

پيئڻ جي پاڻي کان واجهيل هڪ اڀاڳو شهر نيوڇور!‎‎

 

هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ به اسان جو شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سخت کوٽ آهي، ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي جو پورو ملڪ ٻوڌ ۾ ٻڏي ويو پر نيوڇور واسي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ به پريشان هئا ۽ آهن. هي ڪو پهرين ڀيرو ڪونه ٿيو آهي، هي پراڻي ڳالھ آهي جو هتي جا رهواسي پاڻي لاءِ پريشان آهن، سندن پريشانيون سدائين جو معمول آهن پر افسوس ته نيوڇور واسين جي هن درد جو درمان نه ڪڏهن ٿيو آهي نه وري ٿيندي نظر اچي پيو، سياري ۾ به عورت جي مٿي تي پاڻي لاءِ کنيل دلا ۽ مردن جي ڪلهن تي رکيل پاڻي جا ڪين اهو ٻڌائين پيا ٿا ته هي شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي. هنن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي، نه ئي وري هتان جو عوام پنهنجي حق لاءِ روڊ تي نڪرڻ جي سگھ رکي ٿو، بس ماٺ ڪري سور پيو سهندو آهي. باقي ٻيو ڪجھ به نه ڪندا، جنهن ڳوٺ کي سياري ۾ ٻوڏ ۾ پاڻي نٿو ملي، ان ڳوٺ کي اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ پاڻي ڪٿان ملندو؟ افسوس ڪجي ته اسان جي خاموشي تي جنهن کي ناجائز به چئي سگهجي ٿو، خاموشي جو روزو عوام نٿو ٽوڙي سگھي، پاڻي هن شهر کي انتظاميا نٿي ڏئي، آخر اسان کي ڪڏهن پاڻي ملندو؟ اهو سوال جيڪڏهن دل سان ڪيو وڃي ته جواب ايندو ته اهو عمل تمام ڏکيو آهي ڪڏهن به نه، هن ڳوٺ وارن کي هميشه پاڻي جهڙي نعت کان ڏور ئي رکيو ويندو.

 

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور

 

سنڌ جي تعليم بابت ڪجھ ويچار!

 

جيڪي قومون وقت سان گڏ ناهن ھليون انهن قومن لاءِ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويندو آهي ڇو جو “وقت چوي آئون بادشاهه”، وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو، بدقسمتي سان اسان جو ڳاڻيٽو به وقت جي ناقدري ڪرڻ وارن قومن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کي ڏسبو ته وري سنڌ جي حالتن کي ڏسجي ته شايد اسان ترقي ڪندڙ قومن کان هزار سال پوئتي رهجي ويا آهيون. جيڪا زندگيءَ اسان هينئر گذاريون پيا شايد اسان کان موئن جي دڙي جا ماڻهو به سٺي ۽ بهتر زندگيءَ گذاري ويا آهن. اسان وقت جي قدر نه ڪيو، اسان وٽ اڳتي جي نه سوچ آ ۽ نه فڪر. اسان کي ملڪي مسئلن ۾ ئي اهڙو منجهايو ويو آهي، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن جو هر ڪو ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهي. حقن جي حاصلات طرف ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي. هر ڀيري فقط حڪومتن تي سڄو ملبو ڪيرائي پنهنجن ذميدارين کان آجو نٿو ٿي سگهجي. ڪجھ اسان کي به پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. حڪومتي سطح ۽ انفرادي توڙي اجتمائي ڪاوشن سان اسان پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪري سگهون ٿا، ان جي ابتڙ جڏهن اوهان خانگي اسڪولن جي فقط ماحول کي ڏسي خواھش ظاهر ڪندا ته آئون پنهنجي ٻار کي ان اسڪول ۾ داخل ڪرايان تهج سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري استادن جي نگراني ڪرڻ سان گڏ اسڪولن جي ماحول کي بهتر بڻائي، ان لاءِ ڪو پائدار نظام بڻائي. جيستائين سرڪار ڌيان ڏئي تيستائين وس آهر اسان کي به ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڀڳل ٽٽل شين جي مرمت ڪري ان کي استعمال جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ پڙهايا ويندڙ نصابن ۾ به وڏي پئماني تي تبديليءَ جي ضرورت آهي. خاص طور تي بنيادي درجن پهرين، ٻي ۽ ٽين جماعتن جي ڪتابن کي سولو ۽ ٻارن جي فهم موجب بڻايو وڃي. انهن بنيادي درجن ۾ فقط مادري زبان پڙهائي وڃي ۽ سرگرمين جي بنياد تي نصاب ٺاهيو وڃي. مڊل ۽ ميٽرڪ جي نصاب مان غير ضروري مضمون هٽائي اتي ڪمپيوٽر ۽ فلڪيات جهڙن اهم علمن جا مضمون شامل ڪيا وڃن. پرائمري کان سواءِ هر اسڪول ۾ سائنس ليب، ڪمپيوٽر ليب ۽ لائبرري لازمي هجي جيئن شاگردن توڙي استادن کي هڪ بهتر ماحول ملي سگهي. نصابي سرگرمين کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي جي ڀائيواري جو وڏو ڪردار ٿي سگهي ٿو. اسڪولن ۾ استادن ۽ والدين جون گڏجاڻيون لازمي هجڻ گهرجن. تعلقي سطح تي نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين جو انعقاد هجڻ گهرجي جنهن ۾ سائنس، آرٽس، بزنس ارينا وغيره جا فيسٽيول لڳڻ گهرجن، راندين، تقريرن ۽ ڪوئز جا مقابلا ٿيڻ گهرجن. اسڪولن جي عملي کي به گهرجي ته آسپاس ٿيندڙ ٻين مقابلن ۽ پروگرامن ۾ پنهنجي اسڪول جي نمائندگي ڪن. خاص طور تي شهرن ۾ لڳندڙ تفريحي پروگرامن ۾ شاگردن جي شرڪت ۽ سير و تفريح لاءِ اسڪول ٽرپ به ڪرائين.

 

عامر علي/ شجاع آباد، ميرپورخاص

 

نائين ڏھين يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي امتحانن وٺڻ وارو سوال!

 

تعليم انسان جي ٽين اک آھي، ملڪن ۾ معياري تعليم سان ئي قومن جي ترقي ممڪن آھي. سنڌ جي تعليم ۾ بھتري آڻڻ جي لاءِ نظام کي بھتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سنڌ جي بورڊن ۾ ڪرپشن ۽ گريڊ پئسن ته وڪامڻ ٿا، اهي ڪمائي جا ڪارخانا آھن پر ھن وقت بورڊن جي امتحان ٿرڊ پارٽي پاران وٺڻ جا چوٻول ھلي رھيا آھن، جنهن ۾ آءِ بي اي ۽ روالپنڊي جي ريڊ مارڪر کي ڏيڻ جي ڳالھ ٻول ھلي رھي آھي. ٿرڊ پارٽي کي دعوت معنيٰ ادارن کي خانگائڻ جون تياريون آھن. سوال ھتي اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڪاليج ريگيولر آھن، ڪاليج ۾ استاد به ريگيولر آھن پر بورڊن ۾ نظام کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان جي لاءِ ڪجھ صلاحون ته اسان ميرٽ کي يقيني بڻايون، ميرٽ کي ڪير يقيني بڻائيندو، ميرٽ کي يقيني بڻائڻ ۾ سڀ کان پھريان پرنسپل استاد بورڊ جي انتظاميا ۽ حڪومت لاڳاپيل عملدار آھن. (1) بورڊن جي چيئرمين جي ٽيسٽ وٺي کين ڀرتي ڪيو وڃي. (2) ڪاليجن جي استادن کي مارڪون ڏنيون وڃن، معنيٰ ڪاليجن ۾ سيميسٽر نظام لاڳو ڪيو وڃي .(3) ڪاليجن ۾ استادن کي پابند ڪيو وڃي ته اھي ڪاپي جھڙي موذي مرض ملوث نه ٿين ۽ مڪمل استادن کي اختيار ڏنا وڃن ته ڪاپي ڪندڙ شاگردن کي سزا ڏياري سگھن . (4) سياسي مداخلت بلڪل به نه ھجي، زيرو ٽالرنس ھجي. (5) ڪاليجن ۾ تعليمي ماحول جوڙڻ لاءِ مڪمل سھولتون مهيا ڪيون وڃن. (6) حڪومت سٺن استادن، ڪم ڪندڙن استادن کي ايوارڊ ڏئي ۽ ڪم نه ڪندڙ نه پڙهائيندڙن کي سزا به ڏني وڃي. (7) ادارن ۾ شفافيت Transparent ھجي ته ادارن تي ڪوئي آڱر نه کڻي. (8) ڪاپي سنڌ کي ضياءُالحق تحفي ۾ ڏئي ويو هو پر ھاڻ ضياءُالحق ته ويو پر ان کان پوءِ ڪيتريون حڪومتون آيون ويون آھن ۽ موجوده پ پ پ حڪومت ڪاپي ڇو نه روڪرائي سگھي آھي؟ ڪاپي کي بلڪل ختم ڪرايو وڃي. ھاڻ انهن تجويزن تي غور ويچار ۽ عمل ڪرائڻ پاليسي ميڪر سنڌ حڪومت آھي جيڪڏهن اهي بورڊن ۽ ڪاليجن جا پرنسيپلز کان ٽيسٽ وٺي پوءِ ڀرتي ڪيا وڃن .چڪاس جي نظام ۾ بھتري آڻڻ گھرجي. ٿرڊ پارٽيءَ جي امتحان وٺڻ سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا، ھڪ ته استادن جون تنظيمون به آواز اٿارينديون، وري به نقصان سنڌ جي شاگردن جو ئي ٿيندو. ڪاليجن ۾ تعليمي طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي استادن کي تدبيرون ڏياريون وڃن. جديد نصاب آندو وڃي .بورڊن جي ڪرپشن تي ضابطو آندو وڃي، بورڊ جا جيڪي ٺيڪيدار آھن جيڪي ايجنٽ آھن انهن کي سزا ڏني وڃي. پيپر چيڪنگ صحيح ڪرائي وڃي، جيستائين ادارا مضبوط نه ٿيندا تيستائين تعليم جي معيار ۾ بھتري نه ايندي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڪاڇي ۾ گاج بند رٿا جي غير معياري ڪم جو نوٽس وٺو!

 

چار ارب رپين جي مختص ٿيل رقم جي لاڳت سان ڪاڇي جي جابلو ندي گاج جي وهڪرن سان تباهه ٿيل (گاج بند) جو ڪم گذريل 15 مهينن کان ڍڳو پير پيران واري رفتار سان شروع ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن منصوبي جي لاءِ ايڏي وڏي رقم مختص ٿي هجي ها ته شايد وقت کان اڳ اهو منصوبو مڪمل ٿيل هجي ها پر اسان جي ملڪي ادارن کي ڪرپشن جي چوس ايترو ته انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آھي جو انهن کي صرف ترقياتي منصوبن مان پئسو ئي ڪمائڻو هجي ٿو،

نه ڪي عوام جي جانين مال جو تحفظ ڪرڻ هجي ٿو. پوري ملڪ ۾ برساتي ٻوڏ هرسال ته نه ايندي آهي پر ڪاڇو اهو علائقو آهي جتي گاج ندي هر سال سانوڻي جي موسم ۾ پوري علائقي جي سوين ڳوٺن کي پنهنجي پاڻيءَ جي خطرناڪ وهڪرن جي لپيٽ ۾ آڻي سندن سڀ ڪُجھ تباهه ڪري ڇڏيندي رهي آهي، جنهن جو اصل سبب آھي گاج ڊائيوريشن بند جنهن ۾ هن وقت ترقياتي ڪم ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي، جنهن ۾ آبپاشي کاتو ۽ ٺيڪيدار ملوث آھن. سپريم ڪورٽ سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي زندگين کي خطري ۾ وجهندڙ گاج بند انتظاميا خلاف فوري طور تي جاچ ڪئي وڃي جيئن ڪاڇو ٻيهر تباهي کان بچي پوي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، قصو آصف علي خان جو!

 

(حصو پهريون)

 

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2020ع واري امتحان ۾ 400 امتحاني ڪاپين ۾ هيراڦيري جي تصديق، اڳوڻي چيئرمين ۽ ڪنٽرولر سميت 6 ڄڻا معطل ڪيا ويا، ايس پي ايس سي ۾ نئون ڊرامو، پاس ٿيلن جي جاءِ تي فيل ٿيل پاس ڏيکاريا ويا، گهٽ مارڪن وارن کي وڌيڪ مارڪن سان نوازي نئين جعل سازي جو پينڊورا باڪس کوليو ويو، اڳوڻو چيئرمين نور جادماڻي، اڳوڻا ڪنٽرولر هادي ڪلهوڙو، شوڪت اڄڻ، اسسٽنٽ ڪنٽرولر نور درس، سيڪريٽ برانچ جو انچارج سپرنٽينڊنٽ فاروق ۽ محمد يوسف ملوث هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اردو، سنڌي ۽ انگريزي جي مضمونن جي ڪاپين ۾ نتيجابدلايا ويا، موجوده چيئرمين پاران زميوارن کي سزا جي شفارش ڪئي وئي آهي، ميرٽ جو قتلام ناڪام بڻايو  ويو آھي. موجوده چيئرمين محمد وسيم، چيف سيڪريٽري ملوث آفيسرن کي چارج شيٽ ڪندي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ٽوٽل 1438 جوابي ڪاپين مان 400 ڪاپين جون مارڪون تبديل ڪيون ويون، ڪاپيون ري چيڪ ڏيکاري هيراڦيري ڪئي وئي. اهي مٿي ڄاڻايل خبرون پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين محمد وسيم هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي پڻ اظھاريون آھن. سندس چوڻ آھي ته هي اسڪينڊل پاڻ پبلڪ سروس ڪميشن پڪڙيو آھي، جنهن جي رپورٽ جي آڌار تي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ملوث ڪردارن کي سزا ڏيڻ جي شفارش پڻ ڪئي آھي. افسوس صد افسوس، اڄ هي خبرون جڏهن نظر مان گذريون ته سواءِ افسوس ۽ حيرانگيءَ جي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه پي آئي ته هي ٿي ڇا پيو!؟ روز روز نوان نوان ميگا ڪرپشن اسڪينڊلز سامهون ٿا اچن، لکين ۽ ڪروڙين نه پر افسوس صد افسوس اربين رپين جا اسڪينڊلز، ڪڻڪ بحران، اٽو بحران، اٽو مهانگو، لٽو مهانگو، اجهو ته فقط ۽ فقط غريب مسڪين هڪ خواهش ئي ڪري سگهي ٿو. اڄ کان ٻه سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن سان ملاقاتون ٿيون، هنن پنهنجي ڳالھ ڪندي چيو ته سنڌ ۾ چيو پيو وڃي ته سڀ ڪجھ تباھ حال آھي ۽ تباھ ٿئي پيو ۽ ان جي پويان آصف علي خان زرداري جو هٿ آھي ته هڪ ميمبر حلفيائي انداز ۾ چيو ته حقيقت ايئن ناهي. هن هڪ وڏي آھ ڀريندي چيو ته قائم علي شاهه جو دور هجي آخري 2011ع ۽ 2012ع  وارو، مان پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو ميمبر هئس ۽ هڪ ٻيو دوست چيئرمين هو ۽ ڪميشن مان اميدوارن کي پاس ڪرڻ لاءِ وزير اعليٰ هائوس سنڌ ۽ بلاول هائوس مان هڪ گڏيل لسٽ آئي، جنهن ۾ ان وقت جي وڏي وزير جو پوٽو يا ڏوهٽو پڻ شامل هو ته هنن کي پاس ڪندي لسٽ نتيجا جاري ڪيا وڃن. هن اڳوڻي ميمبر پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ چيو ته منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، يا خدا هاڻي ڇا ڪجي؟ هن دوست ساٿ ڏنو ۽ ان سان مشورو ڪيو ته ان وقت صدر پاڪستان آصف علي خان زرداري هو، سو ڪنهن به طريقي سان ان تائين هي پيغام پهچي ته هتي ميرٽ جي لتاڙ ٿئي ٿي، سو اوهان اسان جي مدد ڪيو ته جيئن فيصلو ميرٽ تي اچي ۽ اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ساک به بچي وڃي ۽ غريب مسڪين پڙھيل لکيل محنتي نوجوانن جي ميرٽ جي بنياد تي ميرٽ جي لتاڙ نه ٿئي، خير اها ڳالھ ان وقت جي وزير داخلا  ذوالفقار مرزا سان ٿي، رات جو 2 وڳي سندس ڪراچيءَ واري رهائش گاهه تي، هن وراڻيندي چيو ته صدر پاڪستان آصف علي خان صبح اچي رهيو آھي، ڪراچي سو مان ايئرپورٽ تي ئي اها ڳالھ سندس آڏو رکان ٿو اميد ته نوٽيس وٺندو. صبح تائين انتظار ڪيو.(جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

اڄ ورزش لاءِ سجاڳي ئي نه ٿيم، نيرن کان پوءِ ڏاهاڻيءَ کان پوري کوليءَ جي صفائي ڪرايم، ٿانوَ ڌورايامانس ۽ پوءِ بدر ڀائو ڏي هُن جي آفيس ۾ هليو ويس، سلام دعا کان پوءِ پنهنجي پڳ مٽ يار شبير ٻرڙي کي گھرايم، شبير جي ڏاڙهي ۽ مڇون صفا گاڊر لڳا پيا هئا، اِهو اُهو شبير ٻرڙو آهي جيڪو هفتي ۾ ٽي ڀيرا مصطفيٰ حجام کان شيو سيٽ ڪرائيندو هو سو به مفت ۾! هُن چيو ته توکان سواءِ اونداهه لڳي پئي آهي، هُن دلدار ۽ چاچي شفقت جو پڇيو، جنهن کي ٻڌايم ته هو حادثاتي طور تي پاڻ کي مليا هئا ۽ سمجھه ته وري حادثاتي طور تي وڇري به ويا. مون شبير کي ٽٽل تاري جو مثال ڏنو ته هُن جي بادامي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، هو گھڻو حساس طبيعت جو مالڪ آهي، مون هُن کي ٻڌايو ته بس خراب ڏينهن گذري ويا تون وري ڪتابچي (Librarian)ٿيڻ وارو آهين. مون چيو ته اڄ ايس ايس پي سان ملي نظربنديءَ وارو دور ختم ڪرائڻ ۾ انشاءُ الله آئون ڪامياب ٿي ويندس. اسان اڃا اُتي ئي ويٺا هئاسين ته بي ڪلاس وارو مامو متو رند به اچي لٿو، ٿلهو متارو مڙس صفا سهڪندو آيو، جنهن جي پويان چار پنج پڪا جوابدار به لڳا آيا، هُن به بدر ڀاءُ کي چيو ته انهن کي منهنجي پارت ڪري ڇڏ بي سبب تنگ ٿا ڪن، آئون رڳو تنهنجي سر جي ڪري چُپ آهيان، بدر ڀائي جوابدارن کي اک ڏيکاريندي ڀڄائي ڇڏيو ۽ مامي مُتو کي به چيائين ته تون به ٿورو هلڪو هٿ رک. جوابدار چون ٿا ته مُتو گاريون ٿو ڏئي. مام مُتو اکين تي هٿ رکندي چيو ته هي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، هي سڀ مون کان سڙن ٿا، هو منهنجي ڀر ۾ ويٺو ۽ مون سان سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪيو ته اهڙا ڪالهه پادر انهن پڪن ڪُتن کي هنيا اٿم جو ياد رکندا. مون کي مامو مُتو بلڪل ڌمال فلم واري سوامي مُتو گوپال جھڙو محسوس ٿيو، جيڪو تمام گھڻو وات هڻندو آهي ۽ ارشد وارثيءَ کي چوندو آهي ته نام بتاتي بتاتي سفر مڪمل هو جائي گا. پر سفر مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي هو ارشد وارثيءَ کان گھڻو ڳالهائڻ جي ڪري پادر کائيندو آهي. مون کي اتي ايوب بروهي جا سرچ ۾ جمع ٿيل ڪالم به نظر آيا، جن ۾ منهنجا ۽ دلدار وساڻ جا به ڪجھه آرٽيڪل هئا، شايد اسان جا اهي آرٽيڪل ايوب بروهي پسند ڪيا هوندا، ان لاءِ هو گھر روانو ڪري رهيو هو پر افسوس هاڻ احي ڪڏهن به جيل کان ٻاهر نه ويندا ۽ جيل ۾ ئي ڳري کپي ويندا. بدر ڀائيءَ کي ماڙيءَ مان ڪال آئي، ۽ پوءِ ڪجھه دير کان پوءِ بدر ڀائي چيو ته پاڻ واري ڪم کي سڀاڻي ڏسنداسين، هينئر آئون اسپتال وڃي رهيو آهيان جتي منهنجي امڙ کي ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، منهنجي دل مان دنيا جي هر ماءُ لاءِ دعا نڪڳتي ۽ پوءِ شبير ۽ بدر ڀائي کان موڪلائي پنهنجي کوليءَ ڏي روانو ٿيس. رستي تي ذوالفقار سومرو منشي مليو جنهن وٽ سموري جيل جون اخبارون هيون، مون هُن کان اخبار گھري ته هُن چيو ته چيڪ ٿيڻ کان پهريان آئون ٿو ڏئي سگھان، مون کي سختيءَ سان روڪيو ويو آهي، هُن چيو ته رڳو جهادين کي بغير چيڪ ڪرڻ جي اخبارون ڏنيون وينديون آهن. باقي عام قيدين لاءِ اهو آرڊر ناهي، آئون سوچڻ لڳس ته جيڪي وڏا ڏوهاري آهن انهن لاءِ هر شيءِ هتي موجود آهي، باقي گھٽ ڏوهي ۽ عزت وارن لاءِ بس ڪجھه به ناهي. ڏاهاڻيءَ کي اڄ پنهنجا ڪجھه غزل ويهي پڙهي ٻڌايم، هُن هڪ سوال ڪيو ته محبت ۽ عشق ۾ڪهڙو فرق آهي؟ مون چيو ته تشريح جي ڪرڻ ويٺس ته ڏينهن گذري ويندو ٿورو چوڻ ۽ گھڻو سمجھڻ ته محبت جي انتها کي عشق چيو ويندو آهي. اڄ مون ڇاتيءَ جي سخت ورزش ڪئي، ورزش کان پوءِ عابد سان گڏ ڄنگھڻ جي ورزش ڪيم ۽ پوءِ اسنا پنهنجي سج لٿي تائين وارڊ جي لان ۾ پسار ڪئي. ڪجھه قيدي دوستن سان رهاڻيون به ٿيون. موسم ۾ تمام گھڻي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ آهي، ممڪن آهي ته سنجھي بوند پوي ۽ سڄي رات وري ڪنهن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جون يادون ننڍون ڦٽائين، ڪوئل جون ڪوڪُون به جاري آهن جنهن ۾ هڪ عجيب مستي سمايل آهي، عابد ۽ ڏاهاڻي ڪولا پي رهيا آهن ۽ منهنجي ذهن تي سائين آڪاش انصاريءَ صاحب جا هي اکر تَري رهيا آهن ته:

ڪيئن پرچايون ڀلا هن پياس کي؟

هن ملڪ جو هر ميڪدو ويران آ.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 04 آگسٽ 2022 (شامل جا 06:49 وڳا)