منھنجي لاءِ ھوءَ عظيم ھستي آهي!‎‎

 

چوندا آھن ته استاد اھا ھستي آھي جيڪا شاگرد کي ايئن سرسبز بڻائيندو آھي جيئن سڪل ۽ بنجر زمين کي پاڻي ملندو آهي، بهرحال استاد جو مان مرتبو ئي نرالو آھي، استاد جي عظمت بالاتر آھي، ڇو جو اهو استاد ئي آھي جيڪو سماج کي بھترين شخصيتون نوازي ٿو. استاد جي ڇپر ڇانوَ ھيٺ ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پائليٽ، ڪميشن آفيسرز ۽ اعليٰ عھدن جا مالڪ پڻ استاد جي سکيا ھيٺ اچي سماج جون خدمتون انجام ڏين پيا. منھنجي لاءِ ھر استاد جو مان ۽ مرتبو اعليٰ آھي، مان پنھنجي بھترين ۽ قابل احترام استاد جناب محترم عبدالغني صاحب لاءِ اھو لکندس ته ھو سدائين پنھنجي فرض سان سچو ۽ منھنجي لاءِ ھڪ بھترين مثال آھي، جيڪو وقت جو پابند، جڏھن به ڪلاس جو وقت ھجي سائين پنھنجي وقت تي پھچي ويندا آھن، سائين جن جو پنھنجي سبجيڪٽ جي لحاظ سان ڏنل ليڪچر اھڙي ته بھترين انداز ۾ ھوندو آھي جو ھر اھو مونجھارو واضح ٿي ويندو آهي جي شاگرد ڪو سوال ڪرڻ جي گنجائش ئي ناھي رھندي. ماشاءُالله سائين جن جو ڪلاس جو وقت ختم ٿيڻ کان اڳ ڏھ منٽ انتھائي اھم ھوندا آھن، ڇو جو سائين ھر روز ليڪچر جي آخر ۾ پنھنجي سبجيڪٽ کان ھٽي ڪري دنيا کي پرکڻ لاءِ اتساهيندڙ ليڪچر ڏيندو آھي، جو پنھنجي سيليبس سان گڏوگڏ دنياداري، ماڻھن کي سمجھڻ لاءِ سائين جن وٽان گھڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملندو آھي. مون کي سائين جن جي ھر اھا ڳالهه پسند آھي جيڪا پاڻ فرمائيندا آھن پر سندن ھڪ ڳالھ مون کي ايترو ته متاثر ڪندي آھي جو چوندا آھن ته مطلوب ھي دنيا توھان تي تيستائين طنز ڪندي رھندي جيسيتائين اوھان ڪجھ ٿي نه ٿا وڃون، پنھنجي منزل ماڻي نه ٿا وڃو، جڏھن اوھان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو ته اھي ئي پاڻ اوھان کي جيءُ جيءُ سان جواب ڏيندا، جيڪي اوھان جي مٿان طنز ڪندا ھئا، پنھنجو پاڻ سان سچا ٿيو، اوھان ھر اھا شيءِ حاصل ڪري سگهو ٿا جنھن جي اوھان کي ضرورت آھي. محنت جو دامن نه ڇڏيو، سدائين پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهو. ھڪ اعليٰ عھدي تي فائز ٿي وڃون، ٻي ڳالھ سائين جي بھترين لڳندي آھي سا اها ته چوندا آھن ته پنھنجي ماءُ کي ڪڏھن به ناراض نه ڪجو، جي اوھان جي ماءُ اوھان کان ناراض آھي ته پوءِ اوھان لاءِ بخشش جا دروازا بند ٿي ويندا، اوھين پوءِ ھن ايڏي جھان سان منھن نٿا ڏئي سگھو، بس سائين عبدالغني صاحب لاءِ دعا آھي ته شال سدائين خوش ھجن ۽ ايئن ئي شاگردن کي سرسبز ڪندا رھن.

 

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھ

 

ٻوڏ، ٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ!

 

واٽس ايپ استعمال ڪيم پئي ميسيج آيو “نئي سال جون مبارڪون” ڪنن تي ڦٽاڪن ۽ فائرنگ جو آواز اچڻ لڳو، موبائل ۾ ڏٺم ته رات جا 12 ٿي رھيا ھئا، آئون ڪراچي ۾ پنھنجي فليٽ تي ھئس. سال 2022ع جي شروعات ھئي، سڀني کي اميد ھئي ته ھي سال خوشين سان ڀريل ھوندو، جيڪو ڪورونا جھڙي مرض کان پاڪ، انھن خوشين جا ٽوٽا تڏھن ٿيا جڏھن سنڌ اندر مون سون جي موسم جي شروعات ٿي. موسم دل کي موھيندڙ ھو، هميشه جيان ماڻهو تيز برساتن لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيا هئا، تياريون به ڇا صرف گھرن جي ڇتين تي گھارو، ڇا ٿيڻ وارو آھي، ڪنهن کي به اندازو نه هو، چوماسي جي شروعاتي ڏينهن ۾ برسات معمول کان وڌيڪ هئي ۽ اھو درياهه جنھن ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ واري پئي اڏامي، تنھن زمينن، انسانن ۽ جانورن کي ٻوڙڻ شروع ڪيو. پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي وئي۽ ماڻھن جي اک تڏھن کلي جڏھن پاڻي انھن جي کٽن جي پاون تان چڙهي سندن بسترا به پُسائي ڀتُ ڪري ڇڏيا. سندن ڪو رد عمل اچي ان کان پھريان ئي گھرن جون ڇتيون آسمان کان لڪڻ لڳيون، ٻوڏ جو پاڻي گهٽين مان ايئن وهي رھيو ھو ڄڻ ته گھر ٻنا ھجن ۽ ڳوٺ ڪمند جو فصل، گهر، ڪاروبار ۽ ڳوٺ تباهه ٿيڻ لڳا. ماڻھو زندگي بچائڻ لاءِ مٿاهيون زمينون ڳوليندا رھيا، جڏھن کين ڪجھه نظر نه آيو ته انھن گھرن جي ڇتين ۽ وڻن جو سھارو ورتو. بيوسيءَ جي انتھا ان ڪا وڌيڪ ڇا ٿي ٿي سگھي. ھڪ ھٿ ۾ معصوم ٻار ته ٻئي ھٿ ۾ سندن حياتي. ٻوڏ جي شدت امدادي ڪمن ۾ رنڊڪون وڌيون، رستا واھن ۾ تبديل ٿي چڪا ھئا. صورتحال ڏينھن گذرڻ سان وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. پاڻي وڌندو رهيو، زمين درياهه ۽ سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳي. خيرپورناٿن شاهه ٻڏو، جھڏو به ويو، ٺري ميرواهه جي رستن تي ٻيڙيون ھلڻ لڳيون ۽ سنڌ ٻڏندي رھي. حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو، سڄي دنيا ۾ مايوسي پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ڪيترائي ملڪ پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪندا رھيا. جيڪي جيئرا بچيا سي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، ٿي سگھي ڪنھن ٻي تباھي جي انتظار ۾ ھجن. جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو، اتي زمين خراب ٿيڻ ڪري فصل سٺا نه ٿيا آھن. ڪٿي ڪڻڪ جو لاٻارو ته ڪٿي ٿريشر پيو ھلي، کوڙ اھڙا علائقا به آھن جتي پاڻي اڃان تائيڻ بيٺل آھي. سنڌ جو پڙھيل لکيل ماڻھو پريشان آھي ته آخر ڇا ٿيندو؟ ھوڏانھن روز ٽوئٽر تي فوزيه، اختر ٻانڀڻ، فيصل ڏھراج، مھراڻ کوسو، فدا جتوئي ۽ ٻيا دوست، (فڪس سنڌ ڊرينيج) جي نالي سان ٽرينڊ ھلائي ادارن کي سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن ته اسان جو ڏوهه آخر ڪھڙو آھي، ھاڻ به پاڻي نيڪال نه ٿيندو ته پوءِ ڪڏھن ٿيندو پر حڪومت ڄڻ ته ڪو ڀنگ جو ڪونڊو ورائي سُتل رهي، پاڻي آهستي آهستي پاڻ ئي لهندو ويو، پر اڃا به ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتان جون ٻنيون هاڻ وري ڪڏهن صلو نه پوکينديون.

 

حضور بخش لغاري / ميرپورخاص

 

قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو تعليمي نظام درھم برھم ڇو؟

 

پاڪستان ۾ پھرين پوزيشن تي نمايا رھيل نالي“قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد” جو تعليمي نظام ڊانوا ڊول ھجڻ جو ذميوار ڪير آھي ۽ نقصان ڪنھن جا ۽ ڪھڙا ٿين ٿا. موجوده صورتحال موجب ۽ گذريل ڪجهه ڏهاڙن کان يونيورسٽي ۾ شاگردن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان مسئلو پيدا ٿيو، جنهن ڪري يونيورسٽي جي جڙيل ڪائونسلز جي عهديدارن، سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هزارين شاگردن کي سزا ڀوڳڻي پئي، ويجهڙائي ۾ جامعه قائداعظم کلندي ئي ان ۾ جيڪو واقعو پيش آيو ان جي ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي. يونيورسٽي جا معاملا ۽ مسئلا يونيورسٽي اندر ئي حل ڪرڻ ئي بھتر ھو، جيڪي انتظاميه وارن نه ڪيو، سموري ڪائونسل گڏجي جڏھن ھڪ پليٽ فارم تي اچي مسئلي جي حل لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ته انتظاميه پاران شاگردن سان بدسلوڪي ڪرڻ سان گڏوگڏ مٿن لٺين ۽ گولين جو وسڪارو ڪرايو ويو جيڪو انتظاميه پاران انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو هو. شاگردن پاران پريس ڪلبن ۽ سماجي رابطن وارا ويب سائيٽس ذريعي ٽرينڊ ھلايو ويو ته اسان کي پڙھائي ۾ اڳ ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ وري اسان مٿان اھو رويو اختيار ڪيو ويو. اسان کي پنھنجو مستقبل سنوارڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جنھن ڪري اسان پري پري ۽ ڏورانهن علائقن کان لَڪ لتاڙي اسان قاعداعظم يونيورسٽي اسلام آباد تائين پھتا آھيون. انتظاميه پاران جامعه کي بند ڪرڻ، امن وامان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ شاگرد طبقي کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جو فيصلو آھي. يونيورسٽي جو بند رھڻ Specially MpHil and PhD ڪندڙ شاگردن جو نقصان ڪرڻ آھي، جنھن پنھنجا Research Work اڌ ۾ ڇڏي ڏنا آھن ۽ پنھنجي مستقبل ۾ ھارائي ويھڻ آھي. خدارا! شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ انتظاميه کي شاگردن سان نرميءَ ۾ پيش اچي شاگردن جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ کپي. اسان جي وفاقي سرڪار به نوٽيس وٺي انھن ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪري يونيورسٽي ۾ تعليمي نظام جي صورتحال کي بهتر ڪري ٻيھر برقرار رکيو وڃي ته جيئن شاگرد پنھنجي مستقبل ۾ بهتر سٺا فيصلا ڪرڻ جي سگهه رکن. اميد ته جلد کان جلد جامعه قاعد اعظم ۾ تعليمي نظام سان گڏوگڏ سموريون سرگرميون بحال ڪيون وينديون.

 

طارق احمد لانڍر/پنو عاقل

ھڪ چٺي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دادو، سيد محمد حسن شاهه ڏانھن!

 

جيئن ته تاريخ 3 جون 2022 تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس دادو طرفان سرڪيولر نمبر 61 جاري ڪندي 40 کان 54 مارڪون حاصل ڪندڙ JEST ۽ PST مرد/عورت اميدوارن کي ڦوٽو ڪاپي سيٽ / فائل جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ، جنھن بعد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس دادو طرفان 40 کان 54 مارڪن جي ميرٽ لسٽ موجب سڀني اميدوارن کي ٽاپ ٽو باٽم جي ترتيب سان ضلعي جي مختلف اسڪولز ۾ آفر آرڊر ۽ بعد ۾ جوائننگ ليٽر جاري ڪيا ويا ۽ بقايا اميدوار پڻ ان اعتماد / انتظار ۾ رھيا ته ھاڻ جيئن ئي بند پيل اسڪول کوليا ويندا يا وري پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪري مڊل / سيڪنڊري تائين ڪيو ويندو ته پوءِ سڀ 40 کان 54 مارڪون حاصل ڪندڙ سڀ ڀرتي ٿي ويندا. جيئن ته تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سنڌ  ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ رپورٽ پيش ڪئي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 1718 اسڪولَ بند پيل آھن ۽ اھو اعتراف پڻ ڪيو ته 30 شاگردن جي حساب سان وڌيڪ 50000 استاد گھربل آھن. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري 2 مارچ 2023ع تي  نوٽيفڪيشن جاري ڪندي اھو به واضح ڪيو ته ھاڻ ويٽنگ لسٽ ۾ ڄاڻايل JEST ۽ PST اميدوارن کي 28 فيبروري 2025ع تائين ڀرتي ڪري سگھجي ٿو. اھڙي ريت ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس دادو طرفان 2 مارچ 2023ع تي ھڪ ڀيرو ٻيھر سرڪيولر نمبر 443 جاري ڪيو ته دادو ضلعي جا سڀ JEST اميدوار 9 ۽ 10 مارچ 2023ع تي اچي فائل جمع ڪرائين پوءِ مختلف تعلقن جا 40 کان 54 مارڪون رکندڙ  JEST  اميدوار ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس دادو پھتا ته اتي آفيس جي در تي ھڪ سادي پني تي لکيل مختلف تعلقن لاءِ مارڪن جي ترتيب ۽ ھارڊ /سافٽ ايرياز جو فرق ڏسي اڌ کان وڌيڪ اميدوارن کي فائل جمع ڪرائڻ بغير ئي واپس اچڻو پيو. جيئن ته سرڪيولر نمبر 443 ۾ ھارڊ ۽ سافٽ  ايرياز واضح ٿيل ناھي ۽ ضلعي جي مختلف تعلقن ۽ اسڪولز ۾ خالي پيل جاين متعلق سرڪيولر نمبر 443 ۾ ميرٽ لسٽ موجب مارڪن جي ترتيب پڻ واضح  ٿيل ناھي. سوال ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنھور ھارڊ ۽ سافٽ  ايرياز جي تضاد کي ختم ڪندي 40 کان 54 مارڪون حاصل ڪندڙ سڀني اميدوارن کي بنا فرق ۽ بروقت ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته پوءِ ميھڙ تعلقي ۾ ھارڊ ايرياز 40 پلس ۽ سافٽ ايرياز کي 51 پلس ۾ ڇو ورھايو ويو؟ اھڙي طرح جوھي تعلقي ۾ پڻ ھارڊ ايرياز 40 پلس ۽ سافٽ ايرياز کي 50 پلس ۾ رکيو ويو آھي.  سوال ته ڇا سنڌ ۾ ھارڊ ايرياز قرار ڏنل علائقن ۾ خانگي اسڪولز به آھن؟ ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز جي فرق کي ختم ڪندي ھر ھڪ تعلقي ۾ خالي پيل پوسٽن ۽ بقايا ويٽنگ لسٽ ۾ رھيل JEST ۽ PST اميدوارن جي تعداد کي ظاھر ڪيو وڃي ۽ بند پيل اسڪولن کولي بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. اسڪولن تان قبضا ختم ڪرائي انھن کي اپگريڊ ڪيو وڃي ۽ ھر تعلقي ۾ ڪمپلين سيل تيار ڪري تعليم ۽ تدريس بابت آن لائن شڪايتون/اعتراض ۽ تجويزون وصول ڪيون وڃن ته سنڌ جي تعليم وڌيڪ بھتر ٿئي ۽ ويٽنگ لسٽ ۾ رھيل اميدوارن سان انصاف ٿئي.

 

نويد احمد سومرو/راڌڻ

ڇپيل دل جي درد ڀري ڪهاڻي!

 

پسند جي شادي ڪرڻ تي اهڙا نتيجا ڀوڳڻا ٿا پون، عشق ڪرڻ سولو آھي پر نڀاءُ ڏاڍو ڏکيو هوندو آھي. هن ويڊيو کي ڏسي حيرت ٿي ۽ افسوس ۾ آھيان ته سماج کي اسين ڪهڙي ريت ڏسون؟ هڪڙي پاسي دل اٽڪيل ۽ ٻئي پاسي ايڏي سختي جنهن ۾ غيرت پاڻ للڪاري ٿي ان مان ثابت ڪهڙي ڳالھه ڪبي ته ڇا عورت ڪنهن جي ذاتي ملڪيت آ؟ يا وري عورت خواريءَ جو ڪارڻ آ؟ سمجھه کان ڳالھه ٻاهر آ، جيتوڻيڪ عورت هڪ باڪردار هستي آھي، جنهن صورت ۾ هيءَ ڏسجي ٿي ان صورت ۾ ته هيءَ بيڏوهي يا بي قصور آ پر! معاشري جي حساب سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڃان به اسان تي تبليغ جي ضرورت آھي، نبي پاڪ جن جي دور ۾ پاڻ ﷺجن فرمايو ته نياڻي هڪ رحمت آ ۽ ان جي زندگي بابت ان کان پڇڻ لازم آھي پر افسوس جو جهالت اسان کي چڱي نموني نپوڙي ڇڏيو آھي! مطلب ته صفا وڪوڙي ڇڏيو هجي اڄ ڪلھه جي معاشري موجب هن کي هاڻ رحمت جو درجو گهٽ پر سرداري ۽ وڏيريڪي راڄ موجب هن کي زحمت سڏبو. عجب ٿو ٿئي ته اسان پاڻ کي اسلام جا وڏا ٺيڪيدار ٿا سمجهون ۽ سمجهڻ بنا ئي ظاهر ظھور پاڻ کي ميراث ٿا سمجهون ڏسجي ته هاڻ عدليا ڪهڙا اپاءَ ٿي وٺي، جنهن جي احاطي ۾ اهڙو سلوڪ پيش ٿيو، پريميءَ سان ملڻ بجاءِ هڪ عورت کي وارن کان گهليو ويو ۽ ان جي ڀرئي هال ۽ تذليل سان گڏ ان جي ڪردارڪشي تي به آڱر کنئي وئي، مٿس تشدد به ڪيو ويو ۽ آخر مٿي اگهاڙي نياڻيءَ کي بيقرار محبت جي ڏوهه ۾ گندگيءَ جي ڍير تي اڇلايو ويو ۽ اڄ اهو به معلوم ٿيو ته دنيا جي دستور ۾ برابري ۽ سراسري تحريڪ عورت مارچ جي روپ ۾ ڇاڪاڻ پيش آئي. ڪنهن اردو شاعر لکيو آھي ته

نہ سوالِ وصل،نہ عرضِ غم،نہ حکایتیں، نہ شکایتیں

تیرے عہد میں دلِ زار  کے ، سبھی اختیار ہمارے چلے گئے۔

مطلب ته ڪجھه رهيو ئي نه،

عزت جي نالي تي ڪٺي وئي آھيان،

نه عرض ڪرڻ جهڙي آھيان،

نڪي درد ڪنهن سان ونڊڻ جهڙي آھيان،

بس ماٺاڻي ڪنهن رات ۾، غيرت جي نانءَ تي،

ڪاري ڪري ماري وئي آھيان.

درد پنهنجا سمورا کڻي، جيئري ساهه سان،

بنا ڪنهن ڪفن جي، دفنائي وئي آھيان!

آخر ۾ ڪڙي سچ سان الوداع ڪندو هلان  ۽ ھدايت طور چوندو هلان ته، ٻيلي موجوده هن دور جي محبت هڪ اهڙو بڪواس بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ مرد پنهنجو پٽڪو ۽ عورت پنهنجي عزت وڃائيندي رهي آ، تنهن لاءِثابت قدم ٿي پنهنجا اڳتي قدم کڻجن،

 

آزاد اصغر مصطفيٰ پنھور/ بلال ڪالوني، ڪراچي

 

روڊن تي رقص ڪندڙ موت جو راڪاس!‎‎

 

سنڌ ۾ هونئن ته روڊ حادثا روز جو معمول بڻجندا پيا وڃن پر ٿرپارڪر ۾ هن هفتي ٻه اهڙا ته روڊ حادثا ٿيا آهن جن جون وائرل ٿيل تصويرون ڏسي دل ڏڪي وڃي ٿي. 16 فيبروري 2023ع تي ڀوڄاسر موڙ تي موٽر سائيڪل ۽ سوزوڪي وچ ۾ آمهون سامهون زوردار لڳڻ ٿيڻ جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي حد ۾ واقع ڳوٺ راميون جا رهواسي گجو برادري جا ٻه موٽرسائيڪل سوار فرد تڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. 20 فيبروري 2023ع  تي ڳوٺ گوڙھيار جي موڙ تي ڪنري کين ايندڙ ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ڪوسٽر جو ڪنڊڪٽر ۽ هڪ ٻيو مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 20 مسافر سخت زخمي ٿي پيا. هي فقط اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ پيش آيل ٻن روڊ حادثن جو مثال آهي. اهڙا واقعا روزانون اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا جي سرخين ۽ بريڪنگ نيوز جي زينت بڻيل هوندا آهن. اسان جي هن ملڪ ۾ انسانن کي معذور ڪندڙ ۽ جانيون ڳڙڪائيندڙ روڊ حادثن کي قدرتي حادثي جو نالو ڏئي لکئي جو ليک سمجهيو وڃي ٿو پر سوال اهو آهي ته سڌريل معاشرن ۽ قانون جي بالادستي رکندڙ ملڪن ۾ اهڙا لکئي جا اهي ليک ڇو ناهن ٿيندا؟ روڊ جي قانونن ۽ اصولن تي جيستائين عمل ممڪن نه ٿو ڪيو ۽ ڪرايو وڃي تيستائين روڊن تي موت جو راڪاس رنڀندو رهندو ۽ انساني جانيون ڳڙڪائيندو رهندو! ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٽريفڪ جي قانونن کي سخت ڪيو وڃي ته جيئن زيان ٿي ويل انساني خون محفوظ بنجي سگهي.

 

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر

 

ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي تيزي سان جاري آهي!‎‎

 

اسان جو ملڪ جتي دنيا جي ملڪ سان اهي واعدا ڪري رهيو آهي ته هو پڻ گلوبل وارمنگ ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ خطي جي موسمن جي خلاف قدم کڻندو، جنهن سلسلي جي هڪ ڪڙي اها به آهي ته هن ملڪ خاص طور تي سنڌ جي خطي ۾ گھڻي کان گھڻي وڻڪاري ڪئي وڃي ۽ وڻن جي واڍيءَ تي مڪمل طرح سان پابندي لاڳو ڪري اهڙو عمل ڪندڙ انسانن جي خلاف سخت ڪارروايون ٿيڻ گھرجن پر واهي پانڌي ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ وڻن جي واڍي وارو غيرقانوني ڪم قانون جي رکوالن جي سرپرستي هيٺ جاري آهي، ڪاڇي جي علائقن ڊرگھه بالا، حاجي خان، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان، ڳوٺ پريو جمالي، ھئيروخان، پٽ گل محمد، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاهه قصبو، گاج بنگلو سميت ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ پوليس چيڪ پوسٽون ٿاڻا ۽ چوڪيون قائم هئڻ باوجود هتان جي قيمتي وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل روزانو سوين ٽريڪٽر پوليس ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن کي ڪراس ڪري ڪارخانن تائين پهچن ٿا، پر انهن جي خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. جڏهن ته قيمتي وڻن جي ڪٽائي کي ڪاڇي واسين ۽ واپارين پنهنجو روزگار بڻائي ڇڏيو آھي. وڻن جي تيزيءَ سان واڍيءَ جي ڪري ڪاڇي ۾ قدرتي ماحول کي سازسگار رکڻ وارا ساهوارا وڻ ختم ٿي رهيا  آھن، جڏهن ته ڪاڇي ۾ برساتن جو گھٽ پوڻ ۽ گرمي ۾ واڌ جو مُک ڪارڻ پڻ علائقي ۾ وڻن جي واڍي ٻڌايو وڃي ٿو. ان لاءِ ڪاڇي جي سڄاڻ ڌرين پاران وس وارن اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته ڪاڇي ۾ قيمتي وڻن جي واڍي جو سخت نوٽيس وٺي ماحول دشمن عنصرن خلاف سخت کان سخطت ڪارروائي عمل ۾ آڻي ڪو دير پا لائحه عمل جوڙيو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

..جي تون هاڻ ڏوهه ڪندين ته اسان توکي ڳولي ماري ڇڏينداسين. ڪجھه سوچڻ کان پوءِ هُن چيوته ڇا اها سچي ڳالهه ڪري رهيو هو؟ مون هُن کي چيو ته تنهنجي جسم ۾ ڪو سوراخ وغيره انهن ڪيو هو، رمانڊ جي دوران؟ عابد چيو بلڪل نه، مون چيو ته پو هو توکي رڳو ڪوڙو ڊپ ڏئي رهيو آهي. مون چيومانس ته هاڻ ان سان ملاقات ٿيئي ته ان کي جواب ڏجان ته آئون تنهنجي ڳالهه مان Dispose ڪري چڪو آهيان، عابد چيو ته اهو انگريزي جو اکر مون کي سڄي زندگي نه ايندو. عابد کان هڪ پرچي لکرايم دلدار جي نالي جيڪا بلڪل پنهنجي انداز جي لکرايم ته: ڊيئر ڀائو دلدار، اُميد ته خيرن سان هوندا، عرض ته توهان پنهنجا پئسا ڪٽرائي بندي پوءِ ئي رواني ڪندا، سموري سنگت کي سلام. عابد خط جي آخر ۾ مون پنهنجي نشاني به ٺاهي جنهن کي ڏسندي ئي هو سمجھي ويندو ته اهي آصف جا سفلام آهن، خط ۽ بندي پريتم کڻي ويو ۽ ڪجهه دير بعد عابد لاءِ دلدار جا سلام ۽ مون لاءِ ۽ استاد جا سلام کڻي آيو، پريتم چيو ته دلدار پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو، پريتم چيو ته دلدار مون کي ڏسي سڀن کي پهريان مون ڏي ڀڄي آيو ڇو ته کيس خبر آهي ته هي آصف جو ماڻهو آهي، هن چيو ته دلدار جي اکين ۾ خط پڙهي چمڪ اچي وئي هئي، پر هُن خط مون کي پڙهي واپس ڪري ڇڏيو، مون اهو خط پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ ۾ ٿي وڌو ته عابد مون کان کسيندي چيو ته پاڻي ڪاغذ جي زندگيءَ جو دشمن آ، ان ڪري هن کي پاڻيءَ کان پري رک. مون ان وقت پنهنجي وجود کي ڪو ڪاغذ جو جبو ۽ سموري دنيا کي پاڻيءَ جو وڏو ريلو محسوس ڪيو، هن وقت عابد ۽ ڏاهاڻي اخبار تي تبصرو ڪري رهيا آهن، ۽ مون کي اسد جي ڏاڍي ياد اچي رهي آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (03 آگسٽ 2022، شام جا 06:41 وڳا)