“جيل جي ڊائريءَ جا ورق” اي پرين!

هينئر زندان تي برسات جو گوڙ ۽ تنهنجي ياد گڏجي هڪ عجب سماءُ ٻڌي ڇڏيو آهي، بجلي اچي ۽ وڃي رهي آهي ۽ سموري وارد جي قيدين ۾ پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ ڀڄڀڄان پئجي وئي آهي پر منهنجا ٻئي ساٿي گھري ننڍ جي ڀاڪُر ۾ محُو خواب آهن. کنوڻين جي کيچل بلڪل تنهنجي ذلفن جيان آسمان تي لهرائي رهي آهي، اها خبر ناهي ته اڄ ڪنهن تي غضب ڍائيندي. ڪجھه پيکن جي ڦڙڦڙاهٽ ۽ مٺيون لاتيون ۽ سُرن مون کي صبح صادق ٿيڻ جي شاهدي ڏني پر ڀِت تي ٽنگيل بنان شيشي واري پراڻي وال ڪلاڪ رات جا 03:33 وڄائي رهيو آهي. هي پکيئڙا شايد پنهنجي رب کي ٻاڏائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ آئون بس تنهنجي نانءَ جي تسبيح سوري رهيو آهيان. سچ لکان ته هڪ باهه ڄڻ ته دل جي  ڪنهن ڪُنڊ ۾ هُري دکي رهي آهي، جنهن جي ڪري منهنجو پورو چهرو پگھر سان شرابور ٿي پيو آهي پر منهنجو باقي جسم ٿڌو لڳو پيو آهي، هن ديس جي حڪمرانن جيان! ڪاش هن وقت منهنجو هيءُ ٿڌو جسم تنهنجي وجود جي ويجھو هجي ها ته تنهنجي جسم جي تپش سان هن برسات جي پاڻيءَ کي باهه وڪوڙي وڃي ها ۽ منهنجي جسم جي پگھر ۾ شهرن جا شهر ٻڏي وڃن ها. يقين ڪرين ته تنهنجي وجود کان سواءِ منهنجي ذات ڪنهن به ڪم جي ناهي، جيتوڻيڪ تون منهنجي ئي پاسراٽيءَ مان ٺهي آهين ۽ آئون تو لاءِ صديون رليو ۽ ڀٽڪيو آهيان، جھرجھنگ ڦريو آهيان، تون به مون لاءِ تمام گھڻو تڙپي آهين، رُني آهين، پيرين اُگھاڙي گرمي، سرديءَ ۾ تو مون لاءِ پير پِٿون ڪيا آهن. اسان جون دعائون ڪڏهن اسان کي هڪ ڪري ڇڏيندون آهن ته ڪڏهن اسان جا گناهه اسان کي هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏُور ڪري ڇڏيندا آهن، اهو سلسلو آدم کان آصف تائين بلڪه اُن کان پوءِ به جاري و ساري رهندو، آئون اميد ٿو ڪريان ته پاڻ رڳو زنداني سلاخن مان هڪ ٻئي جو ديدار فاصلن جي صورت ۾ ڪري هميشه تڌڙين آهُن تي ئي گذارو نه ڪندسين، بلڪه تمام جلد هڪ جسم ۽ هڪ جان ٿي وينداسين ۽ پنهنجي گھر ۽ ڳوٺ کي آباد ڪنداسين. اُتي اسان جا نسل پروان چڙهندا. تون هميشه کان مون لاءِ روح جي راحت ۽ دل جو سڪون رهي آهين، انهيءَ ئي طرح سان آئون هميشه پنهنجي نسل کي تنهنجي ئي تابع رکندس. هڪ ڀيرو ملي وڃڻ کان پوءِ ڪڏهن به توکان پري ڪونه ٿيندس، تنهنجي جسم کي پنهنجو لباس ۽ پنهنجي جسم کي تنهنجو لباس بڻائي ڇڏيندس. تنهنجو، بس تنهنجو!

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد (24 جولاءِ، 2022)

قمبر جي تاريخي عمارت ميسارجي پئي!

ڪنهن ڪم سانگي قمبر مختيارڪار آفيس وڃڻ ٿيو جتي هيءَ تاريخي عمارت ڏسي  اوائلي دور جون يادون تازيون ٿي وڃن ٿيون پر افسوس ته هي تاريخي حيثيت رکندڙ عمارت ميسارجي پئي، هي قمبر جي قديم ترين ۽ تاريخي عمارت مختيارڪار آفيس آهي جيڪا انگريزن دور جي  ٺھيل آهي ۽ اهڙيون تاريخي عمارتون ڊھي نه ٿيون سگهن پر اها بيڌياني ۽ بيحسي آهي، تنهن ڪري هن عمارت جو هڪ وڏو حال ڊهي پيو آهي، چڱو ٿيو ته هيءَ عمارت رات جي وقت اوچتو ڊهي پئي ۽ جاني نقصان جو بچاءُ ٿي ويو. هن عمارت کي گهمي ڏسبو ته هيءَ عمارت ميسارجي رهي آهي، جتي اڃا ڪلارڪن جون آفيسون ۽ سٽي سرويئر جي آفيس موجود آهي ۽ مختيارڪار آفيس جو مڪمل عملو هن زبون حال عمارت ۾ ڊيوٽي ڪري ٿو، جتي هر وقت خطري واري صورتحال موجود هجي ٿي، جڏهن ته هن پراڻي عمارت جي پاسي ۾ مختيارڪار صاحب جي آفيس موجود آهي، جيڪا پڻ هن وقت زبون حاليءَ جو شڪار آهي پر ان کي به رپيئر ڪري ۽ ڀراءُ وجهي مٿي ڪيو ويو آهي، جيڪا پڻ زبون حال آهي، جيڪڏهن اهڙين تاريخي ۽ قديمي عمارتس جي بهتر نموني ۽ ايمانداريءَ سان مرمت ڪرائي وڃي ته هي پراڻيون عمارتون نئين ٺھيل عمارتن کان 100 ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهن پر سوال آهي ته ان ۾ ٿرڊ ڪلاس ۽ جڳاڙي قسم جو ڪم ٿيل نه هجي ۽ هيءَ عمارت به ڪجهه سال اڳ رپيئر ٿي هئي پر اهو شايد ٿرڊ ڪلاس ڪم ٿيو، نتيجي ۾ هيءَ جهوني عمارت ڊهي پئي ۽ هن تاريخي عمارت جي اندران آفيس جو ڏيک آهي، جيڪا هينئر جزوي طور ڊهي پئي آهي. خدا نه ڪري جيڪڏهن هي آفيس ڏينهن جي وقت ڊهي پئي ها ته گهڻو نقصان ٿئي ها ۽ انساني جانين لاءِ خطري جو سبب بڻجي ها. پراڻين عمارتن جي سنڀال ڪئي وڃي ۽ انهن کي ڊھڻ کان بچايو وڃي، ايئن نه ٿئي جو جاني نقصان ٿي وڃي ۽ پوءِ ان تي پڇتائجي ته ڪاش! وقت سر ڪي ڪوششون وٺجن ها! تنهنڪري اهڙين عمارتن کي ڊھڻ کان اڳ ئي بچايو وڃي يا اهڙين عمارتن کي خالي ڪرايو وڃي ته جيئن ڪنهن وڏي الميي کان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کي هن زبون حاليءَ جو شڪار عمارت جي سار سنڀال لهڻ گهرجي ۽ ملبي جو ڍير بڻيل مختيارڪار آفيس جو جلد ڪم ڪرايو وڃي ۽ هن عمارت کي خالي ڪرايو وڃي ته جيئن اسٽاف جو ڪنهن حادثي کان بچاءُ ٿي سگهي.

گلشن چانڊيو/قمبر

چور جا ھٿ وڍيا وڃن !

ھڪ ڏينھن بادشاہه گڏھن کي قطار ۾ ھلندي ڏٺو ته گڏھن جي مالڪ کان پچيائين ته تون انهن کي سڌو قطار ۾ ھلڻ ڪيئن سيکاريو آھي؟ گڏھ جي مالڪ چيو جيڪو گڏھه قطار مان نڪري ويندو آھي آئون ان کي سخت سزا ڏيندو آھيان، بادشاہه چيس ته ڇا تون ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگھين ٿو؟ گڏھن جي مالڪ ھائوڪار ڪئي، بادشاہه ان کي قاضي جو منصب ڏنو، پھرين ڏينھن ان جي سامهون ھڪ چوري جو ڪيس پيش ڪيو ويو، گڏهه جي مالڪ فيصلو ڏنو ته چور جا ھٿ ڪٽيا وڃن، جلاد گڏهه جي مالڪ جي ڪن ۾ چيو سائين چور وزير جو خاص ماڻهو آهي، گڏھ جي مالڪ ھن جي ھڪ نه ٻڌي ۽ ٻيھر چيائين چور جا ھٿ ڪٽيا وڃن، ان تي وزير اٿيو ۽ ان جي ڪن ۾ چيو جناب ٿورو خيال ڪيو، ھي منھنجو خاص ماڻهو آهي، تنھن ھوندي به گڏهه جي مالڪ چيو، سفارش ڪرڻ واري جي زبان ۽ چور جا ھٿ ڪٽيا وڃن، ان ڏينهن کان پوءِ ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو. اسان وٽ ايئن ٿيڻ گھرجي ته هتان جي چورن جا به ھٿ ڪٽجن ۽ سفارشين جون زبانون اسان جي ملڪ ۾ پاڻ ئي سڌري وينديون.

ثقلين حيدر/رتوديرو

ڪاڇو بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آهي؟‎‎

ڪاڇي جي مختلف شھرن پٽ گل محمد، ٽوڙ، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ فضل جمالي، هئيرو خاب، قصبو راڄوديرو، مست ڪيهير شاھ، ڇني گاجي شاھ ۽ واهي پاندي سميت ڪاڇي جي سوين جي تعداد ۾ ڳوٺ جتي ٻي ته وفاق توڙي سنڌ حڪومت سهولت نه ڏئي سگهي آھي اتي زندگي جو اهم جياپو پئيڻ جو صاف پاڻي به ڪاڇي واسين کي مهيا نه ڪري سگهي آهي، ڪاڇي جا هزارين راهواسين اڄ به سئو سال اڳ جيان پٿرن واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھن. ڪاڇي جا ڪافي اهڙا ڳوٺ به آھن جتي دٻن، تلائن ۽ ننڍيون ننڍيون کوهيون کوٽي پاڻي واپرائڻ ٿا، اهڙا به ڪاڇي جا ڪجھ ڳوٺ آھن جتي دٻن، تلائن کوهن ۾ مهينن جا مهينا بيٺل پاڻي خراب ۽ سائو ٿيل آهي، اهو گندو پاڻي انسان توڙي جاندارن پئيڻ تي مجبور آھن، کڏھن تلائن دٻن جو گندو پاڻي واپرائڻ سبب اڪثر ڪاڇي جي ڳوٺن جا راهواسي دم، سهڪي ٽي بي ۽ ڪاري ڪامڻ جهڙين خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي پنهنجن قيمتي زندگين تان هٿ ڌوئي رهيا آهن ۽ اڪثر ڪاڇي واسي خطرناڪ پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي بستري حوالي لاچار بيوسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. دادو، جوھي جتي اڪثر ڪري گذريل 50 سالن کان وٺي پ پ پ جا بيهاريل ايم اين اي ۽ ايم پي اي چونڊجندا پيا اچن پر ھنن خالي دلاسن آسرن ۽ ڏٺن کان سواءِ ڪاڇي واسين کي ڪجھه ناهي ڏنو، مختلف ڳوٺن ۾ زندگي جون ڪي به سهولتون نه ڏئي سگهيا آهن جنهن سبب پٽ گل محمد قصبو، مست ڪيهر شاھ، هئيرو خان سميت مختلف ڳوٺن جا راهواسي دربدر زندگي ۽ سڄو ڏينهن ڪنهن ڪمڪار ڪرڻ بدران زندگي جي جيئدان جي اهم ذريعي پاڻي جي ڳولا ۾ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ نڪرن ٿا ۽ زندگي جو جياپو پاڻي گڏھن، موٽرسائيڪلن، سائيڪلن توڙي ڪلهن تي ڊميون کڻي روزانون جي بنياد تي اڄ اجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪاڇي جي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ڌرين ۽ ڪاڇي واسين وزيراعظم پاڪستان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن جي هزارين رهواسين کي مختلف ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سڄي ملڪ ۾ ستين

آدمشماري ۽ سنڌ جا خدشا!

پهرين مارچ کان سنڌ ۾ ستين آدمشماري ڪرائي پئي وڃي جيڪا ماڻھن جي ڳڻپ ڊجيٽل ڊوائيس جي ذريعي ڪرائي ويندي، خيرپور ناز ھاءِ اسڪول ۾ سنڌ ايجوڪيشن فورم جيجل امڙ ويلفيئر ۽ مخدوم عبدالرحمان شھيد لائبريري جھڙا شريفن جي طرفان آگاھي ڊجيٽل آدمشماري پروگرام ڪرايا ويا، جنھن ۾ صحافين، اديبن، استادن، سماج سڌارڪ ۽ ٻين مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي. جنھن ۾ ڊجيٽل آدمشماريءَ بابت ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي. جڏھن ته ڊجيٽل آدمشماري 20 فيبروري کان ٿي چڪي آھي پر ڪافي خدشا آھن، جنھن تي ڪالھ سنڌ اسمبليءَ جي ميمبرن وزيرن به خدشا ظاھر ڪيا. آدمشماري ماڻھن جي انگن اکرن ۽ مڪمل ڊيٽا گھراڻي جي اچي وڃي ٿي، آدمشماريءَ تي توھان جي رٿابندي ۽ بجيٽ به ملندي آھي، ان سان گڏ تڪ ۾ گھڻي آبادي رکندڙ ضلعو يا تعلقي ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جون سيٽون وڌنڌيون آھن. سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻا ڌاريا آباد آھن، جن کي آدمشماريءَ ۾ ڳڻي انھن کي آباد ڪرڻ جو رستو صاف ۽ سولو ڪيو پيو وڃي. آدمشماري ھر ٻن يا پنجن سالن ۾ ٿيڻ کپي پر ان ۾ ڪارڊ جو ھجڻ لازمي امر قرار ڏنو وڃي. ان سان خبر پوندي ته سنڌ ۾ ڌاريا ڪيترا آباد آھن ۽ انھن کي ڪارڊ ڪنھن ٺاھي ڏنا آھن؟ ڊجيٽل سروي ۾ سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻ کپي. سنڌ جي قومپرست پارٽين، اين جي اوز، سماج سڌارڪ تنظيمن، سگا، سنڌي ادبي سنگت کي به ڳوٺن ۾ آگاھي پروگرام، گڏجاڻيون ڪري سنڌي ماڻھن کي ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ اتساهڻ گھرجي ۽ انھن کي آدمشماريءَ جا فائدا به ٻڌائڻ گھرجن. سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت کي ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کي لازمي ڪرائڻ ۽ جيڪي ھن ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ استاد ڪم ڪندا انھن کي گھرجي ته سنڌ ۾ ڌارين جي داخلا نه ڪن. گھر گھر مھم ھلائي وڃي. سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿيو، توھان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ٿي رھيا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادي جي حقيقي انگن اکرن کي ظاھر ڪري جيئن سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صحيح حصو ملي، جيڪو سنڌ جو حق آھي. سنڌ جي مختلف فورمن تان پروگرام ٿي رھيا آھن ته سنڌ جي ھر سجاڳ ماڻھن کي سجاڳي ڪرڻي آھي پر پوري سنڌ جو مطالبو آهي ته سڃاڻپ جو ڪارڊ جو ھجڻ ضروري قرار ڏنو وڃي ۽ مينوئل آدمشماري ڪرائي وڃي .

ساگر شفيق وساڻ/جھنگو وساڻ

رياست تي اسان جا حق!

رياست تي اسان جا حق آهن، اهي ڪهڙا آهن، پهريون نمبر صحت اسان جو حق آهي، رياست کي گهرجي ته اسان کي بهترين اسپتالون مھيا ڪيون وڃن، جيڪي سرڪاري اسپتال جا ڊاڪٽر ملازم آهن انهن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجي پرائيويٽ اسپتالون نه کولين ۽ ٻيو نمبر تعليم اسان جي ٻارن جو بنيادي حق آهي، جيڪو رياست جي ذميواري آهي ته هر ٻار کي سٺي ۽ تعليم مهيا ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري ملازم استاد جو ٻار ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ تعليم پرائي ٿو ان استاد کان پڇاڻو ڪيو وڃي، اوهان جو ٻار سرڪاري اسڪول بجاءِ پرائيويٽ اسڪول ۾ ڇو تعليم پرائي رهيو آهي؟ انهيءَ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته استاد گورنمينٽ اسڪولن ۾ ٻارن تي ڌيان نٿا ڏين ۽ ٽيون نمبر رياست جو ڪم اسان جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ آهي، اسان جا رياست جي مٿان تمام گھڻا حق آهن، ڪهڙو لکي ڪهڙو لکجي؟ پر افسوس سان اسان جا ٻار تعليم کان محروم آهن، هتي اسان وٽ اسپتالون ته آهن ڇر اتي ڊاڪٽر موجود ناهن ۽ جتي ڊاڪٽر موجود آهن اتي وري دوائون موجود ناهن، هن انصاف لاءِ ٿاڻا آهن پر اتي انصاف ناهي، ٿاڻا وڏيرن وٽ يرغمال برڻيل آهن. اسان جي رياست وٽ ٻٽا قانون آهن، اميرن لاءِ هڪ، غريبن لاءِ ٻيو. آخر اهو نظام ڪڏهن تبديل ٿيندو؟

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

سنڌ مان سماجي برايون ڪڏھن ختم ٿينديون؟‎‎

سنڌ ۾ قانون آھي پر ان تي عمل ناھي ٿيندو، ھن وقت سنڌ جا نوجوان منشيات، جوئا، آڪڙا پرچي ۽ ڪڪڙين جي ميلن ۾ ھزارين رپين جون شرطون رکي گھر جون سامان سڙو وڪڻي ڇڏين ٿا جنهن کان پوءِ هو قرض ۽ وياج تي پئسا وٺي  پاڻ کي ڪنگال بڻائين ٿا، ان سلسلي ۾ ڪي نوجوان پنھنجو مستقبل برباد ٿا ڪن، اهڙين سماجي براين تي قانوني پابندي هجڻ جي باوجود ڪڪڙين جي ميل سنڌ جي ھر شھر ۾ سرعام ٿي رهي آهي پر اسان جي پوليس انھن براين کي بند ۽ ختم ڪرڻ بجاءِ انهن سماجي براين کي پنهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ورتو آهي ۽ انهن کان پنھنجو حصو پتي وٺي خاموش تماشائي بڻجي هن سماج جي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهي آھي. آخر اسان جي هن سماج مان اھي برايون ڪڏھن  ختم ٿينديون؟ اسان سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ کي اپيل ٿا ڪريون ته سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري، ضلعي انتظاميا جوئا جي خلاف ايڪشن کڻي ته جيئن نوجوان ھن برائي کان بچي سگھن، پنھنجو مستقبل سنوارين، بيروزگار نوجوانن لاءِ سنڌ ۾ ھنري سينٽر پڻ کوليا وڃن.

ميانداد مري/ڪنڌڪوٽ

محبتون وکيريندڙ ماڻهو!

ادب قومن جي سڃاڻپ آهي، ادب وسيلي نوجوانن جي ذهنن ۾ نوان ٻج ڦٽن ٿا. هتي به اهڙا اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن جن پنهنجي قلم وسيلي معاشري ۾ وڏي تبديلي ۽ سوچ آندي. اهڙا ماڻهو هميشه عوام جي دلين ۾ رهندا آهن. اردو ادب جو ناليوارو شاعر امجد اسلام امجد به اهڙوئي استاد، شاعر ۽ ڊراما نگار ٿي گذريو آهي. سندس لکيل ڊرامن معاشري تي هاڪاري اثر ۽ تبديلي آندي. هو محنتي، باهمت ۽ ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ وارو ماڻهو هو. هن لاءِ اهو مشهور هو ته هو اردو ادب ۾ وڌ کان وڌ پڙهيو ويندڙ شاعر هو. هو زندهه ته اٽڪل اٺ ڏهاڪا رهيو پر تخليقي ۽ ذهني سفر ست صدين جيترو ڪيائين. 1965ع جي جنگ ۾ بهترين نظم لکيا جيڪي گهڻو مشهور ٿيا. امجد اسلام امجد نه فقط سٺو ڊراما نگار هو پر سٺو شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هو. هن جو معاشري جو زبردست مشاهدو هو، ان ڪري سندس لکڻين ۾ نواڻ ۽ چاهه هو. 1979ع ۾ سندس 13 قسطن جو لکيل ڊرامو “وارث” لاهور ٽيليويزن تان پيش ڪيو ويو، جنهن مان کيس پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن تائين مشهوري ملي.ڊرامي ۾ هن چوڌري حشمت جي دقيانوسي سوچن کي فاش ڪيو. ڊرامو ڪرپٽ فيوڊل سسٽم تي هو، جيڪي عوام جا حق غصب ڪن ٿا. هن ۾ پنجاب جي ٻهراڙي جي ثقافت جا رنگ ڀريل هئا، جيڪي پوري دنيا ۾ پسند ڪيا ويا. ڊرامو ڪيترائي ڀيرا ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. ڊرامي کي چائنيز ٻولي ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ويو. امجد اسلام امجد جو تخلص “امجد” هو، سندس لکڻيون جاندار هيون. هو ڪوهنور جو هيرو هو. هن ڊيلي ايڪسپريس ۾ ڪالم پڻ لکيا. هن شاعريءَ وسيلي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو، هن جي شاعري ۾ نه فقط غزل جاندار هو پر ٻيو رخ به بهترين هو. ان کان سواءِ استعارا، خواب، ڇانو، عڪس ۽ پاڇا سفر جي صورت ۾ نظر آيا. پنجاب يونيورسٽيءَ جي لٽرري سوسائٽي جو چيئرمين ۽ رسالي محور جو ايڊيٽر رهيو. سائنس بورڊ جو ڊائريڪٽر ۽ پنجاب آرٽس ڪائونسل جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهي يادگار ڪم ڪيا. هن جا مشهور ڊراما “دهليز، سمندر، رات وقت، اپني لوگ ۽ وارث” هئا. ڪجهه ڪتابن ۾ برزخ، عڪس، ساتوان در، فشار، ذرا پهر سي ڪهنا، آنکهون ۾ تيري سپني ۽ شهر در شهر وغيره شامل آهن. امجد اسلام امجد 14 کان وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ کيس ادبي خدمتن تي پرائيڊ آف پرفارمنس مليو. هن محبتي ماڻهوءَ 10 فيبروري 2023ع تي هن فاني دنيا کي الوداع چيو. کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، اڄ اهي وڏن عهدن تي فائز آهن.

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن