ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو کٽڪو!

 

اسان جي ملڪ پاڪستان جو ڊفالٽر ٿيڻ لاءِ ڳالھيون عروج تي پهتل آھن، جنھن سان پريشان حال عوام ويتر پريشان ٿي رهيو آهي. هڪ ننڍڙو مثال ٿا وٺون جيڪڏڌهن ڪو ڪسٽمر ڪنھن بئنڪ مان قرض ٿو کڻي ۽ مقر وقت تي اهو ادا نٿو ڪري ته ان جي اي سي آءِ خراب ٿي ويندي، مطلب ھن جو رڪارڊ خراب ٿي ويندو ۽ ان کي ٻيھر يا ٻين بئنڪن ما قرض نه ملندو، جيستائين پنھنجون بقايائون ادا نٿو ڪري، تيستائين ڊفالٽر ھوندو، جيڪڏھن وقت گذرڻ کان پوءِ هو اهو قرض ادا ڪري ٿو ته اھو ڊفالٽ مان نڪري ويندو ۽ ٻيھر قرض وٺڻ جي لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو.

اسان جي ملڪ جي ڪجھ اھڙي صورتحال آھي، ھڪ ته ڊفالٽر ٿيندو ڪونه جي ٿي به ويو تڏھن به اھڙي خراب صورتحال پيدا نه ٿيندي جيڪا ھينئر پيش ڪئي پئي وڃي. دنيا جي گولي تي لڳ ڀڳ ڏيڊ سئو جي لڳ ڀڳ ملڪ ڊفالٽر ٿيا آھن ۽ اھي ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڊفالٽ مان نڪري ترقي جي راھ تي وڃي رهيا آھن، دنيا جو طاقتور ملڪ روس به 30 سال اڳ ڊفالٽ ٿيو ھو پر مختصر عرصي ۾ ئي ڊفالٽ مان نڪري پنھنجو پاڻ سنڀالي ويو. جيڪڏهن پاڪستان به ڊفالٽر ٿي ٿو وڃي ته ان جي ڪري ڪو خاص فرق ڪو نه پوندو، ڊالر مھانگو ٿيندو ۽ روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شيون مھانگيون ٿينديون ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي اسان جي حڪمرانن جي ڪرپشن جي نظر ٿيل آھن ۽ ڪجھ وقت ڊفالٽ ۾ رھڻ کان پوءِ وري ڊفالٽ ۾ نڪري ويندو ڇو ته کاڌا جيڪي اھم ضرورت آھن، اھي سڀ پاڪستان ۾ پيدا ڪيا ويندا آھن، ٻاھران گھرائڻا ناهن پوندا، تنھن ڪري پاڪستان جو عوام جيڪو اڳ ئي مافيائن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري ھٿراڌو مھانگائي کي منھن ڏئي رهيو آهي ان ۾ ٿورو اضافو ٿيندو، باقي حڪمرانن کي ڪرپشن ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، قرض ملندو نه ته ھي ظالم پنھنجا ڀڀ ڪٿان ڀريندا؟

 

رياض راڄپر/ڀنگو بهڻ، فيض گنج

 

مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام!

 

اڄ ڪلھ ڊالر جو اگھه چوٽ چڙھڻ کان پوءِ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آھي، ڪو وقت ھو ۽ اھو ڇپني 56 جو ڏڪار جيڪو عمر دراز بزرگن کي ياد آھي، انھي ڇپني جي ڏڪار ۾ آخرڪار ماڻھن وڻن جا ڇوڏا لاھي سڪائي ۽ ڪٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري ان مان نڪتل ٻري کي پاڻي ۾ ڳوھي ان جي ماني پچائي کاڌي ھئي ۽ ٿر جو گاھ ڀرٽ به ڪم ايندو ھو،

ڀرٽ جا وڏا ڀاڪر ۽ پاٿرا ٺاھي سڪائي رکبا ھئا ۽ ان ڀرٽ کي به ڪٽي ان مان ماني پچائي ماروئڙن کاڌيون پر ھي وقت ڇپني جي ڏڪار کان به بدترين پيو ڏسجي، جتي ھڪ پورھيت مزدور 500 ڏھاڙي تي ڪم ڪري ٿو ۽ شام ٽاڻي گھر موٽڻ مھل ڪلو اٽو 140 رپيا ڪلو کنڊ 120 چانھ پڙو 190 ڪلو بصر 260 ڪلو گيھ 700 رپيا وٺي ٿو ٻڌايو ته ڪٿان پورت ٿيندي ان جي؟ تيل جي ھر روز وڌندڙ قيمتن مان مهانگائي تي ٻيڻو اضافو ٿي ويو آ، غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ھاڻ ھر روز آپگھات جون خبرون اخبارن جي زينت بڻجي رهيون آهن،

موجوده حڪومت کي گھرجي ته اسٽاڪ بروڪرن تي ڪو سختي ڪجي ۽ پنھنجي من ماني ۽ پنھنجا اگھه مڙھي رھيا آھن، ھر شھر ۾ سرڪاري اگھن جي لسٽ تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري ۾ اچي ٿيو خدارا ڪجھ خوف ڪيو، پيٽرول جي شين جي واڌ جو ٻڌندي ئي ھر شيءَ جا اگھ چوٽ چڙھي ٿا وڃن ۽ غريب ماڻھن جو هڪ ويلي مانيءَ جو خواب به چڪنا چور ٿي وڃي ٿو.

 

گورڌن داس پرمار/ کاروڙو سيد، عمرڪوٽ