ڇا توهان به ٿڪاوٽ جو شڪار رهندا آهيو؟

جسم جو چست ۽ توانو هجڻ اسان جي صحت ۽ بهتر زندگي لاءِ تمام گھڻو ضروري آهي پر اڄ ڪلھ متوازن غذا استعمال نه ڪرڻ سبب ماڻهو ٿورو ڪم ڪرڻ کان پوءِ تُرت ئي ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن، ٿڪاوٽ جو هونئن ته ڪو به علاج ناهي پر اسان توهان کي هڪ اهڙو نسخو ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪو ٿڪاوٽ ختم ڪري توهان کي تندرست بڻائي ڇڏيندو. ان نسخي لاءِ توهان کي اخروٽ ۽ ڪشمش جي ضرورت پوندي ۽ ٻئي جسماني سڪون لاءِ اهم آهن. اخروٽ ۾ پروٽينز، وٽامنز، منرلز ۽ فيٽس وغيره جسم ۾ ڪولسٽرول جي سطح کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ جسماني طاقت ۽ هڏن جي مضبوطي لاءِ به انتهائي فائديمند آهن، جڏهن ته ڪشمش ۾ ٽارٽرڪ ايسڊ موجود هوندو آهي، جيڪا هاضمي جي نظام سان گڏ دماغي سڪون پڻ فراهم ڪندي آهي، جنهن سبب ٿڪاوٽ جلد ختم ٿيڻ لڳندي آهي. هڪ گلاس کير گرم ڪيو ۽ ان ۾ چار ڪشمش جون ڳڙيون ۽ چار اخروٽ وجهي ان کي چڱي طرح پچايو، پوءِ ان ۾ هڪ چمچو پيٺل مصري وجهي ان کي چڱي طرح مڪس ڪيو، اهو کير روز نيراني پيو، توهان جي جسم ۾ توانائي اچي ويندي. نوٽ: شگر وارا مريض مصري جي بدران ڳڙ جو استعمال ڪن.

فقير نور محمد شر/ٺري ميرواھه

رولڙي جو شڪار واهي پانڌي کان جوهي روڊ جو ڪم!

واهي پانڌي جوهي روڊ مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، واهي پانڌي گورک هل اسٽيشن ٽنڊو رحيم خان، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ مراد جمالي، بلوچستان جي ڪجهه شهرن جو اچ وڃ واهي پانڌي جي رستي سان آهي، واھي پانڌي ڪاڇو جو هڪ اهم شهر آهي، هن روڊ جو ٺيڪيدار پْسا ھڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪم کي وفا سست رفتار ۾ ڪم ڪري پيو، ھڪ ته ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم ٿين نه پيا پر جيڪي ٿين پيا اھي به انتها ناقص ڪم ٿين پيا. ياد رھي ت ھن روڊ سان رڳو نئين جا وھڪرا آھن، 4 مھينن کان پوءَ وري برساتون شروع ٿينديون ۽ ٿورو گھڻو ٿيل ڪم نئين جي وھڪرن ۾ لڙهي ويندو آهي، واهي پانڌي روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن، علائقي واسين تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي، ڪاڇي واسين کي تڪليف کان بچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ثقافت ۽ سنڌي سماج!

دنيا جون مھذب ۽ زندهه قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي بقاءَ جون ضامن ھونديون آھن. لفظ ثقافت جي تشريح مختلف طريقن سان ٿئي ٿي پر ٿُلھي ليکي ڪنهن به قوم جي لباس، ريتن رسمن، سماجي ميل جول، اُٿڻ ويھڻ، ٻولي جا اُچار ۽ آداب وغيره کي ان جي ثقافت چئبو آھي. دنيا ۾ ايندڙ تبديلين سبب ثقافت به تبديل ٿيندي رھي آھي، رڳو سنڌي ثقافت تي نظر وجھبي ته محسوس ٿيندو ته اھا به حالتن پٽاندڙ تبديلي جي مرحلن مان گذري آھي. مثالطور اڄ کان 50، 60 سال پوئتي نظر وجھبي ته سنڌي مرد بالغ عمري ۾ مٿي اگھاڙو ھلڻ کي خراب سمجھيو ويندو ھو، ان ڪري مٿي تي پٽڪو يا ٽوپي پائيندا ھئا ۽ گوڏ، شلوار، ڌوتي يا لنگوٺو ٻڌندا ھئا ۽ عورتون ۾ چوڙا، گج، گاگھرو، شلوار ۽ مٿي تي پوتي ھوندي ھئي. اھي شيون ٻھراڙيءَ ۾ عام ۽ شھرن ۾ وري ٿوري مختلف صورتحال ھوندي ھئي. منهنجي عمر وارا ان ڳالھ جي تصديق ڪندا ته ڪو زمانو ھو، جڏھن ڪنهن ھنگامي صورتحال ۾ ڪا ھڪل ٿيندي ھئي ته سُتل ماڻهو اٿڻ مھل جُتي پائڻ وساري ويندو ھو، پر کٽ جي سيراندي پاڳي ۾ پيل پٽڪي ۾ ھٿ ضرور پوندو ھو، جيئن ٻاھر نڪرڻ وقت سندس مٿو اُگھاڙو نه ھجي. پاڻ اچون ٿا ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ثقافتي ڏھاڙي طرف، جنهن کي ملھائڻ لاءِ ڪافي پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آھن ۽ ماڻھو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي روڊن تي ناچ گانا ڳائي، فوٽو سيشن، لائيو پروگرام ۽ تقريرون ڪندا آهن، اڄ ڪلھ جي ميڊيائي دور ۾ شيئر ڪري داد وصول ڪندا آھن، پر ان سان گڏ ڪجھ ايئن به سوچيو ته اسان جو تعليمي معيار ڇا آھي؟ معاشرو نشي خلاف ڪيترو سرگرم عمل آھي؟ اخلاقي طور ڪيترو برجستو آھي؟ عام ماڻهو ھوٽلن تي ويھي بنا ڪم ڪيترو وقت ٿو وڃائي؟ ان کان سواءِ سياسي شعور، اخلاقي قدر، معاشي صورتحال، ادب ۽ حياءُ ۽ اھڙا ڪافي مسئلا آھن جن جي اصلاح به ضروري آھي. ھاڻ اھو وقت آھي جتي ناچ گانن ۽ ٺمرين بدران تعليم، ھنر، معاشي ترقي، جديد سائنسي طريقن موجب ريسرچ، وقت جو قدر، فضول خرچي کان پاسو، نشي کان نابري، فرسوده ريتن رسمن کان ڇوٽڪارو، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ، معاشري ۾ غريب ۽ بي پھچن کي امداد بدران ھمت ۽ حوصلي سان محنت ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ، امداد بدران محنت کي اوليت ڏيڻ ۽ کوڙ سارا ڪم آھن جن وسيلي اسان به دنيا جي ترقي يافتا قومن ۾ ڳڻجي سگھون ٿا، رڳو جذبي، ايمان ۽ محنت جي ضرورت آھي.

منيش ڪمار جسواڻي/پٿورو

نشو هر برائيءَ

جي پاڙ آھي!‎‎

جي توهان جي ڪنهن سان دشمني آهي ته صرف ھڪ ئي ڪم ڪجو، ان شخص کي يا ان جي گھر جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي شراب پيارڻ سيکاري ڇڏيو. ڪافي ماڻھو دشمني ۾ پورا پئي ناهن سگھندا نه ھٿ سان وڙھي سگھندا آهن ڇو ته ملڪ ۾ قانون آهي، ھر ماڻھو طاقت رکي ٿو. شراب واحد مرض آهي جيڪو ماڻهو کي تباھ، برباد، ذليل ڪرڻ ۾ خطرناڪ ھٿيار آهي. جيڪو شخص پيئڻ سکي ٿو، اھو پنهنجي روز جي ڪمائي 500 خراب لازمي ڪندو آهي، جيڪو شخص روز اٺ سو ڪمائي ٿو پنج سو خراب ڪري ٿو نه پاڻ ترقي ڪندو آهي نه اولاد کي اڳتي سڌرڻ ڏيندو آهي نه اولاد جي سٺي پالنا ڪري سگھندو آهي نه اولاد کي بهترين تعليم ڏياري سگھندو آهي ڇو ته اھو اھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي چڪو هوندو آهي جو هن کي گھر ۾ اٽو ھجي يا نه ھجي پر شراب لازمي وٺي پيئندو آهي. مطلب پنهنجي حلال ڪمائي زيان ڪندو آهي. لازمي ڳالهه آهي ته اھو شخص لازمي غريب ٿيندو، ڇو ته ھو پنهنجي ڪمائي زيان ڪري رھيو آھي. وڌيڪ ھر شخص سمجھدار آهي، غربت ۾ ھر برائي آهي، شراب گھڻن گھرن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڪافي گھرن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سان ظلم آهي، منهنجي چٺيءَ جو مطلب آهي ته مھرباني ڪري نشي کان اسان سڀني کي بچڻ گھرجي، ڇو ته نشي بنا انسان زنده رھي سگھي ٿو، ماني کان بنا زنده نٿو رھي سگھي، جيڪي دوست نشو ڪن ٿا انهن کي عرض آهي ته پنهنجي اولاد يا معصوم ٻارڙن جي اڳيان نشو نه ڪن، ڇو ته نشو برائي آهي.

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھه

باغ بچراھه ۾ فلٽر پلانٽ لڳرائي ڏيو!‎‎

پيئڻ جو پاڻي هڪ وڏي نعمت آهي، هر ساهواري پاڻي شيءِ لاءِ لازمي آهي، جيڪڏهن اهو پاڻي زهريلو هوندو ته ان مان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون آهن، ٻوڏ کان پوءِ سمن جو پاڻي، تلائن جو پاڻي ويتر ئي زمين جي جرن کي کارو ۽ زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙي نموني باغ بچراھ جيڪو جوڳين جي ڳوٺ سان مشهور آهي، جتي واٽر فلٽر پلانٽ به لڳل آهي جيڪو هن مهل ناڪارا بڻيل آهي، جنهن جا سڀئي پائيپ ۽ ٽوٽيون ڀڳل ۽ ٽٽل آهن، جنهن کي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ اڃا تائين بهتر ناهي بڻايو. هتان جا رهواسي زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جيڪي مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن. هڪ ته ٻوڏ ۾ سم جي پاڻي جر کارا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري هتان جي رهواسين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، هتان جا رهواسي مٺي پاڻيءَ جي نعمت کان محروم آهن. باغ بچراھ هڪ نيشل هاءِ وي تي هڪ اسٽاپ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڳوٺ واقع آهن، جن جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. هتان جا معصوم ٻارڙا به بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. اسان پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ، حد جي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ، حد جي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاھ ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد باغ بچراهه ۾ نئون فلٽر پلانٽ لڳرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان مختلف بيمارين کان بچي سگهون.

ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھه

ملڪ جو اڳوڻو صدر (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو!

ملڪ ۾ 11 سال حڪومت ڪندڙ جنرل (ر) ۽ اڳوڻو صدر پرويز مشرف دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مشرف سرڪار دوران ھن کي وڏين چئلينجن کي منهن ۽ ملڪي معشيت تي ڪنٽرول ڪرڻ سند پھرين ترجيح رهي. پرويز مشرف تي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻي حملي جو الزام هڻي کيس حڪومت تان ھٽايو ويو پر ڏٺو وڃي ته ھن جي دور حڪومت يعني نواز ليگ جي حڪومت کان سو ڀيرا بهترين حڪومت ڪندي کيس جمھوري سياستدانن آمر جا لقب ڏنا پر ان جي دور ۾ مھانگائي نه ھئي، عام ماڻھو به خوشحال ھو، غربت ۾ انتهائي گھٽائي رھي. جنرل پرويز مشرف پاڪستان جو اڳوڻو آرمي چيف ۽ ملڪ جو صدر به رھي چڪو، ھن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ سميت ٻيا ڪيترائي سياسي ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ بيمار رھڻ تي هو ملڪ کان ٻاھر ھليو ويو ۽ ڪيتري وقت کان بيمار رھڻ بعد 5 فيبروري تي دبئي جي ھڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. جنرل پرويز مشرف ملڪ جي ڀلي لاءِ پاڻ پتروڙيو ۽ ملڪ جو آئين ٽوڙڻ تي سنگين الزام ھڻي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي جج (ر) چوڌري افتخار ۽ پرويز مشرف ۾ سخت اختلاف رھڻ تي کيس ملڪ تي غداري جھڙا ڪيس داخل ٿيندا رھيا. مسلم ليگ نواز کي اي اين آرو ڏئي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏني، جڏھن ته جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي طاقتن سان مڙس ٿي منهن ڏنو، نه رڳو منهن ڏنو پر ھن ملڪ مان مھانگائي ۾ انتهائي گھٽتائي آڻي مھانگائي تي ضابطو آندو.مشرف جو آمريت وارو دور هن دور کان ھزار ڀيرا پھتر هو. ملڪ ۾ ڪرپشن توڙي بدعنواني جھڙا الزام ملڪ تي ڪڏھن به نه لڳايا ويا، جنرل مشرف کي رب ڪريم جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري جنهن کي پاڪستاني عوام دعائون ڪري رهيو آھي.

گل بيگ چانگ/ خيرپورميرس

ميرپورخاص جو نالا پراجيڪٽ ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟

ميرپورخاص ۾ 5 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود ميگا ڊرينيج منصوبي جو هڪ حصو به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. شهري هن منصوبي کي نالا پروجيڪٽ به سڏين ٿا. ٺيڪدارن جو هر ڪم اڻپورو آهي ۽ هر ٿورن ڏينهن کان هڪ نئين ڪم جي شروعات ڪري ”مدار پدر آزاد ميگا پروجيڪٽ” کي نئون نالو ڏنو ٿو وڃي. هڪ سال اڳ خان روڊ تي 15 ماجده کان کاهه ناڪا چوڪ تائين ڊرينيج جو ڪم شروع ٿيو هو، اڄ به جيڪڏهن 15 ماجده کان شروع ڪريان ته پهرين توهان ستين جو ڪم ڏسندئو، هري رام جي گهر کان ٿورو اڳتي پوءِ ڏسندئو. ستين جو ڪم، اهو به ايندو ۽ ان کان به اڳتي، رڪشا يا رڪشا کڻڻ به جان جو خطرو آهي. ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهن تي نئون عذاب لاڳو ٿي ويو آهي. اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هڪ ٻيو پاسو به ڏيکاريو ته 3 ڏينهن اڳ فروٽ فارم گيٽ کان مير ڪالوني تائين انڊر گرائونڊ پائيپ لڳائي گندي پاڻي جي نيڪال جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، جڏهن اڍائي کان ٻه سئو فوٽ کوٽائي ڪري سيمينٽ جا پائپ وڇايا ويا ته مقامي ماڻهن اعتراض ڪيو ته هن روڊ تان ڪڻڪ جون لوڊ ٿيل گاڏيون به گذرن ٿيون، جنهن بعد سيمينٽ جا پائپ ڪڍيا ويا ۽ زمين تي ٻيا پائپ به هتان منتقل ڪيا ويا. مشينن وسيلي 20 يا 30 فوٽن ۾ کوٽيل ملبي کي واپس ڀريو ويو، جڏهن ته باقي بچيل کڙو، جيڪو هڪ سئو پنجاهه فوٽ ڊگهو ۽ چار فوٽ ويڪرو هو، اهو جيئن جو تيئن ئي رهجي ويو، جيئن ملبو نڪرندو هو، ان کي ڪيئن ڀريو وڃي؟ هاڻي سوراخ، هاڻي ٽرڪ دروازي کان ٻاهر نه وڃي سگهي، ڪار هڪ ٻئي کي پار نه ڪري سگهي. خبر ناهي ته ڪو حادثو ٿيندو؟ ڇا نالا پروجيڪٽ وارا هوش ۾ ايندا يا نه؟ آخر هن نالا منصوبي جو ذميوار ڪير آهي؟ ترقي جي نالي تي ڦرلٽ جو ذميوار ڪير؟

شير محمد ملڪاڻي/ميرپورخاص

بحرانن ۾ ڦاٿل ملڪ جو نيٺ ڇا ٿيندو؟

ملڪ ھن وقت اندروني بيروني گھڻ رخي بحرانن ۾ ڦاٿل آھي، خاص ڪري معاشي بحران سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آھي، معاشي ماھرن موجب ملڪي خزانا تمام ٿوري عرصي ۾ خالي ٿيڻ وارا آھن ۽ ملڪ ۾ جنگي حالتون پيدا ٿيڻ واريون آھن، ملڪ ۾ غربت ۽ ملفسي ايتري ته وڌي ويندي جو ماڻهو بک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سبب آپگھات توڙي سرعام ڏوھي وارداتون ڪندا. اھڙي غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿيندي جو حڪومت ڪنٽرول نه ڪري سگھندي. ھن وقت ملڪي نااھل، ڪرپٽ ۽ چور حڪمران به پريشان آھن ۽ هو ملڪ کي ڳرن شرطن سميت وياج تي قرض ڏيندڙ آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻ لاءِ آتا آھن ۽ آءِ ايم ايف جا سمورا شرط قبولڻ لاءِ تيار آھن، جڏھن ته آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ غير معمولي واڌ پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ واڌ سميت ڪيترائي ڏکيا شرط شامل آھن. حڪومت آءِ ايم ايف جو پھريون شرط قبول ڪندي پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ 35 رپين جي غير معمولي واڌ ڪندي عوام جي تي مھانگائي جي ڪاتي وھائي آھي، اڃا به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 40 کان 54 رپين جو غير معمولي واڌ ٿيندي. آءِ ايم ايف سان ڪيل معاھدن جو سڄو بار سڌو عوام تي پوندو، ڇو ته مزدور جي مزدوري فقط پنج سئو رپيا آھي ۽ مھانگائي ھر ڏينهن وڌي رھي آھي، تنهن ڪري پنج سئو رپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ مزدور پنج سئو رپين مان خرچن جو پورائو نه ڪري سگھندو. ھن وقت فقط اٽو ڏيڍ سئو رپيا سير آھي، سو مزدور پنج سئو ۾ ڏينهن ۾ ٻن ويلن لاءِ اٺ ڏھ ڪلو اٽو خريد ڪري يا ٻيون ضرورتون پوريون ڪري؟ موجوده ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ غريب ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي، غريب ٻچن کي ٻه ويلا رُکي ماني به نٿو کارائي سگھي، ٻچڙن کي ڪپڙا خريد ڪري نٿو ڏئي سگھي، ٻچڙن جو علاج نٿو ڪرائي سگھي. ھر طرف مھانگائيءَ جون دانهون آهن، سمجھ ۾ نٿو اچي ته چارئي طرف مختلف بحرانن ۾ ڦاٿل ملڪ جو نيٺ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجيون عياشيون ۽ شاھي خرچ گھٽائڻ بجاءِ اڃا به عوام تي نوان ٽئڪس مڙھي مھانگائي وڌائي ته ملڪ ۾ عوامي بغاوت ڪَر کڻندي جيڪا ملڪي ڪرپٽ ۽ رھزن حڪمرانن کي اھڙو ته پنهنجي وڪڙَ ۾ آڻيندي جو حڪمران عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان پاڻ ھرگز بچائي نه سگھندا ۽ حڪمرانن کي لڪڻ جي ڪا جاءِ نه ملندي.

اسماعيل بهلڪاڻي/تنگواڻي

مھانگائيءَ جو طوفان ۽ غير سنجيده سياستدان!

اسان جي ملڪ ۾ ھينئر جيڪو مھانگائيءَ جو طوفان هلندڙ آھي ان ھيٺئين ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن کان ٻه ويلا ماني به کسي ورتي آھي، غربت ۾ پيڙھيل ۽ بيروزگار جيڪو پنهنجي گھر وارن لاءِ ٻن  ويلن جي ماني جو بندوبست نٿو ڪري سگھي، سو آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھي، جڏھن سياست دان چوي ٿو ته سندس 2 لک پگھار ۾ گذارو نٿو ٿئي ته سوچيو ته جيڪو مزدور ڏھاڙي 400 کان 600 رپيا ڪمائڻ وارو آهي اهو پنهنجو گھر ڪيئن ھلائي؟ جتي اٽو 140 رپيا ڪلو وڪامندو ھجي ۽ ھر روز گھريلو استعمال جي ھر شيءِ جي قيمت ٻيڻ کان ٽيڻ تي وڌيل هجي، جتي ھڪ طرف مھانگائيءَ سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي اتي اسان مٿان حڪومت ڪندڙ سياستدان ھڪ ٻئي جي ڄنداپٽ ۾ مصروف آھن. عوام سندن اوليت ناھي ۽ هو ذاتي انائن جي جنگ جاري رکيون ٿا اچن. حڪومت مخالف ڌر تي الزام ٿي ھڻي ته موجوده خراب حالتن ۽ مھانگائي انهن جي ڪيل آهي، آءِ ايم ايف جي معاھدن جي ڪري آھي ته مخالف ڌر وري موجوده حڪومت کي سڀني مسئلن جو ذميوار قرار ڏئي ان تي تنقيد ڪندي نظر اچي ٿي. ٻئي پارٽيون پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پورا آھن، جڏهن ته عوام ڪھڙي اذيت ۾ آھي ان طرف ڪنهن جو به ڌيان ناھي، اھو ئي سڀني مسئلن جو سبب آھي. ھينئر ضرورت ان امر جي آھي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي عوامي مسئلن جي حل ۽ مھانگائيءَ جي گھٽتائي لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙين ۽ پنهنجي ذاتي سياست کي ڇڏي عوام جي اھنجن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته ملڪ  اڳتي وڌي سگھي ٿو.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

آءِ ايف پاران ڪيل فرمائش ۽ غريب عوام جا سور!

جيئن ته هن وقت اسان جي ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي خراب آهن، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن مهانگائيءَ ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي رهي آهي جنهن سبب عوام سان گڏ هن وقت حڪومت پڻ پريشان آهي ته هاڻ ملڪ کي هن مسئلي مان ڪيئن ڪڍجي؟ جنهن سبب حڪومت آءِ ايف کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ هر شيءِ جي قرباني ۽ خاطري ڪرائي رهي آهي ۽ هوڏانهن وري آءِ ايم ايف اسان جي مجبورين جو فائدو وٺندي پنهنجا ڳرا شرط رکي رهي آهي، جنهن سبب غريب عوام جيڪو پهريان ئي پريشان آهي ويتر ان جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ۽ ان سموري نقصان جو وزن صرف عوام تي ئي پوندو ڇو ته اسان جي سياستدانن کي ڪهڙي خبر ته غريب کي اٽو وٺڻ لاءِ ڪيتري تڪليف سان منهن ڏيڻو ٿو پوي! سياستدان ته رڳو پنهنجي مطلب جو سوچي رهيا آهن ۽ پنهنجي بئنڪن ۾ پيل پئسي کي ٻيڻو ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا سياستدان صرف پنهنجي مستقبل ۽ پنهنجي اولاد جي مستقبل کي سيٽ ڪرڻ ۾ رڌل آهن، هنن کي غريب عوام يا انهن جي تڪليفن تي ڪو به فرق نٿو پوي. اسان جي ته بس پوءِ به حڪمرانن کان اها ئي گذارش آهي ته خدارا پنهنجي ذات جي باري ۾ سوچڻ بجاءِ عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن کي سمجهي ان کي رليف فراهم ڪريو.

آصف علي عباسي/سکر

برسات متاثر، مهانگائي، چوريون،

ڦرون ۽ اغوا جون وارداتون!

ضلعو خيرپور آبادي جي لحاظ کان ٻين ضلعن کان تمام وڏو آهي، هڪ پاسي انڊيا جي سرحد سان ته ٻئي پاسي سندس سرحدون سکر ، نوشهروفيرو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان لڳن ٿيون، برسات ۾ تمام گهڻو متاثر خيرپور ٿيو ضلعو آهي، خاص ڪري ڪوٽڏيجي، فيض گنج، ٺري ميرواھ ۽ سوڀي ديري ۾ برسات پنهنجا وارا وڄايا. سرڪار پاران هن وقت تائين متاثرن جي ڪا به مالي سهائتا ناهي ڪئي، صرف راشن، ٽينٽ ڏنا اهي به نالي ماتر هئا، برسات بعد اسان مٿان مهانگائيءَ جو طوفان آندو ويو، برسات سبب اناج لڙهي ويو، هنڌ بسترا پاڻي کڻي ويو، مهانگائيءَ ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي. اٽو 150 رپيا ڪلو ٿي ويو، بصر 250 رپيا ڪلو، تيل 500 رپيا، غريب جي مزدوري 500 کان 700 رپيا، اهڙي مهانگائيءَ جي دور ۾ غريب مسڪين پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪيئن ڪري سگهندو؟  هو هڪ ويلو به ٻچن کي سکُ جو ٽڪر نٿو کارائي سگهي، ويتر هاڻي ته يڪدم تيل به مهانگو ڪري ڇڏين، تيل چڙهڻ سبب هر شيءِ جا اگھه چوٽ تي چڙهي ويا آهن، هاڻ حڪمرانن کي اک پٽڻي پوندي، مهانگائيءَ سبب ضلعي خيرپور ۾ چوريون، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهي، هڪ هفتي ۾ راڻيپور مان صرف 16 موٽر سائيڪلون چوري ٿيون آهن، ٻن گهرن مان ڌاڙا لڳا آهن. راڻيپور جو مزدور مڇي وڪرو ڪندڙ امانت ملاح اغوا ٿي ويو، جيڪو مڇي کپائي ٻچن جو گذر ڪندو آهي، ڌاڙيلن 50 لک گهريا آهن، ان جو گهر برسات سبب ڪري پيو هو، هُو مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هو، غريب مسڪين ڪٿان هنن جي پوري ڪري؟ هاڻ ته گھر ٻاهران موٽرسائيڪل بيهارڻ سان گڏ هڪ زنجير وٺڻو پوندو پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، روز جي بنيادن تي نوجوان ھاف فراءِ ڪيا پيا وڃن پر اهو ڏوهه گھٽائڻ جو حل ته ناهي؟ ڪا وڏي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جيئن هن مهانگائيءَ جي طوفان کي ٻنجو ڏئي سگهجي ۽ ڏوهي وارداتن ۾ ماٺار اچي.

رضا راڄپر/ راڻيپور