باغ بچراھ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي تي ٿيندڙ حادثا!‎‎

 

امي ناشتو ٿورو جلدي تيار ڪندي ڪر، مون کي روز يونيورسٽي پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي! ڪڏھن پوائنٽ مون کي ڇڏي پئي وڃي ته ڪڏھن مان پوائنٽ کي پيو ڇڏيان، هلو خير سان مان تيار ٿي، جڏھن يونيورسٽي لاءِ گھران نڪتس ۽ اسٽاپ تي پوائنٽ جو انتظار ڪري رهيو ھئس ته مون کي اسٽاٽر محبوب ٻڌايو ته مطلوب اڄ اوھان کي دير ٿيندي، جڏھن مان ھن کان سبب پڇيو ته اسٽاٽر وراڻيو ته رات باغ بچراھ واري وڪڙ وٽ ڪمند جي ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي آھي، سو ٽريفڪ جام آهي، اوھان اڄ يونيورسٽي وقت تي پھچي نه سگھندا، منھنجا في الحال ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا، ڇو جو مون کي پريڪٽيڪل پھرين ڪلاس ۾ جمع ڪرائڻو ھو، جيسيتائين ان سوچ ۾ گم ھئس ته پوائنٽ به اچي پهتي، پوائنٽ جي ڊرائيور کي چيم ته رستو ته سامھون بلاڪ آهي ۽ وقت تي پھچڻو به آھي، سو ھڪ ٻيو رستو سجھي پيو، ان رستي ڏانھن رخ ڪيوسين ته ان جا به حال پورا لڳا پيا ھئا، جيئن جيئن ھلندا وياسين تيئن تيئن پيٽ ۾ وڪڙ پوڻ شروع ٿي ويا، ايتري حالت خراب ھئي رستي جي پوءِ اھو رستو ڪراس ڪري بچراھ چوڪ تي چڙهياسين ته نظر کي ڦيرايان ته ڪيتري ٽريفڪ جام لڳي پئي آھي، ڪيترا مسافر ڪيترو عوام رستو ڪليئر ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺل هو، مطلب ته 5 ڪلوميٽرن تائين ٽريفڪ ھئي، سبب اھو ھو ته رات جو وقت ھو خطرناڪ وڪڙ ھو، ڪمند سان ڀريل ٽرالي ھئي ۽ ٽريڪٽر کي ڪا چڱي ڀلي اسپيڊ ھئي، سو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان گاڏي نڪري وئي ۽ سڄي ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي ۽ رستو بلاڪ ٿي ويو، نيٺ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ ان ڪلٽي ٿيل ٽرالي کي ھٽايو ويو ۽ رستو بحال ٿيو، ان وڏي وڪڙ تي ڪا آگاھي ناھي پوءِ اھي حادثا معمول ٿيو پون ٿا. حڪومت کي ھدايت لاءِ ڪوئي بورڊ لڳرائڻ گھرجي ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿي سگھي ۽ مسافرن کي ڪا تڪليف پيش نه اچي.

 

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھ

 

ڪرسي تي متلُ ماتم ۽ نراسا عوام!

 

“اليڪشن ڪرايو، اسان کي حڪومت ڏيو، اسان جي ڳالھ مڃو، اسان سچا اوهان ڪوڙا.” گذريل 75 سالن کان هلندڙ پاڪستان ۾ سياستدانن جو راڳ هن سال ڪجھ نرالو روپ اختيار ڪري ويو آ، جنهن ڪري نه رڳو پرائيويٽ پر سرڪاري ادارن جا به لاھ نڪري ويا آهن. هن ڀيري مزدور هجي يا سڪاري ملازم هجي، پرائيويٽ ملازم هجي، ڏهاڙيدار مزدور هجي، دڪاندار هجي، ريڙهي وارو هجي يا واپاري هجي، ايتري قدر جو پنندڙ فقير هجي اڄ سمورا ملڪ جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن جي ضرورتن جي جنگ ۾ مصروف ۽ پريشان، لاچار، نفسياتي مريض ٿي ويا آهن. وري ملڪ ۾ دهشتگردي ڦٽي پئي آ، جنهن انساني لاچاريءَ کي هٿيار بڻائي گهرن، دڳن، مارڪيٽن، مسجدن ۾ به امن امان ختم ڪري ڇڏيو آهي. چوريون ۽ ڦرون عام ٿي ويون آهن، ڪٿي به انسان محفوظ نه رهيو آ، هو گهر کان ٻاهر ويندي هزار ڀيرا سوچي پيو ته خدا ڪري خير سان صحيح سلامت واپس گهر اچان، اهڙين حالتن مان عوام کي ڪڍڻ بجاءِ سياستدان پاڻ ۾ ڪرسيءَ جي جنگ وڙهي رهيا آھن. هنن کي ڪرسي ايتري ته پياري آهي جو کين نه عوام جا مسئلا نظر اچن پيا نه عوام جي ڪا تڪليف، هر ٽئڪس عوام (هيٺين طبقي) تي ئي مڙهيو وڃي ٿو، جيڪي مزدور، ڏهاڙيدار، روز ڪمائڻ روز کائڻ وارا آهن تن جو ته جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي. سياستدان ميڊيا ٽاڪ تي بس هڪ ٻئي کي گارگند ڪندي وقت گذاري هليا وڃن ٿا، نه ڪو خاطرخواهه جواب نه دليل نه ئي ڪا اسڪيم نه پاليسي، بس هو ڪري ويا، اسان بهتر، هو برا، اسان ڀلا، اسان هيئن ڪيون ٿا، هو هيئن ڪري ويا، بس ڪوڙ ئي ڪوڙ، سڄو ڏينهن عجب ٻٽاڪ ۽ تماشو لڳل آهي جن مان نه کير نه مکڻ، نه کڙ نه تيل. هاڻ ته بس ڌڻيءَ در دعا آهي ته ڪو ڌڻي سائين ئي ڪا اسان جي واهر ڪري، باقي ته حال سڌاري جوڳو نظر نٿو اچي.

 

ساقي ارشاد لورڙ/ قمبر

 

چور ڊيوٽيءَ تي پوليس ويزا تي، عوام بي يارو مددگار بڻيل!

 

سنڌ جنهن کي امن جي ڌرتي سڏيو ويندو آهي، هيءَ سنڌ اها ڌرتي آهي جتي ڪنهن کي به تڪليف ناهي ملندي، جنهن جي ڪري هتي جيڪو به آيو اهو هتان جو ئي ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتيءَ جي رهاڪن جو پيار محبت آهي ئي اهڙو جو ان پيار کان پري ڪير وڃي به ناهي سگهندو پر الائي ڇو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن ڌرتي کي ڪنهن جي ڪا نظر لڳي وئي آهي جو سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڪو به شهر، وستي واهڻ پرامن ناهي رهيو. اتر سنڌ ۾ ڌڙيل راڄ ته ڪيتري ئي عرصي کان قائم آهي، جتي عورتن جي آواز تي هرکجي روزانون ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيڻ هڪ معمول بڻيل آهي ۽ هاڻي ته مختلف قسمن جون لالچون ڏئي ماڻھن کي گهرائي ڀنگ وٺي ڇڏيو ٿو وڃي ۽ ڌاڙيل راڄ ايتري ته خراب صورت اختيار ڪري ويو آهي جو حڪومت انهن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ ڌاڙيلن ڪيترائي ڀيرا پوليس چوڪين، ٿاڻن تي حملا ڪري پوليس جي نوجوانن کي شهيد ڪيو آهي پر پوءِ به سنڌ سرڪار انهن ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا به جامع منصوبابندي ناهي ٺاهي ۽ هاڻي اها باهه وڌنڌي وڌنڌي اتر سنڌ کان ساهتي ضلعي نوشهروفيروز کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ضلعو نوشهروفيروز جيڪو هڪ پرامن ضلعي طور مشهور هو اهو هاڻ مڪمل طور بدامنيءَ جي باهه ۾ وڪوڙجي ويو آهي. ضلعي جي وڏن شهرن نوشهروفيروز، مورو، پڊعيدن، ڪنڊيارو، محرابپور ۽ هالاڻيءَ سميت ڦل، درياخان مري ۽ ٻين ننڍن شهرن، ڳوٺن ۾ روزانون ڪا نه ڪا واردات پر وارداتون ٿيڻ معمول بڻجي ويون آهن، گذريل ڪجھ مهينن کان ڏوهارين جون ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن. سرعام چورين، ڦرن ۽ ماڻھو مارڻ جون وارداتون رپورٽ ٿيون آهن. ڪنڊيارو ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان کي ٿڏي تي ماريو ويو. نوشهروفيروز مورو شهرن ۾ سرعام ڏينهن ڏٺي جو لکين رپيا ڦرڻ جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿيون آهن، جڏهن ته ڦل شهر جي مين بس اسٽاپ وٽ ڏينهن ڏٺي جو وسيم ميمڻ جي موبائيل شاپ تان هٿياربند لکين رپيا روڪ ۽ موبائيلون ڦري وچ روڊ تان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندا هليا ويا پر پوليس ڪٿي به ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، پوليس رڳو فارملٽي طور خانا پوري ڪندي روزانون زيڊ 21 سوپاريون شراب ۽ منشيات واپرائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوري آهي.

 

محمد خالد ميمڻ/ڦل

 

زراعت کي هٿي ڏيو، ملڪ بچايو!

 

زراعت واحد حل آ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جهڙي عذاب کان بچڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي پياري ملڪ کي بچائڻ جو، هن جديد دور ۾ دنيا جٿي اناج، سبزيون، ميوا اپائڻ ۽ روزانون جي بنياد تي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نت نوان تجربا ۽ تحقيقون ڪري رهي آهي، اتي ئي وري اسان جو پيارو ملڪ اڃا 19 سئو اوندھ واري طريقن کان پاڻ کي آجو ڪري ناهي سگھيو. دنيا هن وقت جٿي ڇتين، ڀتين، هائڊروپونڪس، ڪچن گارڊننگ ۽ دلي جي گھم واري پوکائي جهڙن انيڪ طريقن کان وڌي اڳتي ڪم ڪرڻ لاءِ روان آهي ته اتي ئي وري اسان جو ملڪ (جنهن جي زراعت ڪرنگھي جي ھڏي ليکي ويندي آهي) پنهنجي کاڌ خوراڪ جي پورائي لاءِ ڪڏھن آءِ ايم ايف جا در کڙڪائيندي آهي ته ڪڏهن روس جا ته ڪڏهن برادر ملڪن مان خيرات جي لاءِٰ واجھائيندي نظر اچي ٿي. اڄ اها وقتي ضرورت آهي ته اسان جي حڪومت زراعت (جا پاڪستان جي معيشت جو ڪرنگهو سڏي ٿي وڃي) ان ڏانهن پورو ڌيان ڏي ۽ ملڪ ۾ عوامي سطح تي زراعت جي واڌاري جي لاءِ جامع پروگرام منعقد ڪرائي ته جيئن اسان جو بيروزگار عوام هوٽلن تي ويهي مهانگائي ۽ غربت جي قصن کان ڪجھ اڳتي وڌي سگھي ۽ پنهنجي ۽ پنهجي ملڪ جي ڪجھ ڪم اچي سگھي. خدارا ڪرنگهو بچايو ته ملڪ ۽ پاڻ به بچي ويندئو.

 

تسليم علي چانڊيو/ بھرام

 

سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ٿيندڙ امتحان رولڙي جو شڪار ڇو؟!‎‎

 

سنڌ حڪومت طرفان  ڏيڍ سال اڳ سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن جي تحت مختلف کاتن ۾ خالي جايون پُر ڪرڻ جي لاءِ هڪ اشتھار ڏنو ويو ھو ۽ ميٽرڪ کان وٺي گريجوئيشن تائين جي اميدوارن کان سندن تعليمي قابليت موجب 5 کان 15هين گريڊ تائين جي نوڪرين لاءِ درخواستون گھرايون ويون هيون ۽ چالان في 350 کان 700 رپيا مقرر ٿيل ھئي، جيڪا لکين غريب ۽ بيروزگار سنڌي نوجوانن پٽ سٽ ڪري ڏاڍي ڏکيائيءَ سان اھا چالان في ادا ڪئي ھئي، اسڪريننگ ٽيسٽ جو ذميواري آءِ بي اي سکر کي ڏني وئي هئي. اميدوار ٽيسٽ جي تياري ۾ رڌل رھيا، انھي دوران ايم ڪيو ايم ڪورٽ ۾ اعتراض داخل ڪرايا ۽ معاملو ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ ھيٺ رھيو، الله، الله ڪري ھن سال 15 جنوريءَ تي گريجوئيشن ڪيٽيگري لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي وئي ۽ 1 فيبروري کان انٽر ڪيٽيگري لاءِ اعلان ٿيو،1 فيبروري گذري وئي پر ٽيسٽ منعقد نه ٿي، ھاڻ خبرون پيون ھلن ته ھڪ ڀيرو وري معاملو ڪورٽ ۾ ويل آھي ۽ لکين اميدوار جن ڏاڍي ڏکيائين سان چالان في ڀري ۽ ڏينھن رات محنت ڪري ٽيسٽ جي تياري ڪئي سي اذيتن جو شڪار ٿي ويا آھن. اسين ڪورٽ سڳوريءَ ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا ھن معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺي بنا دير ٽيسٽ وٺي اميدوارن جي اذيت کي ختم ڪيو وڃي ۽ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي سندن اھليت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن بيروزگاري گھٽجي سگھي ۽ اھل اميدوار مختلف کاتن ۾ پنھنجون ذميواريون نڀائي ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

اسان جي معصوميت ۾ لڪيل منافقي!

 

ملڪ جي موجوده گنڀير صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟ ملڪ سان اھو حشر ڪرڻ جو انهن کي اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ ۽ پنهنجي پير تي ڪھاڙو ھڻن، ھاڻ ھر گھڙي واڳون وارا ڳوڙھا ڪير پيو ڳاڙي؟ ھي اھڙا سوال آهن جيڪي پنهنجي جوابن سان گڏ اسان جي ذھنن ۾ گردش پيا ڪن، مٿي لکيل سوالن مان ھڪڙو ملڪ سان اھو سڀ ڪجهه ڪرڻ جو ملڪي حڪمرانن کي اختيار ڏيڻ وارو سوال جو ذڪر ڪرڻ کان ٿي سگهي ٿو اسان ڪجهه لنوائيندا ھجون. بھرحال مٿين سوالن جا جواب ملڪ جو ھر فرد چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجهه سمجهون ٿا پر اليڪشن واري ڏينهن پنهنجي پاڻ سان منافقي ڪرڻ کان نٿا مڙون. دراصل حڪمرانن جو ڏوھ ڪونهي، اسان کڻي رڍن جيان ڪنڌ جھڪايو آهي، تڏهن ته ھي حڪمران اسان جو ڪنڌ جھڪيل ڏسي اسان تي ابتي ڇري ھلائيندي ھر گھڙي ظلم پيا ڪن. تنھن ڪري معذرت سان ڪنهن حد تائين اڄوڪين حالتن جا ذميوار سڀ کان اڳ اسين پاڻ آھيون، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه اسان پاڻ سياسي، سماجي ۽ اخلاقي لحاظ کان پنهنجي پاڻ کي جھڪائيندا پيا وڃون. وڏي ۾ وڏا چالاڪ ته پاڻ آهيون، ڇو ته پاڻ کي سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ کان پوءِ به انڌو، منڊو ھر پنجين سال اھو موقعو ضرور ملندو آهي ته پاڻ پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري اليڪشن واري ڏينهن ووٽ جي طاقت ذريعي ظالم حڪمرانن سان حساب چڪتو ڪريون. پر نه! ڇو ته پاڻ معصوميت جو نقاب پھري ووٽ ڏيڻ وقت پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ٻچن جي مستقبل سان منافقي ڪرڻ جا ماھر آهيون، سڄو ڏينهن وٺ وٺان ڪنداسين ته حڪمرانن جا ظلم وڌندا وڃن پر عوام جاڳي نٿو! يعني ايترا ته چالاڪ آھيون جو وري به سجاڳ ٿيڻ جو وزن عوام تي وجھي پاڻ کي مھا منافقي کان آجو ڪندي دير ئي نٿا ڪريون. سوال اھو آهي ته فيس بڪ تي عوام کي قصور وار ڪوٺيندي ته پاڻ دير نٿا ڪريون پر پاڻ به ته ان عوام ۾ شامل آهيون! تنھن ڪري پھرين پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ گھرجي ته ان ڏس ۾ پاڻ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي. پھرين پنهنجي پاڻ سان سچو ٿيڻو پوندو، اليڪشن واري ڏينهن پنهنجي ضمير کي نوٽن ۽ ڳاڙھي ٻوڙ کان بچائڻو پوندو ۽ جڏهن اسان ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي ضمير جي ٻڌڻ شروع ڪنداسين ته پوءِ ڪنهن ۾ جرئت نه ھوندي ته ھو اسان تي ظلم ڪري سگھي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ