اقربا پروري ۽ طرفداري

اقربا پروري ۽ طرفداري اسان جي سماج کي ڏينهون ڏينهن تباهه ڪري رهي آهي ۽ تعليم جا دعويدار ماڻهو ائين ڪري رهيا آهن. چوندا آهن جيڪي لکي ۽ پڙهي نٿا سگهن، تن کي اڻ پڙهيل چيو ويندو آهي، جڏهن ته جيڪي فقط پڙهي ۽ لکي سگهندا آهن، تن کي  پڙهيل لکيل چيو ويندو آهي، جڏهن ته تعليم يافته اصطلاح زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ نمايان حيثيت کي ظاهر ڪري ٿي. يونيورسٽيون اهڙيون جڳهون آهن، جتي تعليم يافته ماڻهو  پيدا ڪري سگهجن ٿا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه يونيورسٽين جهڙوڪ  گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي انتظاميه مڪمل طور تي تعصب ۽ اقربا پروري ۾ مصروف آهي. اهڙيون يونيورسٽيون جتي انتظاميه جي پيرن هيٺان ضابطا هجن ته پوءِ اهي پنهنجي شاگردن کي  تعليم يافته ڪيئن ڪندا. لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر زولاجي جي مقررين ۾ بي ضابطگين جو فوري نوٽيس وٺن.

ڊاڪٽر فيض محمد

شهيد فاضل راهو جي ورسي ۽ ڇڙوڇڙ ڪارڪن

سنڌ ۾ سياسي ليڊرن ۽ ڪارڪنن کي ياد ڪرڻ جا هر پارٽي جا پنهنجا پنهنجا طريقا آهن. سنڌ جي قومپرست سياست ۾ ڪجھه وڏا نالا آهن جن جي ورسين يا سالگراهن جا پروگرام هر سال ٿيندا آهن. جيئي سنڌ وارن جا هيڪاندا ڌڙا آهن پر هر سال جي ايم سيد جي سالگره يا ورسي جي موقعي تي سن ۾  گڏ تي پنهنجي رهبر جي آخري آرام گاهه تي پهچي سلام پيش ڪن ٿا ۽ اتساھ وٺن ٿا. ان کان علاوه هو مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ميڙاڪا ڪرائي جي ايم سيد جي ليگيسي کي زنده رکيو اچن. ٻئي طرف سنڌ جي پورهيت عوام جي حقيقي اڳواڻ شهيد فاضل راهو جيڪو عوامي تحريڪ جو بهادر اڳواڻ هو ۽ جنهن جي بهادري جا وڏا داستان آهن ان جو اولاد سندس نقش قدم کان ڪوهين پري ٿي ويا آهن. ٻئي طرف سندس پارٽي عوامي تحريڪ به شهيد کي مڪمل طرح وساري ڇڏيو آهي. ڪيترن سالن تائين شهيد جي ورسي جو خود ساخته بائيڪاٽ ڪري رکيو ۽ وري جڏهن کين سياسي سوڙھ ٿي ته ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪيائون. ان کان علاوه عوامي تحريڪ مان ٺهندڙ ٻين پارٽين جهڙوڪ عوامي جمهوري پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي پورهيت تحريڪ به شهيد فاضل جنهن کي هو پنهنجو حقيقي رهنما تصور ڪن ٿا اهي به سندس ورسي جي موقعي تي خاموش هوندا آهن. هئڻ ته ائين کپي ته شهيد فاضل جي ورسي هر شهر ۾ ملهائي وڃي پر خاص طور تي 17 جنوري تي سڀ گروپ راهوڪي ۾ گڏ ٿين ۽ پنهنجا پنهنجا اجتماع ڪن يا ڪو گڏيل جلسو ڪن جيئن جي ايم سيد جا خانداني وارث جلال محمود شاھ وارا پنهنجو جدا جلسو ڪن ٿا ۽ ٻيا ڌڙا جيڪي هن جي نظرئي جا وارث سڏائن ٿا، اهي جدا جدا پروگرام ڪن ٿا. اهڙي طرح اسان جا اهي گروپ يا دوست جيڪي پاڻ کي شهيد جي نظرئي جا وارث سڏائين ٿا انهن کي اهڙي طرز تي پروگرام ڪري شهيد فاضل سان وفاداري جو ثبوت ڏيڻ گهرجي.  اها ڳالھه هرگز مزو نه ٿي ڏي ته اسان جا اهي دوست جيڪي مختلف تنظيمن ۾ آهن اهي راهو برادرز سان ذاتي تعلقات هئڻ جي ڪري ورسي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪن. انهن دوستن کي شهيد جي مشن سان وفاداري هئڻ گهرجي نه ڪي سندس اولاد جي ڦرندڙ گهرندڙ پاليسي سان. منهنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ سان اسان جي سياسي تنظيمن کي به سگھه ملندي ۽ جيڪي ماڻهو شهيد سان محبت ڪن ٿا اهي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيندا.

عبدالجبار/ بدين

جروار جي قلم ڌڻي ميرزادو بوزدار جي پهرين ورسي

هن دنيا مان هر ڪنهن کي وڃڻو آهي هي دنيا به فاني آهي پر ڪي رشتا اهڙا به آهن  جيڪي ايترو ته ويجهو اچي وڃن ٿا ته انهن جي وڃڻ سان جي جهري پئي ٿو ۽ انهن جي ڪمي ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ايئن ئي هڪ سال اڳ صحافتي دنيا جو هڪ دوست مير به آهي. جروار جي اوڀرواري پاسي ڳوٺ ڪوڙو بوزدار۾ جنم وٺندڙ نوجوان ميرزادو بوزدار سان ھُونءَ ته سڃاڻپ ڪافي وقت اڳ کان  ھُئي پر ان جي ويجھو ان ٽائم آيس جڏھن سال 2015ع  ۾ صحافت جي پيشي سان تعلق ڳنڍيو. خبرن جي حوالي سان سينئر صحافي ميرزادو بوزدارسان اڪثر رابطو ٿيندو رھيو. خبرن جي ڏيتي ليتي کان ٿيندي اسان جي دوستي جا لاڳاپا وڌندا ويا. آخر صبح جو شھر اچڻ سان  ھڪ ٻئي کي  ڪال ڪري چانھه به گڏ پي ڪم ڪار لاء نڪري وينداھُيا سين. ميرزادو بھادر ۽ سچو ماڻھو ھو ان جروار ۾ اڪيلي سر سماجي برايون ھلائيندڙن خلاف لکيو. جروارجي ٻين صحافين جي سماجي براين تي خاص نه لکڻ تي اسان الڳ پريس ڪلب کولڻ لاءِ سوچيو. ان جو نالو ڀٽائي پريس ڪلب رکيوسين ميرزادي کي پريس ڪلب جو صدر ڪري سامھون آندوسين. ان بعد ساڻس ڪجهه اختلاف به ٿيا. ھي نوجوان پنھنجي صحافت سان گڏ گھر ھلائڻ لاءِ اي ايف يو (EFU)انشورنس ڪمپني ۾ پڻ ڪم ڪندو ھو. ھُن پنھنجي  ٻنھي پيشن سان ايمانداري سان نڀايو. ان جو ٽئلنٽ مون کان وسري نٿو جڏھن ڪٿي وڃڻ ٿيندو ھُيس ته مون کي گڏ وٺي ويندو ھو. جڏھن ڪلائينٽ سان ملندو ۽ ان کي پاليسي لاءِ سمجھائيندو ھو ته اڪثر ماڻھو ھا ۾ ورندي ڏيندا ھُئا. ڪجهه سالن بعد  ميرزادي بوزدار جي طبيعت انتھائي ناساز ٿي. اطلاع ملڻ مون يڪدم ميزادي واري نمبر تي ڪال ڪيس ته فون ميزرادي جي والد استاد عارب کنئي مون طبيعت پڇا ڪئي استاد ڏاڍي پريشاني واري حالت ۾ جواب ڏنو ته بس دعا ڪيو ته خيريت ٿئي. ڪجهه دير بعد پوسٽ لڳي ته ميرزادو ھڪ فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. منھنجا ته ھوش ئي اڏري ويا مون سان گڏ ھمت علي بوزدار ۽ ٻيا سڀ دوست ڪجھ ٽائم خاموش ٿي وياسين ۽ اکين مان ڳوڙھا وھي آيا. نماز تي خلق پھتل ھُئي جنھن ۾ اڪثر انگ صحافين ۽ ان جي چاھيندڙن جو ھو سوين ماڻھن مرحوم دوست جي جنازي نماز پڙھي بعد ۾ ان کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 22جنوري اھو اڀاڳوڏھاڙو آھي جن مون سميت اسان جي سڀني دوستن کان سُٺو دوست کسيو آھي. دوست جي ڪمي ھر وقت محسوس ٿئي ٿي ۽ ٿيندي رھندي  ۽ ھن 22 جنوري تي پھرين ورسي جروار پريس ڪلب طرفان ملھائڻ جو اعلان به ڪيو ويو آھي پر آءُ پنھنجي دوست لاءِ اھا ئي دعا گھرندس ته الله پاڪ ان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

طارق گبول/ جروار

ڇهه مهينا گذري ويا پر سور اهي ساڳيا

تباهي مچائيندڙ برساتي ٻوڏ پوري سنڌ کي لوڙهي ڇڏيو پر تعلقي خانپور اندر تباهڪارين کي ڇهه مهينا  مڪمل ٿي ويا آهن، پر برساتي پاڻي تعلقي جي ٻن يوسين علي مراد ڪلهوڙو ۽ ٿانهريو ۾ تالاب جي صورت ۾ بيٺل آهي جنهن ڪري ٻنهي يوسين ۾ ساريالو فصل مڪمل تباهج ٿي ويو، اتي ڪڻڪ جو  فصل به پوکجي نه سگهيو آهي.  برساتي پاڻي ۾ سوين گهر تباهه ٿي ويا. 3 بنيادي صحت مرڪز زبون ۽ ڪافي اسڪول تباهه ٿي ويا. ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ اکڙي ويا. ڪيترن ئي ڳوٺن جون مسجدون مسمار ٿيون. ماڻهن جا گهر ڪري پيا اين ڊي ايم اي پاران ڪرايل سروي به ڪاغذي ڪاروائي بڻجي وئي، ڪيترائي روڊ رستا تباهه ٿيڻ باوجود انهن جي بحالي جو ڪوبه ڪم نه ٿيو، جنهن ڪري نه روڊن جي تعمير نه وري ڊٺل گهرن جي بحالي ٿي سگهي، جنهن جي ڪري اڄ به سوين ڳوٺاڻا جيڪي برساتي ٻوڏ متاثر آهن اهي دربدري واري زندگي بسر ڪن پيا. ڪيترائي برساتي ٻوڏ متاثر اڃا تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل ۽ حڪومتي سهائتا لاءِ واجهائن پيا، جن جا گهر تباهه ٿيل آهن. ڇهه مهينا گذرڻ باوجود نه ته فصلن جي ڪا اميد اٿن نه وري گهرن کي تعمير ڪرڻ جي سگهه، ان باوجود ڪوڙن ڏٽن تي عوام کي بيوقوف بڻائيندڙ بين الاقوامي برادري اڳيان ٻوڏ متاثرن جي نالي پني رهيا آهن ۽ موسمي تبديلي جي بنياد تي پوري دنيا ۾ فنڊ گڏ ڪيا پيا وڃن. تازو ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي نالي تي دنيا جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10ارب ڊالر امداد جو اعلان ڪيو، پر اسان جي ماڻهن کي اڄ تائين هڪ ٽڪو به نصيب ناهي ٿيو نه ئي ڪنهن مسڪين جي گهر ۾ ڪا هڪ سر لڳي آهي. ان جو مطلب ته اهي پئسا به سنڌ حڪومت دبئي روانا ڪندي، ان ڪري عام ماڻهو حڪومتي دعوائن تي بنهه يقين ڪونه ٿو ڪري، جيڪي به اين جي اوز ٻوڏ نالي هتي ڪم ڪن پيون اهي بدترين ڪرپشن ڪندڙ رهيون آهن. خانپور تعلقي جي ٻن يوسين ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي ان جو ڪنهن به آفيسر نوٽيس ناهي ورتو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کان سيشن ڪورٽ شڪارپور تائين ماڻهو پهتا پر آفيسرن جي ڪن تي جونءِ به ڪونه چري. پاڻي ڪڍائڻ کان نه صرف پبلڪ هيلٿ انڪار ڪيو پر ڳوٺاڻن کي دڙڪا ڏئي خاموش ڪرايو ويو. ڪيتريون ئي پاڻي نيڪال واريون درخواستون سيشن ڪورٽ ۾ اڃا تائين زير التوا آهن. ڪوبه تدارڪ نه ٿيڻ سبب عام ماڻهو مايوس ٿي چڪو آهي. آبادگارن جو ربيع ۽ خريف وارو فصل نه ٿيڻ سبب هاري فاقا ڪشي تي مجبور آهن. آفيسر شاهي توڙي سياستدان ڊرائنگ رومن ۾ ويهي ڪاغذن جو پيٽ ڀري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ڪجهه وقت پهرين هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي ته ٻوڏ متاثرن جي کاڌي تي لکين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا جنهن تي ٻوڏ متاثر اچرج ۾ پئجي ويا ته ايڏو ڪوڙ ڳالهائيندي جمهوري چئمپن سڏائيندڙ پ پ کي ذرو به ندامت نه ٿي. ٻوڏ متاثرن کي ٻج ڀاڻ ڏيڻ جي هام هنئي وئي پر هڪ پاءُ به کين نصيب نه ٿيو. اڄ تائين فارم ڀرڻ بهاني کين بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. اهڙي ماجرا ڏسي سمجهي سگهجي ٿو اشرافيا صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ عهدن تي ويٺي آهي کين عوام جي سورن جو ادراڪ نه آهي کين عوام جي اهنجن جو احساس به ناهي.

ابراهيم خليل جتوئي / شڪارپور

ڇا غريب تعليم حاصل نٿو ڪري سگهي؟؟

اڄ کان چند سال پهريان ڏسون ٿا ته اسان جو معاشرو جهالت ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آھي پر جڏهن ان بدبوءِ سان جنگ ڪري اهو نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته ان کي ان ڪوشش کان به محروم ڪيو پيو وڃي. انتهائي ڏک سان هڪ معاشري تي نظر وجهون ٿا ته اڄ غربت جي اها علامت سنڌ جي معصوم عوام کان جيئڻ توڙي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسي ٿي. رڳو رئيس، ڀوتار، وڏيري، خان جو پٽ تعليم حاصل ڪري ٿو نوڪري جي ميرٽ ته پري جي ڳالهه پر اسان جي معصومن کي تعليم جو ذرو چکڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. گذريل مهيني سنڌ يونيورسٽي پاران ماسٽر ۽ بيچلر جي ٽيسٽ ورتي وئي، ٽيسٽ کان پوءِ چالان اچي ويا، اهي چالان جي غريب کي پنهنجي غربت جو احساس ٿا ڪرائين ته ڇا يونيورسٽي اوهان کي اچڻ نه ٿي ڏي لحاذا انهن غريب معصومن سان جڏهن ڏک ونڊ ٿي ته انهن روئندي چيو فيس اڳ ئي مهانگي هئي هاڻي ته ٻيڻ تي ڪئي وئي ۽ انهن جي ڪا واهر ناهي. عجب ڪرڻ بدران انهن پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڪاروبار سان ارپڻ شروع ڪيو آھي. عوام کان تعليم جو زيور ڪنهن قانون تحت کسيو پيو وڃي. سنڌ اندر اهڙا کوڙ سارا ادارا آھن جن ۾ غريب جو ٻار وڃڻ ته پري جي ڳالھه ڏسڻ به عيب بڻيل آھي. خدارا سنڌ کي جهالت مان نڪرڻ ڏيو. ڪنهن شاعر عجب لکيو آھي:

رات ڀٽائي سنڌ لئي روئندي ڏٺو اٿم

پنهنجن جي باري ۾ پڇندي ڏٺو اٿم

منهنجو ڀي ته وهاڻو سارو ڀنل هو

خواب منجهان اي ڊِٻائي ڇرڪندي ڏٺو اٿم

معاذ جتوئي/ لاڙڪاڻو

ٺري ميرواهه بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل شهر!

ٺري ميرواهه ميرن جي دور کان آباد ٿيندڙ ۽ خيرپور ٽو جي حيثيت رکندڙ شهر آهي. ھتان جي آبادي اٺ لک کان وڌيڪ آھي. ھتان جا ماڻھو گھڻي ڀاڱي لکيل پڙهيل آھن ھتان جي شاگردن تعليم جي ميدان ۾پاڻ مڃرايو آهي. ھر سال چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ڪامياب ٿي آفيسر ٿي وڃن ٿا. ھي وڏو ۾ وڏو قومي اسيمبليءَ جو تڪ رکندڙ شهر آھي. جتي چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ عوام ڏي لڙي به نٿا اچن، نه ئي وري شھر کي بنيادي سهولتون ڏين ٿا. گذريل برساتن سبب پاڻي ھيٺ آيل تعلقي جي اھم آفيسن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ھر مھيني جي اربن رپين جي ايندڙ بجيٽ ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا ھڙپ ڪري ڇڏين ٿا. ھنن کان پڇڻ وارو ناهي جڏهن ته 2010ع کان ٺھيل اينٽي ڪرپشن آفيس جي عمارت به ھن مھل تائين ناڪاره بڻجي وئي آهي. سرڪل آفيسر مقرر ھوندي به ڪرپشن خلاف ڪابه اڄ تائين ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. ٺري ميرواهه شھر کان بوزدار وڏا تائين ٺھيل روڊ ۾ کڏا کوٻا ايترا ته اچي ويا آهن جو حادثا به روزاني بنياد تي ٿين ٿا. ميرن جي دور کان وٺي ٺھيل پرائمري اسڪول مينگھو فقير شر جي عمارت برساتن ۾ ڪري پئي آھي. تعليم کاتي پاران ان طرف ڪوئي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

افتخار حسين شر / ٺري ميرواهه

20 جنوري پليجي صاحب جي سالگرھ  جي مناسب سان

سنڌ جو مائوزيتنگ رسول بخش پليجو

دنيا جي پورهيتن، مزدورن جي انقلاب جو ڳوڙهو مطالعو رکندڙ ايشيا جو ڏاهو، دانشور ۽ نقاد رسول بخش پليجو جڏهن سائوٿ سٽي جي وينٽيليٽر تي زندگي جون آخري هڏڪيون ڏيئي رهيو هو ته ڪالاباغ کان باغي قوم پليجي صاحب لاءِ واجهائي رهي هئي ته من هو تندرست ٿئي ۽ ڪالاباغ خلاف جنگ لڙي. هو اسان جو اهڙو فڪري  رهنما هو جنهن نه رڳو اٺ ڪتابن جو پڙھڻ جو فن سيکاريو، پر ان تي عمل به ڪرايو. پليجي صاحب هميشا مظلومن جا ڪيس وڙهيا ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي ننڍڙن ٻارن سان سڄو ڏينهن ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. ڪارل مارڪس ۽ لينن جي نظريي تي ڄڻ پي ايچ ڊي ڪئي هئائين. پليجي صاحب جي گهڻ طرفي علم ۽ سياسي جوهر ۾ هو وڏي پايي جو سياستدان هو، جنهن کي علم، سياست ۽ موسيقي سان بيپناھ محبت هئي. هو قومپرستي جي لڏي کان الڳ سوچ رکندڙ منفرد سياستدان جنهن جي هر لفظ ۾ سچ، انقلاب ۽ پورهيت مزاحمت جا گس هئا۔ هو کاهوڙي هو هن پنڌ ڪيا ۽ جبل جهاڳيا۔ مستقل مزاجي سان سنڌ جو ڪيس لڙيو ٿڪجڻ بدران وڙهندو رهيو بخاري جي هنن سٽن جيان ته:

فڪر ۾ ڊوڙي نه کٽڻي آرزو گيت ۾ گونجي جڳن جي گفتگو،

جستجو ۾ مري ويندس ته ڇا زندگيءَ جي پوءِ به رهندي جستجو.

ماضي جي نام نهاد اديبن ان وقت کان پليجي صاحب سان بغض رکيو جڏهن هن سنڌي ادب کي سندي ذات هنجن ۽ سياسي ادب، انڌا اونڌا ويڄ ۽ تنقيدي ۽ تخليقي ادب جهڙا شاهڪار ڪتاب ڏنا. ادبي لڏو ايوارڊ وٺڻ ۾ پورو هو ۽ لکڻين ۾ سڻڀيون نوڪريون وٺڻ جي چڪر ۾ هو ان وقت هن جهور پوڙهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ کي اهميت ڏني هئي ۽ هو ان ۾ ڪامياب به ويو. پليجي صاحب جو پورهيو وقت جي ضرورت آهي ۽ پورهيت طبقي جي ڦٽن جي دوا آهي. ۽ پليجي صاحب سياسي ادب جهڙو جامع ڪتاب لکي سياسي ادب کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو. جنهن چيو اهو ادب نه چئبو جنهن ۾ سياست نه هجي، جنهن ۾ مظلوميت نه هجي ۽ پليجي صاحب لکيو ته اهو اديب يا دانشور تيستائين نٿو ٿي سگهجي جيستائين هو سياست جي ڀر منجهان ئي نه ٿو لنگهي.

ياسر قاضي پليجي صاحب لاء ڪيڏو نه خوب چيو آهي:

نظر دُنيا جِي ڏاهپ ۽ ادبَ تي.

اُمنگن  ۽ عملَ  ۾   سنڌُ  سائِي

بظاهر فرد هو،  پر  دؤرُ  پُورو

تمدّن  جَي زمانن جِي ڪمائِي.

هن آمر مشرف کان ويندي جنرل ايوب سان به مهاڏو اٽڪايو. کيس عهدن جون به آفرون ٿيون پر هن سڀ ٺڪرائي ڇڏيون اهو صرف پيڙهيل طبقي جي ماڻهن خاطر هن ائين ڪيو. هو جنهن چيو هو ته سماج تڏهن تبديل ٿيندا جڏهن ان ۾ عورت سياسي ڌارائن ۾ گڏ هوندي. ۽ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ ڪارڪنن ۾ سياسي پڙهائي جو رجحان وڌو ۽ نتيجن عوامي تحريڪ کي پذيرائي ملي. پليجي صاحب لاءِ سائين جي ايم سيد به لکيو ته ”جڏهن پليجي لکين ماڻهن جا جلسا ڪرايا ته مون کي اونداهي ۾ روشني جو ڪرڻو نظر آيو“۔ پليجو صاحب وڏي پايي جو سياستدان هو، هو اقتداري سياست به ڪري پئي سگهيو پر هن کي خبر هئي ته اقتداري سياست منفي نتيجا ڏيندي آهي ۽ هن اقتدار جي ڇٽي هيٺ سياستدانن لاءِ لکيو ته هي سڄي ٺڳي آهي مظلوم ٿي بيهي بغاوت ڪرڻ سان سڀ ڪجھه بهتر ٿي سگهي ٿو. شاگردن، هارين، وڪيلن، مزدورن جا محاذ جوڙي سندن نظرياتي کوٽ کي نه صرف پورو ڪيو پر انهن کي تراشيو به. سائنسي نظرياتي فڪري گس به ڏسيا. اهوئي سبب آهي سندس فڪر سان سلهاڙيل ڪارڪن لطيف جا ياد حافظ ۽ ڳالهائڻ ۾ ڀڙ آهن،  بخاري چواڻي :

مري وڃن پر وري نه ڄاڻن، ٽڪر ٽرن هي ٽري نه ڄاڻن،

ڪسي وڃن پر ڪسي نه ڪن ٿا، اهي اسان مان اهي اسان مان.

جامي چانڊيي جي بقول ته سنڌ جي پورهيتن ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي وينتي ڪندس ته پليجي صاحب جا سمورا ڪتاب وري پڙهو، سندس سڀ ليڪچر وري ڌيانَ سان ورائي ورائي ٻُڌو! سندس ڪتابَ، مضمونَ، تقريرون ۽ ليڪچر اٿاه ڄاڻَ، فڪري سمجهَه ۽ تاريخي انقلابي شعورَ جا خزانا آهن.

ايئن ناهي ته سنڌ ڌرتي سُريلا پُٽ ڄڻڻ ڇڏي ڏيندي پر رسول بخش پليجو وري ڄمندو نه ٿو چئي سگهجي. اڄ 20 جنوري سنڌي قوم جي فڪري استاد قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي سالگرھ   تي کيس لال سلام پيش ڪجي ٿو. جنهن سنڌي قوم کي جيڪو سياسي علمي ادبي ۽ فڪري ڪيڊر ڏنو سو سدائين رھڻو آهي پليجي صاحب لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته هو  هڪ نه ٿڪجندڙ نه جهڪندڙ ۽ مستقل مزاجي ۽ جرئت جو نالو آهي. سندس پورهيو ايندڙ نسل لاءِ مشعل راه آهي. پليجي صاحب جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ سائين جو نظريو سدائين امر رهندو.

شمن  اوٺو مهراڻوي