سنڌ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو اٽي جي کوٽ!

                 گهڻي عرصي کان پوءِ پنهنجي اخبار ۾ چٺي لکي رهيو آهيان، انهيءَ جي ڪري نه لکندو هئس جو منهنجي طبيعت خراب هئي، هاڻي طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي، ڳالهه اها آهي ته اسان جو سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ زراعت جي حوالي سان به سنڌ جو صوبو پهريون نمبر تي آهي، هر شيءَ سنڌ صوبي ۾ پوکي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪمند هجي يا ڪڻڪ هجي ۽ هر سبزي پوکي ويندي آهي، هتان جا هاري ناري ڏينهن رات محنت ڪري ڪڻڪن جو فصل تيار ڪندا آهن پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ ان هاريءَ جا معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، ڇو جو سنڌ جي رياست اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري غريب عوام کي بکن ۾ مارڻ ٿي چاهي. سنڌ ۾ جيڪي سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن انهن مان غريبن کي ڪو به فائدو ناهي ملي سگهيو، سستي اٽي تي مقرر ٿيل ملازم پنهنجي من پسند ماڻهن کي اٽو ڏئي رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي اهڙيون ويڊيو وائرل ٿي رهيون آهن جن ۾ فلور مل مالڪ غريبن کي اٽو ڏيڻ بجاءِ وڏيرن جي بنگلن تي پهچائڻ ۾ مصروف آهن، انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته هاڻي سنڌ ۾ اٽي تي سياست ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن بک ۽ بدحالي وڌندي پئي وڃي ۽ عوام آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. مان پنهنجي اخبار ۾ هڪ خبر پڙهي هئي ته ميرپور خاص ۾ سستي اٽي جي اسٽال تان هڪ غريب ستن ٻارڙن جو پيءُ هرسنگ ڪولهي اٽو وٺڻ لاءِ ويو ته رش ۾ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، معصوم ٻارڙن کي ڪهڙي خبر هئي ته اٽي جي بجاءِ اسان جي پيءُ جو لاش گهر ايندو؟ ڇا سرڪار هاڻ غريبن کي انسان سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي؟

فرمان علي لغاري/گھوٽڪي

ملڪ ۾ معاشي بحران ۽ نگران حڪومتن جي مدي ۾ واڌ تي غور ويچار!

ملڪ ۾ معاشي بحران ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي، تيئن ئي مھانگائي حڪومت جي ڪنٽرول مان نڪرندي پئي وڃي، ھر پاسي رڳو بحران ئي بحران نظر اچي رهيو آهي جنهن جي ڪري ھر شيءِ جي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي. ملڪ ۾ ڪو به قانون نظر نٿو اچي، ھر روز شين جا اگھ بلند ترين ٿيندا پيا وڃن، ملڪ جي شھرن توڙي ٻھراڙين جي ڪاروباري مرڪزن تي سامان جي اگھن بابت پڇا ڳاڇا نه ھجڻ جي ڪري غريب عوام کي ٻنهي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، انهي جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا، بهرحال ملڪ جي ٻن صوبن يعني پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ نگران حڪومتون اچي چڪيون آھن ۽ انهن نگران سيٽ اپن جي اچڻ سان ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي پي ٽي آءِ خوش نظر نه پئي اچي ۽ پي ٽي آءِ پاران بنجاب جي نگران وڏي وزير محسن رضا نقوي لاءِ نئون محاذ کڙو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ڌرڻا ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. يقينن ھڙتالون ڪرڻ سان ملڪي ڪاروبار جام ٿي سگھي ٿو، ڇو ته ملڪ جا سياستدان پاران ھڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ انهن جي عادتن ۾ شمار ٿي ويو آھي، لڳي ايئن رھيو آھي ته ڄڻ ھنن جا دماغي حوصلا ھوا ۾ اڏامي ويا ھجن، صرف ڪرسي جي حوس ھنن سياستدانن جي اندر ۾ گھر ڪري وئي ھجي، عوام جي اھنجن ۽ تڪليفن جي کين ڪا به پرواھ ناھي رھي. اليڪشن جي ڏھاڙن دوران جلسن جلوسن ۾ عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي ڪوڙا دلاسا ڏئي چونڊون کٽي وڃي وري ساڳي ڄنڊا پٽ واري سياست شروع ڪندا رھن ٿا ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت جي اتحادي جوڙيل پارٽي پي ڊي ايم سربراھ مولانا فضل الرحمان چئي چڪو آھي ته معاشي بحران سبب ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ اڃا وڌيڪ 6 مھينا به لڳي سگھن ٿا، يعني تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ ھو ناھن، ايئن کڻي چئجي ته عام چونڊن کي پوئتي ڌڪڻ جي تياري وارا بيان ڏئي رھيا آھن پر ملڪي نقصان جي ھنن کي ڪا به ڳڻتي ناھي ھوندي. ملڪ جي آئين موجب 5 سالن اندر عام چونڊون ڪرائڻيون هوندون آھن، جيڪو چونڊن جو مدو پنهنجي پڄاڻي تي پھچڻ جي ويجھو آھي ۽ انهي اقتدار جي لالچ کي ايتري ڊيگھ ڏيڻ مان ڪھڙي مراد آھي؟ چونڊن کي تڪراري بنائڻ ملڪي سياستدانن جو رواج بڻجندو پيو وڃي، اسان جي ملڪ جي اليڪشن ڪميشن کي اختيار آھن ته ھو ڪنهن به سياسي پارٽي جي پاسداريءَ کي ڇڏي ملڪ ۾ عام چونڊن جو شيڊيول جو اعلان ڪن ته جيئن سياسي پارٽين جا اڳواڻ چونڊن طرف اچن ۽ عوام جي عدالتن آڏو پيش ٿي پنهنجي پنجن سالن واري ڪارڪردگي جو حساب ڏين.

گل بيگ چانگ/خيرپور

ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ اٽي جي کوٽ سبب عوام پريشان!

ملڪي حالتون ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿينديون پيون وڃن، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري ماڻھو ڏاڍا پريشان آھن، مھانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تائين پھچي چڪي آھي، زندگي جي ٻين ضرورتن کي ڇڏي موجوده صورتحال ۾ ماڻھو ٻه ويلا ماني ڳڀو کائڻ لاءِ اٽو خريد ڪري نٿا سگھن، سمجھ ۾ نٿو اچي ته ملڪ جو الائي ڇا ٿيندو؟ مزدور جي مزدوري نه وڌائي وڃي پر ھر ٻن ٽن مھينن ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي مھانگائي وڌائي وڃي ٿي، پنج سئو رپيا ڏيھاڙي ڪمائيندڙ پورھيت گھر جو گاڏو بلڪل نٿو ھلائي سگھي، پنج سئو رپين ۾ ماڻھو اٽو، گيھ، کنڊ، پتي، کير، مرچ، ماچس، سائي ڀاڄي خريد ڪري بيماري ۾ ٻارڙن جو علاج ڪرائي يا شادين غمين جو خرچ ڀري؟ آخر پنج سئو رپين ۾ ڪھڙي ضرورت پوري ڪري سگھبي؟ مھانگائيءَ جو وزن سرمائيدارن، جاگيردارن، سياستدانن، وڏيرن، زميندارن مٿان ڪو نه ٿو پوي، مھانگائيءَ جو سڄو اثر ڏيھاڙيدار پورھيت طبقي مٿان پوي ٿو. حڪمران ھميشه آءِ ايم ايف جا محتاج رھندا آيا آھن ۽ آءِ ايم ايف قرض تڏھن ڏيندو آهي جڏھن حڪمران سندن ڳرا ناقابل برداشت شرط قبول ڪري ۽ اھي شرط ملڪ ۾ مھانگائي کي وڌائڻ جي صورت ۾ ھجن ٿا، تازين رپورٽن موجب حڪمرانن آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃڻ بعد آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ تي راضي ٿي وئي وئي آھي پر حڪمرانن قرض وٺڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ ۾ مھانگائي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي آئون چوان ٿو ته ماڻھو اڳ ئي مھانگائيءَ سبب پريشان آھن، وري ماڻھن ۾ وڌيڪ مھانگائي برداشت ڪرڻ جي سھپ نه آھي، حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻائڻ ۾ حڪمرانن جو ڪردار آھي. ھڪ طرف ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آھي ته ٻئي طرف مھانگائي عروج تي پهچي چڪي آھي. اٽي لپ لاءِ عوام پريشان آھي، حڪمرانن جي نااھليءَ سبب اٽو ناياب ٿي ويو آھي، سنڌ حڪومت پاران خريد ڪيل ڪڻڪ برساتن ۾ خراب ٿي وئي پر چڪي ۽ فلور مل مالڪن کي ڪو نه ڏنائون، نتيجي ۾ اٽو بليڪ تي وڪامڻ لڳو، جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار پاران واپارين کي سرڪاري اگھ تي في ڪلو 95 رپيا وڪڻن جو پابند بڻايو ويو آھي پر واپارين حڪومتي عمل کي ٿڏي ڇڏيو آھي. اسان وٽ سرڪار الڳ مھانگائي ٿي ڪري ته واپاري الڳ مھانگائي ٿا ڪن، هن ملڪ ۾ چيڪ اينڊ بيلنس نه آهي، جو واپاري کي جيڪا شيءِ وڪڻن تي ڪو پڇا ڪرڻ وارو نه آھي، ڇو ته مھانگائي جي خبر حڪمرانن کي ناھي، حڪمرانن جون عياشيون ۽ ھڙئي خرچ ملڪي خزاني تي آھن، حڪمران ڪا شيءِ بازار مان خريد ڪن ته کين غربت، مھانگائيءَ، مفلسي ۽ غربت جي خبر پوي. عوامي ٽئڪس مان عياشيون ڪندڙ حڪمرانن جا ڪتا ۽ گھوڙا به بادام ۽ ڪباب ٿا کائين، غريب مزدور بکون پيا ڪاٽين، حڪمران پنهنجو علاج ڪروڙرن رپيا ڀري ٻاھرين ملڪن مان ڪرائيندا آھن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڀينگ لڳي پئي آھي، هتي دوائون ٽيڻ تي مھانگيون ٿيڻ سبب ماڻھو ويچارا علاج به نٿا ڪرائي سگھن، موجوده صورتحال مان لڳي ٿو ته ملڪي حالتون سريلنڪا جھڙيون ٿي وينديون، حالتون ايتريون خراب ٿي وينديون جو حڪمران حالتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگھندا.

اسماعيل بهلڪاڻي/تنگواڻي

هاڻ معصومن کي انصاف ڪير ڏياريندو؟

لاڙڪاڻي ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، لاڙڪاڻي شهر جي رحمتپور ٿاڻي جي حد ۾ نظر محلا ۾ مبينا طور گهرو اڻبڻت تان جوابدار فياض حسين پنهنجي گهر واري پنجن ٻارن جي ماءُ صبيحه قادريءَ کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سندس وارث چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ کڻي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتولا عورت جي پنج ئي ٻار اسڪول کان واپس آيا ته گھر ۾ سندن ماءُ جي موت جي خبر ٻڌندي ئي هو اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ۽ ڪينهون ڪري روئي رهيا هئا، هنن گُھر ڪئي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان ته اسان جي ماءُ جي قاتل کي گرفتار ڪري کيس ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

نوشھروفيروز جي قديم مدرسا ھاءِ اسڪول جو گرائونڊ بحال ڪريو!

ھونئن ته سنڌ جا اڪثر ادارا حڪوتي نااھلي جي ڪري تباھيءَ جي ڪناري پھتل آھن ۽ ادارا عوام کي ڪو به لاڀ نه پيا ڏين، اتي ھن جديد ٽيڪنالوجي واري دور ۾ ساھتي پرڳڻي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جي شھر ۾ قائم مدرسا ھاءِ اسڪول جو گرائونڊ پڻ تباھيءَ کان بچيل ناھي، سنڌ جي وچ واري علائقي درياءَ جي اوڀر واري ڪناري ساھتي پرڳڻي جي قديم شھر نوشھروفيروز جي ڊڀري شھر جي نيڪ انسان سيد سائين الھندو شاھ صاحب (رحه) پنهنجي خرچ تي ھڪ درسگاھ ٺھرائي ڏني ھئي، جنهن جو نالو ھن وقت به مدرسا ھاءِ اسڪول نوشھروفيروز آھي ھن اسڪول کي ھڪ راند جو گرائونڊ به آھي پر افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته ھن تاريخي اسڪول جو گرائوڊ ھتان جي شاگردن توڙي شھرين جي لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. اڄ کان 10 سال اڳ اسڪول جي گرائونڊ کي پڪي ڀت ڏياري وئي جيڪا اڄ به موجود آھي، ڀِت سان گڏ وچ گرائونڊ تي ھڪ اسٽيڊيم پڻ ٺھرايو ويو آھي جنهن جو ڪم اڄ تائين مڪمل ناھي ٿي سگھيو. اسٽيڊيم جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري اھو زبون حال بڻجندو پيو وڃي پر اھڙي صورتحال باوجود به ھتان جي ضلعي انتظاميا ان تباھ ٿيل اسڪول جي گرائونڊ ڏي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته ھڪ سال اڳ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن پاران ھن گرائونڊ تي تقريبن ھڪ ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ خرچ ڪيو ويو آھي چيو پيو وڃي ته گرائونڊ جي لاءِ گرينري سميت ٻيون سھولتون ڏيڻ لاءِ خرچ ڏيکاريل بجيٽ جنهن جي لاڳت ڪروڙن ۾ آھي پر ھيل تائين گرائونڊ مڪمل ٿي ناھي سگھيو، جنهن جي ڪري ھن تاريخي اسڪول جا شاگرد توڙي شھر جا نوجوان ھن تفريحي سھولت کان وانجھيل آھن، جڏھن ته ھتان جي انتظامي آفيسرن جي بيڌياني ۽ بي حسيءَ جي ڪري ھن گرائونڊ تي گندگي جو آزار پڻ آھي ۽ اڪثر منشيات واپرائيندڙ موالين جي آماجگاھ بڻجندو پيو وڃي، ھن تاريخي مدرسا ھاءِ اسڪول جو گرائونڊ جنهن کي بچائڻ لاءِ گورنمينٽ سميت وس وارن ٻين عملدارن توڙي شھرين کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي.

فرحان علي خان لاشاري/ نوشهروفيروز

بيروزگارن لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت وارو اعلان!

سنڌ حڪومت بيروزگارن لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت وارو اعلان ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه خوشيءَ جي ڳالهه آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ بيروزگاري سبب روزگار جي فراهمي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. پ پ پ حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ۽ هاڻي به سنڌ صوبي اندر پ پ پ حڪومت ۾ آهي جيڪا پهريان کان وڌيڪ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان گهڻي اڳڀري آهي. اهي قدم سنڌ حڪومت جا تاريخي قدم آهن، جنهن لاءِ مختلف کاتن ۾ ڀرتين واسطي اخبارن ۾ اشتهار ڏئي انٽرويو ڪرائي روزگار فراهم ڪندي رهي ٿي. سنڌ حڪومت هڪ کان چار گريڊ تائين جون ڀرتيون پڻ ڪري رهي آهي، تنهن کان سواءِ گذريل سال آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ۾ هزارين ماسترن جي ڀرتي ڪئي وئي آهي ۽ 2008ع کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندي پ پ پ حڪومت مڪاني کاتي ۾ پڻ هزارين ڀرتيون ڪري ڏيکاريون آهن، تنهن سان گڏوگڏ ايريگيشن، هاءِ وي، سنڌ پوليس ۾ به هزارن جي انگ ۾ ڀرتيون ڪيون ويون ۽ آءِ بي اي ذريعي هن وقت 05 کان 15 گريڊ تائين جون ٽيسٽون پڻ ورتي ويون آهن، جنهن جي ڪري پڻ بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو. هن وقت صوبائي حڪومت بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ حوالي سان ڪوشان آهي، تنهن سان گڏوگڏ سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ اميدوارن جي عمر جي حد ۾ رعايت جي حوالي سان سنڌ حڪومت 15 سالن جي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن اوور ايج بيروزگار اميدوارن کي به چانس ملي پوي، جنهن لاءِ عمر ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جيڪو پهرين جولاءِ 2022 کان 30 جون 2024 تائين لاڳو رهندو، جيڪا حڪومت طرفان خوشيءَ جوڳي ڳالهه آهي ۽ اوور ايج بيروزگار اميدوارن لاءِ به هڪڙي خوشخبري آهي. ڇاڪاڻ سنڌ حڪومت ان ذريعي بيروزگارن کي روزگار ڏيندي ۽ اميد آهي ته جلدي روزگار فراهم ڪندي جيئن بيروزگارن جي پريشاني دور ٿئي. هن وقت سنڌ حڪومت جا اهي قدم ۽ اعلان تعريف جوڳا آهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سنڌ مان برادرين جو نعرو ڪڏھن ختم ٿيندو؟‎‎

برادرين ۽ قبائلي تڪرارن جي انا ۽ زھريلي روين جي ڪري سماج جي ھيٺئين طبقي جي عوام سان ٿيل ڏاڍ ۽ ظلم سان تاريخ جا ورق ڀريا پيا آھن. سماج ۾ مختلف پليٽ فارمز موجود هجن ٿا، ملڪي، صوبائي سطح کان ويندي ضلعي، تعلقي ۽ شھر/ ڳوٺ جي سطح تائين کوڙ ساريون تنظيمون مختلف اصولن سان جڙيل نظر اينديون پر قبيلائي تنظيمن جو فليٽ فارم فقط ذاتي قبيلن جي خيرخواهي ۽ برادري واري سرگرمي تائين محدود نظر ايندو. قبيلن جي من پسند پاليسين، اهڙي مخصوص دائري واري اتحاد ۽ ان جي ناڪاري سوچ سبب سُونهاري سنڌ جا ڪيترا ئي ڪونڌر ڪُسجي ويا آهن ۽ ڪيترين نياڻين جون اباڻن جي گھرن ۾ ويھي ويھي سينڌون اڇيون ٿي ويون آهن ۽ ڪيترين نياڻين جي “ٻانهن” جي راڳ سبب تذليل ڪئي پئي ٿي وڃي. حقيقت ۾ قبيلن جي اتحاد سان ڪو انقلاب اچي ھا ته ڪو به باشعور ماڻھو اهڙي اتحاد جي مخالفت نه ڪري ھا پر افسوس! ڪنهن تبديلي ۽ امن جي بجاءِ ظلم ٿئي ٿو ۽ نفرتون جنم وٺن ٿيون. اصل ۾ ھجڻ ته ايئن گھرجي ھا ته علائقي جا چار چڱا بنا ڪنهن اوچ ۽ نيچ جي فرق رکڻ جي سڀني برادرين کي گڏ کڻي ھلن ۽ انهن جي مسئلن کي ذاتي مسئلا سمجھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انهن جي سڏ ۾ شريڪ ٿين. سنڌ پهريان ئي برادرين واري فلسفي جو درد برداشت ڪري چڪي آھي، ڇا اڃا به سنڌ “سسئي ۽ سُور” جيان ڀوڳيندي رھندي؟

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر