تعليم وارو وزير ۽ خانگي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن جي پگھار جو اعلان !

سنڌ جي تعليم جي وزير جناب سيد سردار علي شاھ صاحب ڪجھ ڏينھن اڳ خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن جي حقن جي باري ۾ ھڪ بھترين اعلان ڪيو آھي ته گھٽ ۾ گھٽ سندن پگھار 25 ھزار ڏني وڃي سندس بيان کي وڏن وڏن خانگي ادارن جي مالڪن ته خوشي خوشي سان قبول ڪندا پر اھو اعلان ننڍن خانگي تعليمي ادارن لاءِ ڏکيائين جو سبب ضرور بڻجندو، ڇاڪاڻ ته وڏن وڏن تعليمي ادارن جا مالڪ ته پنھنجي مرضي موجب فيسون مقرر ڪندا رھندا آھن پر ننڍا ننڍا خانگي تعليمي ادارا پنھنجي وس آھر تمام ٿوريون فيسون مقرر ڪندا آھن، ھاڻي ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿو ٿئي ته انھن ادارن جا مالڪان وزير تعليم جي بيان تي عمل ڪيئن ڪري سگھندا؟ باقي وزير تعليم جي بيان جاري ٿيڻ سان خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن ۾ خوشيءَ جي لھر ضرور پيدا ٿي ھوندي. اڪثر خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن تي پڙھائڻ جو ڪم جو لوڊ تمام گھڻو ھوندو آھي پر ان جي ڀيٽ ۾ ۽ ھن مھانگائي جي دور ۾ سندن پگھار تمام گھٽ آھي، بلڪ ايئن کڻي چئجي ته نه جي برابر آھي. خانگي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن منجھان ڪجھ اھڙا به ھوندا آھن جيڪي ٽائيم پاس ڪرڻ يا تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ پڙھائيندا آھن جڏھن ته اڪثريت غريب ۽ مڊل ڪلاس فيمليءَ جي ماڻھن جي ھوندي آھي. ادارن جا مالڪ وري سندن مجبوري جو فائدو وٺندي کين گھٽ اجوري تي وڌيڪ ڪم وٺن ٿا نه رڳو ايترو پر اڪثر ادارن وارا سائنس، آرٽس ۽ ڪمپلسري سبجيڪٽن جي استادن جي پگھارن ۾ به فرق رکيو ڇڏين ۽ ڪجھ ادارن جا مالڪ صرف سائنس سبجيڪٽن جا اسپيشلسٽ استاد رکڻ کي ئي اوليت ڏيندا آھن، باقي بس مڙئي پيا ڪم کي ھلائين، جيڪڏھن ڪڏھن شاگرد سبجيڪٽ کين اسپيشلسٽ استاد جي گھر ڪندا آھن ته اھو چئي کين ٽاري ڇڏيندا آھن ته اوھين بس سائنس سبجيڪٽن کي ئي پڙھو انھن کي اوليت ڏيو ڇو ته سائينس جي سبجيڪٽن کي پڙھڻ سان اوھين ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيندا نه ڪي آرٽس، ڪامرس ۽ ڪمپلسري سبجيڪٽن کي جڏھن ته حقيقت ان جي ابتڙ ھوندي آھي، ھر سبجيڪٽ جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي، نه آھي ته صرف خانگي ادارن جي مالڪن جي نظر ۾ جيڪڏھن آرٽس ۽ ٻين ڪمپلسري سبجيڪٽن جي اھميت نه ھجي ھا ته پوءِ سينٽرل سپريئر سروس CSS ۽ پبلڪ سروس ڪميشن PCS جھڙن سخت مقابلي واري امتحان ۾ اميدوارن کان آرٽس ۽ ڪمپلسري سبجيڪٽن منجھان امتحان ڇو ورتو وڃي ٿو؟ ڳالھ رڳو اتي ئي ختم نٿي ٿئي پر مختلف گريڊن جي نوڪريءَ جي لکت واري امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان زباني امتحان وٺڻ مھل به آرٽس ۽ ٻين ڪمپلسري سبجيڪٽن منجھان ئي انٽرويو وٺندڙ ڪاميٽي سوال پڇندي آھي، انھن مڙني ڳالھين مان جيڪڏھن اندازو لڳائجي ٿو ته اھا خبر پوي ٿي ته ھر سبجيڪٽس جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي جيڪڏھن نه آھي ته صرف خانگي تعليمي ادارن جي مالڪن وٽ ئي نه آھي. خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن سان ناانصافيءَ جو داستان صرف اتي ئي ختم نٿو ٿئي پر اڪثر ادارن جا مالڪ گرمين جي موڪلن جون جولاءِ ۾ يا تعليمي سيشن ختم ٿيڻ جي ويجھو پھچڻ تي پڻ اڪثر استادن کي ڪنھن به ننڍڙي غلطي سبب نوڪري تان فارغ ڪري پگھارون بچائيندا آھن. پرنٽ ميڊيا جي ذريعي آئون وزير تعليم سيد سردار شاھ صاحب کي مودباڻي گذارش ڪندس، مٿي بيان ڪيل مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ڏسي معاشري جي مظلوم طبقي استاد خاص طور تي خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھائيندڙ استادن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ساراھ جوڳو ڪردار ادا ڪندا ۽ گڏوگڏ کين ان ڳالھ جو پابند به بڻائين ته اھي فيس جي معاملي ۾ ۽ سانس، توڙي آرٽس ۽ ڪمپلسري سبجيڪٽ پڙھائيندڙ استادن جي پگھارن ۾ فرق کي ختم ڪري اوھان جي ڪيل اعلان تي عمل ڪن.

ستار سنڌي/ ڪنب‎‎

ڪلاس يارھين ۽ ٻارھين جي امتحاني فيس، آخر ڇو؟‎‎

تعليم بنيادي حقن مان ھڪ بنيادي حق آھي، آرٽيڪل 25A  جي موجب حڪومت کي شاگرد کي مفت تعليم ڏني ويندي، جنھن سان غريب ھاري مزدور پورھيت جو به ٻار تعليم کان محروم رھجي نه وڃي جو سندن بنيادي حق آھي. سنڌ ۾ پھريائين لڳ ڀڳ 20 لکن کان مٿي ٻار تعليم کان حاصل ڪرڻ کان محروم آھن جيڪي اسڪول نٿا وڃن. ان جا ڪيترائي سبب آھن،  والدين جو ڌيان نه ھجڻ، حڪومت جو ڌيان نه ھجڻ، غربت ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آھن. ھن وقت کان 18 فيبروري سکر بورڊ ۽ سنڌ جي ٻن بورڊن يارھين ۽ ٻارھين ڪلاسن جا امتحاني فارم ڀرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آھي ان نوٽيفيڪيشن ۾ يارھين ڪلاس جي امتحاني فارم جي في 1200 رپيا رکي وئي آھي جڏھن ته ٻارھين ڪلاس جي في 2700 رپيا رکي وئي آھي. ھن وقت شاگردن جا والدين اٽي وٺڻ ۽ پيٽ گذر ۾ پورا آھن ته پوءِ اھي شاگردن کي امتحاني فارم ڀرڻ جي في ڪٿان ڏين. برساتن ٻوڏ جا به سٽيل آھن. حڪومت پھريائين شاگردن جي داخلا فارم جي في نه ورتي ھئي پر ھن وقت  ھاڻي وري شاگردن کان ڳريون في اوڳارڻ ڪٿان جو قانون آھي. سنڌ جي شاگردن کي پھريائين انھن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون ۽ مسئلا آھن، غربت، بک، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، مٿان وري غريب شاگرد امتحاني في ڪٿان آڻين؟ سرڪاري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ غريب مسڪين پورھيت طبقي جا ٻار پڙھن ٿا. باقي ته ڪامورن سياستدانن ۽ ججن ۽ وڏيريڪي طبقي جا ٻار خانگي ڪاليجن اسڪولن ۾ پڙھن ٿا. ھي طبقو ته في برداشت ڪري سگھي ٿو جنھن کي ڪنھن قسم جي ڳڻتي نه آهي. ھن وقت سنڌ حڪومت سنڌ جي بورڊن کي پاپند ڪري ته اھي شاگردن کان ڳريون فيون نه وٺن، امتحاني فارم به مفت ڀريا وڃن، تعليم کي عام ڪيو وڃي، ٻارڙن جو اهو آئيني حق آھي ته اھي مفت تعليم حاصل ڪن. تعليم غريب جو ھٿيار آھي، تعليم جي ڪافي بجيٽ آھي ان مان سرڪار شاگردن جي في بورڊن کي ڏي. سنڌ جي مختلف شھرن مان شاگرد ھڙتالون ڪري رھيا آھن انهن جي داد رسي ڪئي وڃي.

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي جي وڻ ٿين!‎‎

سخت سيءَ ۾ پاڻ مٿان هڪ سٺي شال اوڍي ويٺو هئس، ۽ هو اچي ڀر ۾ ويٺو، پهرين ته رڳو هڪ ٻئي جي تازي پالش ٿيل بوٽ ڏي پي ڏٺوسين، پوءِ چيومانس يار ههڙي قهر جهڙي سيءَ ۾ ٻارن جا ڪن اگهاڙا آهن کين نه سوئيٽر نه جاڪيٽ، بيمار نه ٿي پون. وراڻياڻين، اڙي گل، تون ڇو اچي پريشان ٿيو آھين، تنهنجا ٻار ته محفوظ آھن نه؟ يار علي، اٽو مهانگو ٿي ويو آھي وڏي فيملي وارو مزدور طبقو ڪيئن گذارو ڪندو هوندو؟ وراڻيائين اڙي يار وڃي ڌوڙ پائين، پاڻ نوڪري ۾ آھيون پنهنجا ٺٺ آھن پاڻ ڇو انهن جي ڪري پنهنجو سڪون خراب ڪريون. راڻي، هون، امان بيمار آھي شام ان کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻو آھي ۽ سڀاڻي ڊيوٽي تي ويندس. تنهنجي سهيلين جا گفٽ ايندڙ آچر تي وٺي ايندس. وراڻيائين، ماڻھين ڪونه ٿي مري، 2 پيناڊول کارائي ڇڏينس، مون سهيلين کي گفٽ نه ڏنا ته آئون مري وينديس. ادا ٻڌ ته، يار هي تنهنجو ڪتو سڀني کي ٿو کائي، ننڍڙا ٻار به ڏاڙهي وڌا اٿائين، ٻڌي ڇو نٿو ڇڏينس؟ وراڻيائين جڏهن توکي ڏاڙهي تڏهن ڳالهائجان، تو سڀني جو ٺيڪو کنيو آ ڇا؟ سر، هن ٻار جو نالو جنرل رجسٽر ۾ ايئن نه هيئن ٿيندو. وراڻيائين تون معتبر آھين يا هن ٻار جو پيءُ آھين؟ چاچا، تو واري نياڻي جو امتحان ورتم، انگريزي ۾ ته چڱي آھي پر سنڌي ته پڙھڻ به نٿي اچيس. وراڻيائين: سنڌي کي ڪير ٿو پڇي، منهنجي ڌيءُ کي هر مهيني ٿا انعام ۽ شيلڊون ملن، اهي گهٽ آھن ڇا؟ ثقلين يار تو واري ڀاءُ جي هر امتحان ۾ پهرين پوزيشن، وڏن وڏن اسڪولن پاران کيس مليل تمغا پوءِ به آءِ بي اي جي امتحان ۾  فيل ٿي ويو؟ ارسلان آھي غريب جو ٻار پر ٽاپ تي آيو آھي. طنز مان وراڻيائين: اڙي مڙئي ڌڪا لڳي ويس نه ته سرڪاري اسڪول ۾ پڙھيل ٻار جي ايڏي حيثيت هوندي آھي ڇا؟ وڃ ڙي ادي، ڏاج ۾ ايترو سامان؟ ڀلي راڄ ياد ڪن ته ڌيءُ ڀلي هي پرڻائين. ڀينگيا نياڻين کي ڏين ڇا ٿا 4 جوڙا ڪپڙن جا بس. منهنجي نياڻي جيترو ڪو ڏاج پنهنجي نياڻي کي ڏي ته سلام ڪريانس. سر، هي چوي ٿو مون وٽ ٽوٽل چار سئو آھن، اڳين ڀيري فيس جا ڇهه سئو ڪري ڏيندس، ٽوڪن ڏيانس؟ نه گهر موڪلي ڇڏينس. ڪهڙي خبر ايندڙ هفتي نه اچي پوءِ؟ ۽ سر سيٺ شفيق چوي پيو جلدي ۾ نڪتس پرس دڪان جي خاني ۾ رهجي ويو ان جو ڇا ڪجي؟ سيٺ کي دودھ پتي چانھ گهرائي پيار ۽ چوينس ته پئسن کي ڪير ٿو پڇي، تولاءِ لک عزتون آھن.

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول