ايس ايس پي عرفان سمون جي نانءُ کليل چٺي!

 

مانوارا سائين مان عرضدار علي گل باجڪاڻي عرض ٿو ڪيان ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو بدامنيءَ جي ور چڙھيل آھي، ھت نه تعليم، نه روزگار، نه امن امان آهي. تعليم، روزگار کي پاسي ڪري اوھان سان لاڳاپيل ڪم جو ذڪر ڪندا ھلون، امن امان جي سلسلي ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ اھو بدنصيب ضلعو آھي جيڪو گذريل ٽن چئن ڏھاڪن کان بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي، جنهن ۾ قبيلائي ٿتڪرار ڀنگ لاءِ اغوا، ڌاڙا، چوريون قابل ذڪر آهن. مان ھاڻ 40 سالن جي عمر تي پھتو آهيان، پنهنجي زندگي جي 10 سال ٻالڪپڻ ۾ گذريا باقي 30 سالن کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ اڳوڻي جيڪب آباد ضلعي ۾ امن امان جي حالت بدستور روز به روز خراب ٿيندي ڏٺي آهي. مانوارا سائين اوھان کان اڳ ۾ جيڪي به پوليس آفيسر آيا تن ڀوتارن لاءِ ڪم ڪيو، نه ڪي ھن ڏتڙيل بي سھارا امن جي متلاشي عوام لاءِ، مانوارا سائين اوھان کي رب جو واسطو آهي اوھان ڀوتارن جي بنگلن جي سلامي نه ڪجو، عوام لاءِ ڪم ڪجو. مانوارا سائين اوھان کي ڪشمور ضلعي ۾ شعور وند ماڻهن جي مقابلي ۾ چاپلوس چمچا جام ملندا، جيڪي اوھان جي هتي پهچڻ کان اڳ اوھان لاءِ گلن جا ھار کنيو بيٺا ھوندا، اوھان کي خدا جو واسطو انهن چاپلوسن بجاءِ عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيندا. مانوارا سائين مان ھڪ شھيد پوليس اھلڪار صبح صادق PC1129 جو ڀاءُ آھيان، مان ڪرمنل ۽ ڪرائم کان سخت نفرت ٿو ڪيان ۽ اميد ٿو ڪيان ته اوھان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي عوام کي ھڪ پرامن ضلعو انعام ۾ ڏيندا. مانوارا سائين ھڪ عرض ڪندو ھلان ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ چند اھڙا ايس ايچ اوز به آھن جيڪي ھتان جي ڏوھاريـن جا پڳ مٽ يار آهن، اوھان کي الله جو واسطو انهن ڪارين رڍن کي به ضلعي بدر ڪيو. مانوارا سائين ڪشمور ضلعو ڪنهن به پوليس آفيسر لاءِ چيلنج کان گھٽ ناھي، اميد آهي ته اوھان ان چئلينج جو بھادريءَ سان مقابلو ڪندا.

 

علي گل باجڪاڻي/غوثپور، ڪشمور

مهانگائيءَ سبب عوام ذهني مريض بڻجندو پيو وڃي!

 

پوري پاڪستان ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پر سنڌ ۾ وڌيڪ مھانگائي ٿي وئي آهي، هتي دڪاندارن کان ڪير پڇڻ به وارو ڪونهي، مهانگائيءَ جي ڪري غريب عوام پريشانين ۾ وڪوڙجڻ لڳو آهي ۽ ڪيترائي نوجوان ان جي ڪري ذھني مريض بڻجندا پيا وڃن ۽ ڪي وري آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اٽو هجي يا سائي ڀاڄي هجي يا عام واهپي شين جا اگھ هجن اهي آسمان تي وڃي پهتا آهن. عام ماڻهن لاءِ هي دور تاريخ انتهائي ڏکيو ترين دور بڻجي ويو آهي، ڏکيو به اهڙو جو سڄو ڏينهن سخت مزدوري ڪرڻ باوجود عام ماڻهو لاءِ ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ وڏو ڏکيو عمل ٿي پيو آهي، عوام کي هاڻ سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي خلاف روڊ تي نڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن خاموش رهياسين ته اڃا اسان کي وڌيڪ مھانگائيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو، جن جو نعرو هو اٽو، لٽو، اجھو اهي هن وقت عوام کي اٽي لاءِ پنڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ۽ اجهي تي ويهڻ بجاءِ برسات کان پوءِ هن سخت سياري ۾ کليل آسمان هيٺ غريب ويٺل آهن. باقي رهيو لٽو اهو به تمام جلد هي سنڌ جي ماروئڙن کان لاهي وٺندا، هاڻي عوام کي سوچڻ گهرجي ته پنهنجي خاندان ۽ اولاد جي مستقبل لاءِ روڊن نڪرڻ گهرجي يا نه؟ جيڪڏهن اسان ايئن خاموش رهياسين ته پوءِ اسان ۽ اسان جو اولاد بک ۽ بدحاليءَ سبب مري ويندو. حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته “ظلم جي خلاف جيترو آواز دير سان اٿاريو ويندو، اوتري وڌيڪ اوھان کي وڏي قرباني ڏيڻي پوندي.”

 

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

ڪنڊياري جي سيٽن تي ٽئين فيز ۾ به ڌارو!

 

جيئن ڊي او نوشھرو فيروز ويڪنسي پوزيشن گھرائي آھي، تعلقا وائيز جيئن ته سيڪريٽري به واضح ھدايتون جاري ڪيون ھيون ته جيڪي به رٽائرمينٽ يا پروموشن ٿيا ۽ جنھن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آھي، اتي اميدوارن کي سيٽون ڏنيون وڃن پر ان جي ابتڙ ٽي اوز پرائمري ڪنڊياري ھن ڀيري به سيٽون لڪائي اميدوارن سان ويساھ گھاتي ڪري رھيا آھن. رڳو 20 کن سيٽون ڏئي جان ڇڏائي پئي وڃي جڏھن ته سيٽون لڪائي بعد ۾ وڪرو ڪرڻ جون ڳالھايون پڻ هلي رهيون آهن. جيئن ته سيڪنڊ فيز ۾ پھريان 74 سيٽون ظاھر ڪيون ويون هيون ان کان پوءِ اميدوارن احتجاج جي ڪال ڏني ته 108 سيٽون ڪري ڏنيون ويون. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آھي جو لاڳاپيل آفيسر کي اميدوارن جو ڪو به احساس ڪونھي ۽ هو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آھن ۽ ڊي او نوشھروفيروز پڻ ٽي اوز سان ڌر بڻيل آھي جنھن جي ڪري اميدوارن سان وڏي پئماني تي ناانصافي ڪئي پئي وڃي. تعليم جي وزير سردار شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا ھن ڀيري ڪنڊياري جي اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ 2013ع جي تاريخ نه ورجائي وڃي.

 

ساجد علي/ڪنڊيارو

 

برداشت ئي درد جو بھترين حل آهي!

 

لفظ “برداشت” توڙي جو ھي لفظ لکڻ ۾ صفا ھلڪو ۽ ھڪ عام لفظ ڇو نه ھجي پر حقيقت ۾ اھو لفظ ھڪ وڏو حوصلو ۽ جرئتن کي جنم ڏيندڙ احساس آهي، جڏهن انسان جي اندر مان ڏک، تڪليف، پيڙا، مايوسي، محتاجي ۽ بيوسيءَ جي ھڪ وڏي ڀڃ ڊاھ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن درد جي باھ ڀڙڪي ڪنهن اونھي ساھ کڻڻ جي صورت ۾ سھپ جي سھڪار سان جنھن وقت طاقت جي طوفان ۾ بدلجڻ لڳندي آهي تڏهن ان ماڻهوءَ جي اندر ۾ وھندڙ درد جو درياهه ان شخص کي سمورن مونجھارن مان ڪڍي سنئين راھ جو راھي بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ درد ئي ان ماڻهوءَ جو رھبر بڻجي پوندو آهي. اسان کي اھا ڳالهه سمجهڻ گھرجي ته اسان جي زندگي ۾ پنهنجن ۽ پراون جي اڍنگن روين سميت روح جي رشتن پاران روح کي ڏنل رھنڊن جو بدلو اسان وٽ فقط برداشت ۽ انهن کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌڻ ئي ھوندو آهي ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن زندگي انسان کي اھڙي ته امتحان مان گذرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي جو اسان ڀلي کڻي ڪيڏا به طاقتور ڇو نه ھجون پر ان باوجود پنهنجي دشمن جو برو سوچڻ بدران ويتر سندس سلامتي جون دعائون ۾ پيا گھرندا آھيون ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏهن ڪي نفرتون به ٻن اڻڄاڻ دلين ۾ ڌڙڪندڙ محبتن کان به وڌيڪ مقدس بڻجي وينديون آهن, انهن نفرتن اندر به اسان کي محبت جي ملاوت محسوس ٿيندي آهي ۽ تڏهن اسان کي ھر زخم جو بدلو برداشت جي صورت ۾ وٺڻ گھرجي ته بھتر رھندو. ڇو ته جنهن به ماڻهو وٽ برداشت جي سگھ آهي ته اھو شخص اوترو ئي وڌيڪ طاقتور آهي جيترو ھو دنيا جي دردن کي برداشت ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته درد ڪڏهن به ظايع نٿو ٿئي جيڪو ماڻهو جيترو درد کي ڀوڳي ٿو اھو شخص اندران اوترو ئي طاقتور بڻجي اڀري ٿو.درد ئي ته اسان جو اصل رھبر آهي,سڀ کان وڌيڪ سڪون ۽ سرور به درد ۾ ئي آهي,انسان جو اندر سڀ کان وڌيڪ صاف فقط درد جي درياهه مان گذرڻ کانپوء ئي ٿي سگهي ٿو, ڇاڪاڻ ته درد ئي ته انسان کي ٺاهي ٿو ۽ درد ئي ته انسان اندر احساس کي جنم ڏي ٿو ۽ جڏهن درد جي بدولت انسان جي اندر ۾ احساس جو جنم ٿئي ٿو ته تڏهن انسان واقعي ئي انسان بڻجي پوي ٿو.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

اپيل

 

سمورين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته سنڌ جي مڙني رٽائر ملازمن کي گروپ انشورنس ڏياري وڃي. جيئن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واضع حڪمن جي باوجود اسان رٽائرڊ ملازمن کي جائز حق نٿا ڏنا وڃن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت اسان مظلوم رٽائرڊ ملازمن سان ناانصافي ڪري رهي آهي، گروپ انشورنس اسان جو بنيادي ۽ جائز حق آهي، جڏهن ته محترم آصف علي زرداريءَ حڪومت کي مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 35000 هزار رپيا ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ اسان رٽائرڊ ملازمن سان ناانضافي ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ اسان جا به برسات ۾ گھر ڊهي پٽ پيا آهن، انهن جي سروي ٿي وئي آهي پر هن وقت تائين اسان کي ان جو ڪو به معاوضو نه مليو آهي، مهرباني ڪري اسان مظلوم رٽائرڊ ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي. محترم آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري صاحب توهان جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، اسان کي جائز حق ڏياريا وڃن ته مهرباني ٿيندي.

 

گلزار سهتو/ ڳوٺ بدڪ، نوشهروفيروز

 

آخر موجوده دور ۾ نوجوان سياست کان پري ڇو آهن؟

 

سياست جي اصل مفھوم ۽ مقصد کي ڏسجي ته حڪومت جي ڪاروهنوار ھلائڻ ۽ سماج ۾ مسئلن، ظلم، زيادتين، ناانصافين جي خلاف آواز اٿارڻ ملڪ جي ترقيءَ، سماج ۾ تبديليءَ ۽ سماج ۾ شعور بيدار ڪرڻ کي سياست چئبو آھي پر اڄ جي دور ۾ سياست جي معنيٰ مفھوم کي ائين سمجھيو ويو آھي ته تون ته وڏو سياسي ٺڳ آھين، مون سان سياست ڪري ويو؟ چالاڪي ڪرڻ کي سياست چيو وڃي ٿو. اسان جو نوجوان مونجھاري ۽ ڪتابي دنيا کان پري ٿي ويو آھي، ڇو ته ماضي ۾ شاگرد ادارن ۾ ڪلاس نه هلڻ ڏيڻ، ڀتا خوري ڪرڻ ۽ ادارن ۾ غنڊاگردي ڪرڻ اھم خاميون رھيون آهن. ماضيءَ جي شاگرد سياست جو ڪو خاص تعليمي يا عام معاشري ۾ سٺو تاثر جڙي نه سگھيو، جنھن جي ڪري اڄ جي نوجوانن کي والدين ۽ استاد سياست کان روڪين ٿا. والدين به چاھين ٿا ته منھنجو اولاد پڙھي جھيڙن جھٽن کان پاسو ڪن. ڪاليج ۽ شاگرد يونين سطح تي سياسي نه پر تنظيمي ڍانجي ۽ طريقيڪار کي سمجھي پر انھن شاگردن کي سياسي طور استعمال نه ڪن، پر انھن کي چونڊ عمل ۽ سٺي ذھني اوسر ۽ تربيت ڪن ته اھي اڳتي ھلي صحيح عملي سياست به ڪن ۽ اھي معاشري ۾ عوام جا مسئلا به حل ڪن. اڄ جو نوجوان بلڪل سياست کي غلط سمجھي ٿو، پنھنجي حق وٺڻ جي به ان کي ڄاڻ نه آھي پر اڄ جو نوجوان سياست کي مفاد سمجھي ٿو پر ماضيءَ ۾ ھڪ مھر ھئي ۽ نظريو ھو، اڄ نظريو سوچ نه رھي آھي ۽ تعميراتي ڪم نه آھن، معاشي حالتون سازگار نه آھن، ملڪ ۾ اھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن جو هر ماڻھوءَ کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي. نوجوانن کي سياسي ڌارا ۽ طريقيڪار کي سمجھڻ  گھرجي، سياست کي سمجھڻ لاءِ علمي مطالعو ڪرڻ گھرجي جيئن ٻين ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد پنھنجي حڪومت جي غلط پاليسين ادارن ۽ ملڪن ۾ ظلم زيادتين ۽ پنھنجن حقن جي لاءِ پرامن احتجاج ڪن ٿا، شاگرد تحريڪون ھلائين ٿا پر اڄ جي نوجوانن کي علمي ۽ سياسي شعور بيدار ڪرڻ گھرجي. نظرياتي سياست لاءِ اسٽڊي سرڪل قائم ڪرائڻ گھرجن، نوجوانن کي سياسي، سماجي سرگرمين ۾ هاڪاري ڪردار ۽ حصو وٺڻ گھرجي. نوجوان ئي قوم جو سرمايو آھن، انھن کي تاريخ پنھنجي ملڪ ۾ سياسي صورتحال بنيادي حقن ۽ سياست ۾ ڀرپور ڄاڻ ۽ حصو وٺڻ گھرجي، اھا سياست ملڪ جي ترقيءَ، فلاح، بهبود ۽ عوامي ھجڻ گھرجي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

وفاقي محتسب ادارو، غريب ماڻهن جي عدالت!

 

سماج ۾ زيادتيون، ناانصافيون، گڏوگڏ سرڪاري ڪمن، وهنوار ۾ جڏهن انتظامي زيادتيون ۽ شڪايتون وڌي وينديون آهن تڏهن ماڻهن وڃي ڪري شڪايت پهچائڻ جي عمل تي پورو لهندو آهي، جيئن ڪجھ تدارڪ ٿئي ۽ انصاف ملي. ڳالهه ڪجي ٿي وفاقي محتسب اداري جي، جيڪو 1983ع ۾ قيام هيٺ آيو ۽ ان اداري پنهنجو ڪم شروع ڪيو. اداري جو بنيادي مقصد وفاقي حڪومت هيٺ هلڻ وارن سرڪاري ادارن يا ان جي ملازمن جي هٿان انتظامي زيادتيون، غفلت، نااهلي وغيره خلاف عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي. اصل اهو ادارو بنيادي طور تي غريب ماڻهن جي عدالت آهي، جتي نه وڪيل جي ضرورت پوندي آهي نه فيس ڀرڻي پوندي آهي. خاص طور معاشري جي پيڙيل طبقي ۽ ماڻهن جي جن جي ڪا ٻڌڻي نه ٿيندي هجي ۽ نه ئي اهي عدالتن ۽ وڪيلن جون وڏيون فيون ڀري سگهندا آهن. انهن طرفان شڪايت بابت اهو ادارو انهن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجھ ڪري وجهندو آهي. صرف سادي ڪاغذ تي لکيل درخواست جيڪا وفاقي محتسب کي لکي موڪلي ويندي آهي ته ان تي اداري طرفان بنا دير ڪارروائي شروع ڪئي ويندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن تي شڪايت ڪندڙ کي ان جي شڪايتي نمبر تي کيس حاضري تاريخ کان آگاهه ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري اهو ادارو غريب ماڻهن جي عدالت سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ماڻهو وفاقي محتسب کي سرڪاري ادارن بابت انتظامي زيادتين، غفلت، ناجائزين، رشوت سبب وفاقي محتسب کي شڪايت ڪندو آهي جنهن خلاف شڪايت هوندي آهي ته اهو ادارو ترت ايڪشن کڻندو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪنهن سان ٿيل ناجائزين جي شڪايت ملڻ کان پوءِ ان جو ازالو ۽ تدارڪ ڪرڻ لاءِ اهو ادارو پنهنجي پاران وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي. جيئن شڪايت ڪندڙ کي مفت ۽ بروقت انصاف فراهم ڪجي. اهو ادارو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ افاديت ۾ اضافي سان گڏ معياري لحاظ کان هن وقت رفتار سان وڌي رهيو آهي گڏوگڏ پنهنجي جاءِ تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي داد فرياد ۽ شڪايت ٻڌڻ واسطي انهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ هن وقت تائين وسان ڪين گهٽايو اٿائين. جيڪا ڳالهه اداري طرفان ان جي ڪم جي ساراهه جوڳي آهي. هن وقت وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صاحب جيڪو پنهنجي سربراهي ۾ اداري خاطر ڀرپور نموني خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جيئن غريب ماڻهن جي عدالت منجهان کين بروقت انصاف فراهم ڪرڻ سان گڏ کيس مليل شڪايتن جو ازالو پڻ ٿيندو رهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

 

ڪنهن در دانهن ڏيون، ڏتڙيل ڏوٿين جي!

 

تعليم  ھر ٻار جو بنيادي حق ۽ رياست تي لازم آھي تي اها تعليم لاءِ ھر اھا شيءِ مهيا ڪري جنهن جي معاشري کي گهرج آھي، ڇو جو باڪردار ۽ باشعور معاشرو بڻائڻ لاءِ ھر فرد کي تعليمي زيور سان سنوارڻ لازمي آھي. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول/ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ڪانڪيو (مين) يوسي ھيرار، تعلقو ڇاڇرو ضلعو ٿرپارڪر انتهائي قديمي ۽ تاريخي اسڪول آھي، ھي اسڪول انگريز دور حڪومت 1933ع ۾ شروع ٿيو ۽ ھلندڙ آھي، ان وقت اسڪول کولرائڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه ھو، پوري ضلعي ۾ فقط 12 اسڪول کليا، ھن اسڪول کي 1992ع ۾ ڇهون ڪلاس جو درجو ڏنو ويو، 1993ع ۾ ستون ڪلاس جو درجو مليو، 1994ع ۾ 8 ڪلاس جو درجو مليو، ھن وقت گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول آھي. ڪل انرولمنٽ داخلا 300 آھي، ھن اسڪول ۾ آسپاس جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿا، استاد تمام محنتي ۽ ريگيولر آھن، ائين کڻي چئجي يوسي ھيرار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي تي تازو ئي IBA طرفان استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ امتحان ورتو ويو، وزير تعليم سائين سردار علي شاھ صاحب ۽ سيڪريٽري تعليم سائين اڪبر علي لغاري صاحب استادن کي ڀرتي ڪري شفاف طريقي سان تعليم ادارن ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اھو ٻڌي اسان کي اميد ٿئي ته ھن ڀيري ڪنهن ڀوتار جي پيرن ۾ ويهڻ بنا شفاف طريقي سان ضرورت جي بنياد تي استاد ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ اسان سڀني لاڳاپيل عهديدارن جي بارگائن ۾ پيش ٿي نماڻو عرض رکيوسين، محترم صاحبان اسان جي دانهن ٻڌڻ بجاءِ ان جي ابتڙ اسڪول ۾ پڙھائيندڙ فقط ھڪ ئي استاد کي بدلي ڪري ڇڏيو. تعليم کي سڌارڻ لاءِ عجيب منطق پيش ڪندي ھلندڙ اسڪول کي بند ڪري نالي ماتر اسڪول کوليا ويا ،نه رڳو استاد پر سال 2022-23 جا ملندڙ مفت ڪتاب ۽ ڇوڪرين لاءِ ملندڙ آر.ايس.يو جي وظيفي وارا فارم به ڏيڻ کان جواب ڏنو. ان سان ائين پيو لڳو جو غريب کي ان نظام اڳيان جيئڻ جو حق ناھي. منهنجو ھڪ ڀيرو وري به اعلي اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کي اھو عرض آھي ته اسان جي اسڪول ۾ بدلي ڪيل استاد کي واپس ڪري نوان استاد مقرر ڪري ڏنا وڃن، عمارت ۽ عملو پڻ ڏنو وڃي. آئون سڀني پڙھندڙ ساٿين، سماج سڌارڪ اڳواڻن ۽ سڀني سڄڻن کي عرض ٿو ڪيان ته غريبن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ ساٿ ڏين.

 

ساجد حبيب ٻهپار/ڪانڪيو،ٿرپارڪر

 

6 اپريل جو يادگار ڏينھن!

 

مان به صبح جو سوير اٿي يونيورسٽي لاءِ تيار ٿي پوائنٽ جو اسٽاپ تي انتظار ڪيو، جيئن ئي پوائنٽ 7:30 تي آئي مان به پنھنجي حسين سفر جي شروعات ڪئي، جيئن ئي يونيورسٽي ۾ 9:15 تي پھتس ته پنھنجي پياري دوست مھتاب ويسر ۽ نويد بڙدي کي ڪال ڪئي اھي به يونيورسٽي جي ويجھو ھئا جيئن اھي يونيورسٽي ۾ پھتا ته اسان ٽئي پنھنجي ڊپارٽمينٽ طرف روانا ٿياسين، نيٺ مستي مذاق ڪندي ڪندي پنھنجي ڊپارٽمينٽ پھچي وياسين، جيئن ئي ڪلاس ۾ داخل ٿياسين ته منھنجي نظر ھڪ حسين جل پريءَ تي پئي، جيڪا فل گائون ۾ ڪلاس جي وچ واري سيٽ تي پنھنجي اکيون نماڻيون جھڪائي ڪتابن ۾ ڏسي يا پڙھي رھي ھئي. منھنجي دل ۾ خوبصورت فيلنگس اچڻ لڳيون ھيون، دلي دل ۾ مان خوش ٿي کلڻ لڳس ۽ ھوءَ ڇوڪري مون کي ڪل ڪائنات لڳڻ لڳي. ھاڻ ته ھن سان ڳالھائڻ لاءِ دل ۾ بي قراري ۽ بي چيني ھئي، نيٺ نوٽسن جو بھانو ڪري ان سان ڪجھ ٻول ٻوليا ۽ اتان ھڪ پاڪ صاف محبت جي شروعات ٿي. آخر مون کي بيچين بيقرار ڏسي دوست مھتاب ۽ نويد سوال ڪيو ته مطلوب ڇا ٿيو آھي؟ ڇو ڀلا اڄ تون ڪجھ وڃايل پيو نظر اچين خير ته آھي، پھريان توکي ائين نه ڪڏھن ناھي ڏٺو. چار پنج ڏينھن گذريا مان ھن سان بھاني بھاني سان ڳالھائڻ شروع ڪيو ھوءَ به سمجھي وئي ھئي ته مطلوب کيس پسند ڪرڻ لڳو آهي جو رڳو پيو نھاري ۽ کلي پوءِ چوندا آھن ته جنھن سان اوھان کي محبت ھجي ان کي ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪيو جيئن اڳيون به اوھان جي محبت جو ڀرم رکي ۽ صحيح فيصلو ڪري. هلو خير مان ھن جي سھيلي سان ڳالھ ڪئي ان ھن سان رابطو ڪيو پوءِ جيئن ھوءَ سامھون آئي ته ان سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ ان به منھنجي محبت جو ڀرم رکندي اظھار کي قبوليو پوءِ محبتون ونڊيون. جيئن جيئن ھوءَ ويجھو ٿيندي وئي محبت ڏينھون ڏينھن وڌندي وئي ھوءَ مون کي وڌ کان وڌ پسند اچڻ لڳي پوءِ ته روز ٽيچر جو ليڪچر ڇڏي ھن کي ڪلاس ۾ ڏسڻ شروع ڪري ڏنو وري ھن جو مرڪون. جيئن اکڙيون کڻي نھاريندي آھي ته دلي دل ۾ مان مدھوش ٿي جھومڻ لڳندو آھيان، بس پنھنجي رب کان ھن جو ساٿ ھميشه لاءِ گھرندو آھيان بس رب کي نماڻي التجا ڪندو آھيان يارب ھن کي منھنجي قسمت ۾ لکي ڇڏ، اسان جو ساٿ دائم ۽ قائم ھجي.

 

مطلوب احمد جوڳي/ ٺري ميرواھ

 

ملڪ ۾ ستين آدمشماري جون تياريون ۽ بي خبر سنڌ!

 

2017ع جي آدمشماري تڪراري ھئڻ ڪري شماريات کاتي پاران پھرين مارچ کان 1 اپريل 2023ع تي سڄي ملڪ ۾ گھر شماري ۽ ڳڻپ شماري جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ عملي جي ٽرينگ به جاري آھي. ملڪ جي ستين آدمشماري ڊجيٽل بنياد تي ٽيبليٽس تي ڪرائي پئي وڃي. ستين آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جون سموريون سياسي ۽ قوم پرست جماعتون مڪمل طرح سان خاموش آھن. آدمشماريءَ جي بنياد تي ٻولي، قوميت جو ڳاڻيٽو ۽ انگ اکر ٻڌايا ويندا آھن. ملڪ جي ستين جديد ترين آدمشماري ۾ اھو پھريون ڀيرو ڪيو ويو آھي جو گھر جي سربراھ جو شناختي ڪارڊ نمبر نه لکيو ويندو، جيڪو اڳ ۾ ڪڏھن به نه ٿيو آھي، گھر جي سربراھ جو شناختي ڪارڊ لازمي آھي، اھو به پھريون ڀيرو ٿي رھيو آھي ته ستين ڊجيٽل آدمشماري ۾ غير ملڪين کي به شمار ڪيو ويندو. انھن غير ملڪين ۾ افغاني، بنگالي، برمي، بھاري، چيني ۽ ٻيا غير ملڪي پڻ شامل ڪيا ويندا. ھن آدم شماري ۾ ڇھ مھينن کان رھندڙ کي اتان جو رھائشي تصور ڪيو ويندو، جنھن سان مقامي ماڻھن جي آبادي گھٽ ٿي ويندي. سنڌ جي سڀني قومپرست سياسي، سماجي، سڄاڻ حلقن کي ڊجيٽل آدمشماريءَ بابت سنڌي قوم ۾ جاڳرتا مھم ھلائڻ گھرجي.

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ