اڻ کٽ وسيلن جي بدلي سنڌ کي ملندڙ ڀيانڪ جياپو!

 

سنڌ ۾ هڪ ادارو آهي، جيڪو روزاني پنهجي اخبار، ٽائيم نيوز آهي جيڪو سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيون اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو آهي، ملڪ ۾ موجود 156 تيل ۽ گئس جي کوهن مان سڀ کان وڌيڪ کوهه 121 سنڌ ۾ آهن، اهڙي طرح 14 لک ٽن تيل جي پيداوار پاڪستان ۾ ٿئي ٿي، جنهن مان 10 لک ٽن صرف سنڌ مان ملي ٿو، تيل ۽ گئس کان سواءِ سنڌ جي ڪاري سون يعني ڪوئلي جا تمام گهڻا ذخير آهن، ماهرن موجب 200 بلين ٽن کان به وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ صوبي ۾ موجود آهن، جنهن جي رقم جو ڪاٿو تقريبن 25 ٽرلين ڊالرز ٻڌايو وڃي ٿو. ان تيل گئس ۽ ڪوئلي کان سواءِ ڪراچي بندرگاهه جي آمدني ٻن پورٽن، بن قاسم پورٽ ۽ ڪراچي پورٽ مان 170 ارب رپيا ملن ٿا. ٻي صورت ۾ وري ٽئڪس اوڳاڙين جي مد ۾ 940 ارب رپيا سنڌ مان اوڳاڙيا ويندا آهن، جنهن ۾ انڪم ٽئڪس 570 ارب، سيلز ٽئڪس 105 ارب، ڪسٽم ڊيوٽي 165 ارب ايڪسائيز گڊس ٽئڪس 160 ارب رپيا جملي ڪل 940 ارب رپيا سنڌ مان اوڳاڙڻ بعد جيڪڏهن وفاق 55 ڪٽي پاڻ کڻي پوءِ به سنڌ کي 400 سئو ارب رپيا بچن ٿا، جيڪو سنڌ جو حق آهي پر ظلم جي انتها ته ڏسو جو اهي 400 ارب رپيا وفاقي حڪومت ورڇ واري پول ۾ رکي آباديءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو ۽ سنڌ کي 130 ارب رپيا ملن ٿا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. 940 ارب رپين مان فقط 130 ارب واپس ڏين ٿا سنڌ کي معاشي لحاظ کان ڪنگال بڻائڻ لاءِ طرحين طرحين جون ناانصايون ڪيون پيون وڃن تيل، گئس ڪوئلو ۽ ٽئڪس اوڳاڙڻ ۾ اڳ ۾ ئي ناانصافي ٿئي پئي، هاڻي معدني وسيلن تي هڪ نظر وجهون ٿا، معدنيات جهڙوڪ، لوهه، ٽامون، جست ۽ قيمتي پٿرن جو وافر مقدار پڻ هن صوبي ۾ موجود آهن، جنهن جي ماليت اربين ڊالرز آهي، ماهرن موجب هن ملڪ جي بجيٽ جو 75 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي پر پوءِ به سڀ کان پوئتي پيل  صوبو سنڌ ئي آهي، جتان جي انسانن لاءِ ڪا به بنيادي سهولت نه هئڻ برابر آھي. 1400 سئو ڊاڪٽر گوسڙو آهن، اڌ کان وڌيڪ ماستر ڊيوٽي چور آھن، موجوده ٻوڏ برساتي مصيبتن ۾ اسپتالن ۾ دوائون ڪونهن، عوام بي يارو مددگار بڻيل آھي، 12 سالن کان ڪو به وڏو ترقياتي ڪم نه ٿيو ھر ادارو ڪرپٽ، قانون صرف غريبن لاءِ ڪنهن حادثي يا ڌماڪي باھ ٻوڏ جي صورت ۾ ايمرجنسي سان منهن نٿو ڏئي سگهجي، صفائي جي بجيٽ لوڪل نمائندا ڳڙڪائي ٿا وڃن، ماڻهو گٽرن جو پاڻي پيا پيئن روڊ ٽٽل آهن، تعليمي ادارن جي صورتحال ابتڙ آهي، ان سڃي ڏوھ ۾ وفاق سان گڏ اسان جا سنڌي وڏيرا حڪمران به شامل آھن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ھوءَ بيڏوھي ھئي، نه ھوءَ ڪاري ھئي!

 

سنڌي سماج ۾ اوھان ڏٺو ھوندو ته جڏھن ڪنهن عورت تي ڪارنهن جو لڳندو آھي يا جڏھن ڪا عورت خوشي سان يا گھريلو آزارن جي ڪري ڪنهن غير مرد سان نڪري ويندي آھي، تڏھن تنهن عورت کي تحفظ ڏيڻ کان پھرين ڀوتارن جي بنگلن تي ترسايو ويندو آھي. ھاڻ جديد دور آھي پر ڪنهن وقت ۾ ايئن به ھوندو آھي، جنهن جي سموري عڪاسي کي ڏسندي مانواري، پياري ۽ ڌرتي جي نالي واري ليکڪ (سائين امر جليل صاحب) جي لکيل ڪھاڻي نالي (ڪاري) جو مختصر حوالو پڙھندڙن اڳيان حاضر ٿو ڪجي. “ڳوٺ جي ٻارن کي خبر پئي ٿي ته ڳوٺ ۾ رئيس ڪنهن عورت کي قتل ٿو ڪري، ٻارن کي اھا به خبر پئي ٿي ته جنهن عورت کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي، اھا ڪاري عورت آھي! ٽولي ۾ ھڪ ٻار صفا چالاڪ هو جيڪو ڊوڙي وڃي سندس ننڍڙي ڀيڻ کي گھر ۾ لڪائي ٿو. جيڪا رنگ جي ڪاري ھجي ٿي! ان کان پوءِ ھو سندس ماءُ کي به گھر ۾ لڪڻ جو چوي ٿو ۽ ماڻس سبب پڇي ٿي ته ٻارڙو چوي ٿو امان رئيس ڪارين عورتن کي قتل ٿو ڪري، تنهن ڪري توکي به قتل ڪري ڇڏيندو! ڇو جو ماڻس به رنگ جي ڪاري ھئي! جيڪا سندس پٽ تي ڪاوڙجي اولارون ورائي ٿي! سڀني ٻارن کي گمان ٿو ٿئي، ھلي ڏسجي جنهن عورت کي رئيس قتل ٿو ڪري ڏسون اھا عورت ڪيتري حد تائين ڪاري آھي. دراصل اھا عورت ھڪڙي ڪوٽ ۾ بند ھئي، جنهن تائين پھچڻ ٻارن جي وس جي ڳالھ نه ھئي. ان ھوندي به ٻار وڏا شرارتي جيئن تيئن ڪري تنهن ھڪ سيڙي جي مدد سان ڀت جي دري مان وڃي واڙيل عورت کي ڏسڻ لڳا، ٻارڙا پريشان ٿي ٿا وڃن ۽ پاڻ ۾ چون ٿا ته ھيءَ مائي ته آھي به صفا حسين، خوبصورت پوءِ پڪ قتل به ڪنهن ٻي عورت کي ٿا ڪن! وڌيڪ پڪ ڪرائڻ کان پوءِ ٻارن کي پڪ ٿئي ٿي، ان خوبصورت عورت کي قتل ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو آھي. ٻار به اھڙا شرارتي جو دير ئي نٿا ڪن، وڃي تنهن رئيس جي اوطاق تي ماڻھن جي ميڙ ۾ چون ٿا سائين ھيءَ عورت اسان ڏٺي آھي جيڪا ڪاري ناھي، ھن کي قتل نه ڪيو، جنهن ويلي ماڻھن جي ميڙ ۾ رئيس يا ڪمدار ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا ۽ جڏھن اڪيلائيءَ ۾ وري ٻارڙا رئيس اڳيان ساڳي ڳالھ ورجائين ٿا تڏھن ڪنهن شرارتي ٻارڙي کي ٻانهن مان جھلي ڪو ڪمدار ڪن ۾ چوي ٿو ھا بابا، اھا ڇوڪري ڪاري ڪونهي، تڏھن ان کي رئيس ماري نٿو، کيس سام طور تي پنهنجي گھر ۾ ويھاري ٿو.

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

ماحولياتي گدلاڻ ۽ ان جا سبب!‎‎

 

ھن وقت فضائي گدلاڻ ۾ واڌارو اچي پيو، جنهن ۾ اسان جي آب ھوا مختلف خطرناڪ گئسن سان ملي جاندارن لاءِ تمام گھڻي ھاڃيڪار پڻ ثابت ٿئي ٿي، فيڪٽرين، صنعتن مان نڪرندڙ خطرناڪ دونهون جيڪو انسان ذات سان گڏ پکي پکڻ، جانورن لاءِ نقصانڪار پڻ آھي، جنهن سان انسانن کي مختلف قسم جون بيماريون وچڙن پيون ان سان گڏوگڏ مال ۾ بيماريون وچڙن پيون. حڪومت طرفان ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي ته جيئن ھن بيمارين کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪي سگهجي ۽ فيڪٽرين صنعتن ڏوراھين علائقن ڏانهن لڳائڻ گهرجن، جتي آبادي جو نشان نه ھجي پر  اڄ ڪلهه اوھين ڏسو جتي ڪٿي سرن جا بٺا، چمنيون جيڪي پڻ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ موجود آھن جنهن ۾ رھندڙ ڳوٺاڻا مختلف بيمارين جي ور چڙھيو وڃن، انهن ويچارن جي صحت لاءِ ڪو سٺو انتظام ڪونهي. وڏي مفاصلي تي سرڪاري اسپتالن ھجڻ سان ڪيئي جانيون رستي ۾ ختم پيون ٿين، جي ڪو ئي اسپتالن ۾ پھچي به وڃي ٿو ته اتي دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽر به اڻلڀ ھوندا آھن مطلب ھر پاسي کان انسان جي حياتي پڻ سستي ٿي وئي جو ٿورين ڪمين ڪوتاهين جي ڪري انهن جي جان ھلي وڃي ٿي ۽ وقت جي حڪمرانن تي ذري برابر به فرق نه پيو پوي جنهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو اھي ڪڏھن به لڙي ڪو نه پيا اچن نه انهن غريب عوام جي ڪا سار سنڀال لھن پيا، چوڻ جو مقصد ته انسانيت جي جيڪو حقيقي مفھوم آھي، اھو مٽجي چڪو آھي، اسان جون زمينون پوکي هاريءَ جي لائق ناھن رھيون، مختلف قسمن جي خطرناڪ گئسن جي ڪري اھي بنجر بڻجي ويون آهن جنهن ڪري پڻ ھي چمنيون آھن جنهن ۾ خطرناڪ قسم جا بيڪار مادا پڻ ساڙيا وڃن پيا، جنهن جو اثر سڌو سنئون انسانن سان گڏوگڏ مال جانورن، پکي پکڻ تي پوي ٿو. ان دونهين مان وڌندڙ بيماريون جھڙوڪ دل جون بيماريون، ڦڦڙن جون بيماريون، شگر، بلڊ پريشر، ڪينسر جھڙيون مختلف بيماريون پڻ جنم وٺن پيون. سو بهرحال سوچي سمجھي پنهنجي  ووٽ جو استعمال ڪرڻ کپي، انهن ماڻھن کي اقتدار ۾ آڻڻ کپي جن کي انسانيت جي وصف پڻ معلوم ھجي، جن کي غريبن جي تڪليفن جي خبر، جيڪو عوام جو ھڏ ڏوکي ھجي، اليڪشن اچڻ واري وقت پنهنجي ووٽ جو صحيح طرح سان استعمال پڻ گھرجي.

 

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھ

 

سنڌ يونيورسٽي جي باٽني شعبي جو جاکوڙي استاد!

 

اسان جي معاشري ۾ جيڪي تعليمي ادارا موجود آھن، انهن ۾ تجرباتي تعليم تي ڪافي گهٽ مطالعو ڪيو ويندو آھي، هي استاد 2018ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پنهنجون تعليمي توڙي تجربا ٻارن کي سيکاري رهيو آھي پر مرحلو جيئن جيئن گذرندو وڃي ٿو هر هڪ فرد جو تعليم کان وڌيڪ تجربي جو معيار وڌي رهيو آهي. سائين عبدالعزيز اڄڻ جي اهميت اڄ ڪلهه جي ٻار جي سوچ کان تمام افضل آھي، هو سنڌ جي هڪ عظيم تعليمي اداري ۾ پنهنجي بنا لوڀ لالچ جي ٻارن کي علم جي روشني ڏئي رهيو آھي. جڏهن مون باٽني ڊپارٽمينٽ جي آخري سال جي ٻارن کان پڇيو ته هنن ٻڌايو ته سائين سڏ ڪري ۽ تعليم جي باري ۾ حال اوريندو آھي ۽ کين صلاحيتون مهيا ڪندو آھي، تعليم کان وڌيڪ تجربو ڪرائي ٻار جا حوصلا بلند ڪرڻ سندن عزم آهي، عظيم انسان سائين عزيز اڄڻ صاحب ٻڌايو ته ٻار ۾ سٺي قابليت سندن تجربي سان پيدا ٿئي ٿي پر اڄ اسان انهن کي قابل بڻائي رهيا آھيون ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن مقام تي آزمائي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي آھي، منهنجو مقصد يونيورسٽي ۾ جي ٻارن کي سٺي منصب تي پهچائڻ آھي ۽ هن ۾ جذبو پيدا ڪرڻ آھي.

 

معاذ جتوئي/ لاڙڪاڻو‎‎

 

منهنجي لکيل هڪڙي چٺي مخصوص اڳواڻن لاءِ!

 

سائين منهنجا! هيءَ اها سنڌ آهي جيڪا سنڌ جي سورمن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڌارين سان مهاڏو اٽڪائي ڌارين جي چنبي مان آزاد ڪرائي، هيءَ اها سنڌ آهي جنهن جا صوفي شاعر سچل، سامي، شاھ لطيف جهڙا جنهن جي سوني ڌرتي جي ڪک ۾ آرامي آهن. انهن جي دعائن سان انهن جي ٻالڪن سنڌين جي رکوالي لاءِ اوهان اڄ اوڄ تي آهيو، سنڌ جي واڳ سنڀاليو ويٺا آهيو. پر اڄ انهن صوفين فقيرن جا روح تڙپندا هوندا، جن جي دعائن سان توهان انهن جي درگاهن تي انهن جي آستانن تي حڪومت جي خزاني ۾ جمع ٿيل غريبن جي پگهر جا ٽئڪس خرچ ڪري پنهنجي ڏيکاءَ لاءِ وڏا وڏا ميلا محفلون ڪيو ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ ھڪ پاسي ڏسو توهان ڌارين کي گڏ هڪليو پيا اچو ۽ توهان جي اکين اڳيان ڌارين کي پنهنجي سنڌ جي سونهن پکين کي بچائڻ لاءِ سرعام ابدي ننڊ سمهاريو ڇڏين، انهن کان ڪو پلاند وٺي انهن جي خون سان انصاف ڪيو.

ٿر جي سونهن ۾ ڏار پيا، تازو ئي ڪارونجهر جبل جي سيني کي چيريو ويو، ڌارين جي اڳواڻي ۽ پنهنجن جي آشريواد تي انهن تي اک پٽي ۽ هرڻ جهڙا هٺيلا پکي ٿر جي سونهن ۾ اضافو ٿيا، انهن کي سيخ ٻوٽين ۽ وڏيرن جي ٽيبل جي رونق ٿيڻ لاءِ ڊوڙائي ڊوڙائي ماريا ويا، انهن جي رکوالي لاءِ ڪا ٽيم جوڙي، نه پنهنجي ئي سرزمين سنڌ جي سينڌ تي ناز ڪرڻ وارا جوڌا ڌارين جي ٺهيل اڌاري هوٽل تي خونن سان ٽمٽار لاش مليو جوڌن جو ڪو ٻوٽو ٻاريو. نه سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پوءِ ڀلا وڏيون وڏيون ڪانفرنسون ڪري وڏيون وڏيون جذباتي ۽ ڏيکائي تقريرون ڪري سنڌ جي پنهنجن سنڌين کان ووٽ وٺڻ لاءِ ڪيئن ٿا ڏينهن رات خواب ڏسو، صرف لگزري گاڏين ۽ پنهنجي ايسي روم لاءِ ها اها ڳالھ آ نه، ڪنهن سان ناانصافي ٿئي ته لڪي رهو، اف نه ڪريو بجيٽن کائڻ لاءِ اتاولا رهو، سيني تي وڏا ڌڪ هڻي سنڌين جا پنهنجن جا ئي حق کائو، هاڻ ايئن نه ٿيندو ڪا ناانصافي ٿئي ڪو خون خرابو ٿئي ته صرف باشعور نوجوان ۽ سول سوسائٽي ئي ريلين احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ مٿا ڪٽيندي نظر اچن ٿا تڏهن توهان ڪٿي هجو ٿا، اچو انهن سان گڏ بيهو سنڌين جا حق وٺي ڏيو سنڌين جا رکوالا ٿيو جي نه ته سنڌي باشعور نوجوان هزارن جي تعداد ۾ بائيڪاٽ ڪندا ۽ اليڪشنون لڙندا، پنهنجا حق وٺندا ۽ پوري سنڌ جا رکوالا ٿيندا، اهڙا ڪيئين نوجوان مائرن ڄڻي ڇڏيا آهن.

 

گلشن ميگهواڙ/ڏيپلو، ٿر

 

واھن تلائن ۽ شاخن جي صفائي ۽ مرمت جا پئسا کائيندڙن کي گرفتار ڪيو!

 

جيئن ته 25 ڊسمبر کان 15 جنوري تائين ھر سال واھن تلائن ۽ شاخن کي صفائي ۽ مرمت لاءِ بند ڪيو ويندو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھتي صفائي جا پئسا ھڙپ ڪيا ويندا آهن، سنڌ جي ٻين ضلعن سميت ضلعي ڄامشورو جي ڪي بي فيڊر جي صفائي نه ڪرائي وئي، ڪراچي واھ عرف ڪي بي فيڊر جي صفائي انتهائي ضروري آهي، ڇو جو ملز ايريا جو ڪيميڪل وارو گندو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي ڪراچي واھ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، جنهن سان لکين انساني آبادي جي جانين کي پڻ خطرو آهي، ڄامشورو کان ٺٽي تائين ڪراچي واھ جو پاڻي ويندو آهي، ڪراچي واھ کان پاڻي جون لائينون ڄامشورو ڪوٽڙي ايم سي ٻولھاڙي تائين وينديون آهن، جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ڪراچي واھ کان ٽينڪر ڀربا آهن، جيڪي زھريلو پاڻي ڄامشورو سميت ايم سي ٻولھاڙي تائين سپلاءِ پڻ ڪندا آهن، اسان جي چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميا جي ڪن ۾ ڪا به جوِ نٿي سري، ڇو ته انتظاميا جو ٽينڪر مافيا سان حصو پتي آهي، صفائي لاءِ ايندڙ پئسا ۽ ٻيا ضلعي جا فنڊ ملي ڀگت ڪري ھڙپ ڪيا ويندا آهن، ان لاءِ ھاءِ ڪورٽ سنڌ کي گذارش آهي ته ان معاملي جو ازخود نوٽيس وٺي ملوثن کي فورن گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي، جيئن ڪي بي فيڊر ۾ ملن جو گندو پاڻي ڇڏڻ وارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. ڪراچي واھ عرف ڪي بي فيڊر وارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪافي انسان ڪاري ڪامڻ سميت ٻين مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان معاملي ۾ ليبر منسٽر سميت ليبر ڊپارٽمينٽ چونڊيل نمائيندا، ضلعي انتظاميا، پبلڪ ھيلٿ سميت سڀ جا سڀ ذميوار آهن، ڪروڙين رپين جي لاگت سان تيار ٿيل فلٽر پلانٽ پڻ ناڪارا ٿيل آهن، ان جو ذميوار به ڊي سي ڄامشورو سميت پبلڪ ھيلٿ انجنئير ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي آهي، سڀني مسئلن جي جاچ ٿيڻ گھرجي، اهو عوامي مطالبو آهي.

 

عبدالستار لھر/ ڄامشورو

سي ايس ايس جي تياري ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟‎‎

 

اهو اڪثر پڇيو ويندڙ سوال آهي، ان سوال جو اطمينان بخش جواب ڏيڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هر ٻار جي پنهنجي طاقت ۽ ڪمزوري هوندي آهي، هر ڪنهن جو اسڪول ۽ تعليم مختلف هوندي آهي هر ڪنهن جي تياري جا مختلف پروٽوڪول هوندا آهن، سٺو استاد ڪڏهن به سڀني شاگردن تي هڪ جهڙي لٺ نه لڳائيندو آهي، ان سوال جو جواب ٽن ڀاڱن ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجي ڪا به ڳالھ حتمي ناهي ۽ منهنجي هر ڳالهه سان اختلاف ۽ اتفاق ڪرڻ اوهان جو ذاتي حق آهي، جيڪو اوهان کان ڪير به کسي نٿو سگهي. مان پنهنجي ڳالهه اوهان اڳيان رکڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن توهان وٽ 3 سال يا ان کان وڌيڪ آهن ته توهان کي ٽينشن وٺڻ جي ضرورت ناهي، جيستائين توهان وٽ توهان جي پيپرن لاءِ هڪ سال باقي آهي ته پوءِ هاڻي کان ئي پنهنجي صلاحيتن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪريو. سڀ کان پهريان اخبارن جو مطالعو شروع ڪريو، اردو اخبارن کان شروعات ڪريو، گهٽ ۾ گهٽ ٻن اردو اخبارن جا سمورا ايڊيٽوريل ۽ ڪالم ٽن کان چئن مهينن تائين پڙهو، ان کان پوءِ جڏهن توهان موجوده مسئلن کي سمجهي سگهو ٿا ته هاڻ توهان انگريزي اخبار وٺي سگهو ٿا. انگريزي اخبار پڙهڻ دوران ڏکين لفظن جي معنيٰ گوگل تي ڏسڻ گهرجي، ٻيو انگريزي فلمن کي ذيلي عنوانن سان ڏسي پنهنجي انگريزي سٺي ڪري سگهو ٿا، ان کان سواءِ پنهنجي ٻڌڻ جي صلاحيتن تي ڪم ڪريو، جيڪڏهن توهان وٽ پئسو آهي يا خرچ برداشت ڪري سگهو ٿا ته پوءِ ٻن يا ٽن مهينن لاءِ ڪا به سي ايس ايس اڪيڊمي جوائن ڪريو ته توهان سليبس کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندا ۽ جڏهن تياري ۾ هڪ سال باقي آهي يا توهان وٽ هڪ سال کان گهٽ وقت آهي جي توهان گهر ويٺي سٺي نموني تياري ڪري سگهو ٿا ته ڪجھ اهم نقطن جو ذڪر هيٺ ڪيان ٿو. پهرين سي ايس ايس جو نصاب ڊائون لوڊ ڪريو. سي ايس ايس جا قائدا ۽ قانون ڊائون لوڊ ڪيو. “عامر مهر جو ڪتاب “ how to start preparation for CSS“سٺ صفحن تي مشتمل ڪتاب آهي، هي ڪتاب ڪنهن به مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، صرف پي ڊي ايف ۾ موجود آهي، هڪ يا ٻه ڏينهن وٺي پڙهو. يوٽيوب تي جهانگير ورلڊ ٽائيم نالي هڪ چينل آهي، جتي پاس ڪيل اميدوارن کي مفيد مشورا ڏنا ويندا آهن، اهي سڀ انٽرويو ٻڌو. ورلڊ ٽائيم ميگزين آهي، ان ۾ هر مهيني هڪ انٽرويو هوندو آهي، ان ميگزين ۾ سي ايس ايس جي ڪامياب اميدوارن جون ڪهاڻيون پڙهو. ھاڻ پنهنجي مطالعي جو منصوبو ٺاھيو، ڏينهن جا پهريان ٽي چار ڪلاڪ انگريزيءَ لاءِ مخصوص ٿيڻ گهرجن، منهنجي خيال ۾ انهن پنجن مضمونن جهڙوڪ انگلش Essay ۽ Precise، پاڪستان افيئرس، ڪرنٽ افيئرس، جرنل سائنس ۽ اسلاميات جي تياري سڄو سال جاري رهي ٿي، ان کان سواءِ 6 مضمون باقي بچيا آهن، جن کي توهان روزانون ٻه ٽي ڪلاڪ ڏئي تيار ڪري سگهو ٿا.

 

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھ

سنڌ ۾ 6 مھينا رھندڙن کي ڊوميسائيل ڏيڻ وارو فيصلو!

 

ملڪ جي قومي اسيمبلي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ ھڪ ميمبر پاران بل پاس ڪرائڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ بل جمع ڪرايو ويو ھو ته سنڌ صوبي ۾ 6 مھينا رھندڙ ماڻھن کي ڊوميسائل تيار ڪري ڏنو وڃي، يعني ڊوميسائل ملڻ کان پوءِ اھو سنڌ صوبي جو شھري ٿي ويندو ۽ انهن کي سرڪاري نوڪري ملڻ جو به پورو حق حاصل ھوندو ۽ ٻين ملڪن توڙي صوبن مان ايندڙ مھمانن کي جڏھن راھداري ملي ويندي ته پوءِ اھو اسيمبلي ميمبر به جلد ٿي ويندو ۽ اسان سنڌي ماڻھن مٿان حڪومت ڪرڻ سان گڏوگڏ ھر شيءِ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي سگھي ٿو، جيڪو سنڌي ماڻھن خلاف ھڪ محاذ کڙو ڪرڻ جھڙي ڳالھ ٿي رھي آھي. اسين سنڌي ماڻھن ۾ اڳ ئي بيروزگاري تمام گھڻي اچي چڪي آھي، ڪيترائي نوجوان ڊگريون کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور بڻيل آھن، ويتر انهن جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ لاءِ اھڙا بل آندا پيا وڃن جيڪو انتهائي شرم جوڳو عمل آھي، ڇاڪا ته ملڪ جي سياسي، جمھوري پارٽي جي ميمبر طرفان اھڙو بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ کان پوءِ ڪنهن چونڊيل اسيمبلي ميمبر ايم اين ايز ڪو به اعتراض نه واريو آهي نه وري مخالفت ۾ به نه ڳالھايو آهي ۽ چپ جو روزو رکي حڪومتي ميمبر ھڪ ٻئي ڏي ڏسندا رھيا ته ان مان ڇا مراد آھيئ جنهن ميمبر کان پارٽي ھن وقت تائين ڪو به پڇاڻو نه ڪيو آھي نه وري اھڙو ڪو اسيمبلي ميمبر تي ايڪشن کنيو ويو آھي، ڇو ته سدائين سنڌ ۾ ڌارين ماڻھن کي جاءِ ملندي رھي آھي، اھي ڪجھ عرصو رھڻ کان بعد  سنڌ جا مالڪ بڻجي سنڌين جا حق ڦٻائڻ کان سواءِ ٻي ڪا به سنڌ توڙي سنڌي ماڻھن سان انهن جي ھمدردي ۽ محبت نه رھي آھي، ھي رڳو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ھڪ سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سازش سنڌي ماڻھو ھرگز برداشت نه ڪندا، جڏھن ته ملڪي ايوانن ۾ جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ٿيندا رھيا آھن ته اھي رڳو سنڌ جي حقن خلاف ڪيا ويندا آھن، اوھا نه ڏٺو ھوندو ته پھرين عمران خان جي حڪومت ۾ ڊيمن جو شوشو ڇڏيو ويو ۽ اھو سياسي نقصان پي ٽي آءِ اڃا تائين ڀوڳي رھي آھي، ڇو ته جڏھن به ڪنهن سياسي پارٽي يا وري ماڻھو جو زوال ايندو آھي ته ان کان اھا مت کسجي ويندي آھي اھي غلط ۽ من گھڙت سياسي فيصلا ڪرڻ شروع ڪندا آھن.

 

گل بيگ چانگ/خيرپور