پٽڻي مائينر جي ڪهاڻي 1932 کان 2023ع تائين!

 

ڪنڌرا ۽ پسگردائيءَ کي سيراب ڪندڙ پٽڻي مائينر جنهن کي 1932ع ۾ انگريز دور ۾ ڊزائين ڪري هن علائقي کي زرعي اپت لاءِ ٺاهيو ويو هو، جيڪو پڻ پنهنجي وسعت ۾ ترتيب ڏنل شاخن تحت 266 ڪيوسڪ پاڻي آبپاشي قانون موجب کڻڻ جو حق رکي ٿو، جنهن موجب هڪ لک پنج هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جي قانوني سگھ رکي ٿو. پٽڻي مائينر جي ڊزائين ٿيل وسعت ساڍا 14 ميل آھي جنهن ۾ 32 آرڊيون پڻ آھن، جن ذريعي 1 لک 5 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو پاڻي ڏيڻ جو قانوني حق رکي ٿي، جنهن کي انگريز دور 1932ع ۾ قائم ڪرڻ وقت ئي پروگرام ۾ رکيو ويو هو. پٽڻي مائينر جي ويڪر 22 فوٽ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا پڻ ڪئنال جي منڍ کان جوڙيل آھي پر منڍ يعني پٽڻي مائينر جي ابتدائي منهن مان نڪرندڙ پاڻيءَ واري موريءَ کان پوءِ واري واھ يا مائينر جي ويڪر 50 فوٽ کان مٿي جي آھي، جنهن جي هر سال جيان 1932ع يا 1933ع کان کاٽي به کڄندي ايندي آھي، جيڪو پڻ پنهنجي جاءِ تي سوال آھي ته کاٽيءَ جو ٺيڪو 22 فوٽن جو هوندو هو، الائي 50 کان مٿي اسڪوائر فوٽن جو. پٽڻي مائينر جي گهرائي ساڍا 7 فوٽ پڻ پڻ ٻڌائي وئي آھي، عوامي خدشن، احتجاجن ۽ ڳالهين موجب مليل ڄاڻ ٻڌائي ٿي ته هن پٽڻي مائينر/ واھ جيڪو ساڍن 14 ميلن تي پکيڙ ۾ ٻڌل آھي جي ويڪر 50 فوٽن کان مٿي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ 90 سالن جي گذري وڃڻ بعد اڄ به ويڪر ايتري ئي بيٺل اٿس، باقي آبپاشي قانون موجب ڪيتري هوندي اها آبپاشي عملدار موجب 22 فوٽ ويڪر ۽ ساڍا ست فوٽ اونهائي ٻڌائي وئي ۽ مٿان سوال بعد اهو به ته اوهان پٽڻي مائينر جي منڍ جي ماپ ڪري سگهو ٿا؟ هن وقت پاڻيءَ جي مقدار کي هڪ لک پنج هزار ڪيوسڪ واري ڪوٽا کي تبديل ڪندي 4 لک 90 هزار ڪيوسڪ ڪرڻ جا اطلاع ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن موجب 95 هزار ايڪڙ زمين وڌيڪ آباد ٿي سگهي ٿي، هيءَ اسڪيم جنهن موجب پٽڻي مائينر کي پڪو ڪيو ٿو وڃي جي بجيٽ اي ڊي پي اسڪيم ۽ پي ڊي ڊبليو پي پروگرام تحت رکي وئي آھي، جيڪا ڪروڙن جي نه پر اربن جي ڄاڻائي وئي آھي. هيءَ اسڪيم ايندڙ سال تائين مختلف مرحلن مان ٿيندي مڪمل ٿيندي، پهرين فيز ۾ ابتدائي ڪم هلي ٿو ۽ ٻيو فيز مارچ 2023ع ۾ شروع ٿيڻ جا اطلاع آھن ۽ ايئن ٽيون فيز آخري مرحلو پڻ هوندو.

 

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي

 

ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي ڏتريل ڏيهه آهي!

 

هي آهي ڪاڇو، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي، پر هن ڏيهه ڪاڇي جا رهواسي هن جديد سائنسي دور ۾ به مڙني بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪاڇي ۾ گرلس ڪاليج ناهي، گرلس اسڪول ناهي، پر ڪاڇي جون نياڻيون تعليم کان محروم آهن، تعليم انسان جي ٽين اک آهي، تڪ جي ايم اين اي، دادو، جوهي ايم پي اي جوهي ڪاڇي ۾ گرلس ڪاليج نه ڏئي رهيا آهن، انهن کي خبر آهي ته غريب جو ٻار پڙهي وڏو آفيسر ٿيندو ته انهن کان سوال ڪندو، افسوس آهي ته دادو ضلعي جي چونڊيل نمائندن تي ڪاڇي واسي هر بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڪاڇي ۾ صحت جي ڪا به سهولت موجود ناهي، ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو اهو ان ڪري مري وڃي ٿو ڇو ته هتان جا روڊ رستا ٺهيل ناهن، تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ تڪ جا چونڊيل نمائندا پنهنجن جلسن تي خرچ ڪرين ڇڏين ٿا، ڪاڇي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي به ڪا سهولت ناهي، تعليم لاءِ اسڪول ناهن، ڪاڇي واسي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪن ٿا ته واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرائي ڪاڇي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

سمير احمد بروهي واهي/ پانڌي، ڪاڇو

سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري!

 

ضلعي دادوءَ هميشه کان وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، انهن شخصيتن ۾ سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان سيد احمد شاھ المعروف استاد بخاري پڻ هڪ آهن. احمد شاھ استاد بخاري هڪ عظيم انسان ۽ عظيم فقير صفت شاعر هو، سندس شاعري هر طبقي جا ماڻهو پڙھن ٿا، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن ۽ محبت پسند شاعر هو، کيس سنڌ سان بيحد پيار هو. استاد بخاري 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊئي ۾ ڄائو. تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائنل تائين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد بخاري ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار جي حيثيت ۾ ڪيو تنهن کان پوءِ استاد بخاري پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي ملازمت جو سلسلو شروع ڪيو ۽ آخر تائين استادي پيشي سان وابسته رهيا، جنهن سبب کيس استاد بخاري طور سڃاتو وڃي ٿو. هن تعليم جي شعبي ۾ رهندي ترقي ڪري دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا ۽ عمر جي آخر تائين اتي پنهنجا نوڪري وارا فرض پورا ڪيائون ۽ سندس خدمتن جي عيوض ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي حڪم تي دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندن ئي نالي سان رکيو ويو، جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سڏجي ٿو. استاد جو ننڍپڻ دادو شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ گذريو پر اتي پڙهڻ جي ڪا به سحولت موجود نه هئي جنهن ڪري پڙهائي پوري ڪرڻ لاءِ دادو شهر اچڻو پوندو هيس. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي (MA) ڪيائين. استاد بخاري صاحب پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن دادو شهر جي غريب آباد محلي ۾ گذاريا. استاد بخاري هڪ سادي طبيعت جا مالڪ هئا، نه کين وڏائي هئي نه ئي وري هروڀرو جي شان شوڪت. استاد بخاري جي سادگيءَ جو انداز ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا، ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهريون ڪندا هئا. ذاتي زندگي ۾ انتهائي شريف ماڻهو ۽ حسن پسند هئا. استاد بخاري کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي فڪر هو ۽ انهن سوچن آخرڪار ڪينسر جهڙي موذي مرض کي جنم ڏنو ۽ 9 آڪٽوبر 1992 ۾ بخاري صاحب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو​.

استاد ڪيو آھيون ۽ درد ڀريون دانھون،

ڏسو ڪير ٿو پرچائي ھن ھيڏي محفل ۾.

ظھور احمد ميمڻ/ اوٻاوڙو

 

اي ڪاش لھرن جي رستا روڪ ڪجي!

 

ڪنهن جي قول موجب وڻ کي اڏوھي، آدم ذات کي غم ۽ پاڪستان پنجھتر (75) سالن کان نازڪ موڙ مان گذري رھيو آھي، تن کي بچندي گھٽ ئي ڏٺوسين، اڄ مان قلم جي نوڪ کي پاڪستان جي پريشانين تي لکڻ لاءِ چيو، قلم وراڻيو ۽ بس وڏا ٽھڪ ڏيندو ويو. مان ان کي بي وسي ۽ احساسِ ڪمتري جو نالو ڏئي قلم جي مسُ کي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران ھڪ ئي پل لاءِ سک جو ساھ کڻڻ جي مھلت لاءِ چيو، اسان جو ملڪ اسلامي جمھوريه پاڪستان جيڪو سياسي، سماجي، معاشي، تعليمي، مذهبي، تھذيبي تاريخ جي اونداھي دور جي نه ختم ٿيندڙ گھري رات جي ڪشمڪش ۾ ڏھاڙا گھارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، ان نازڪ موڙ ۾ ھر ڪوئي ڪرپشن ناانصافي، غريبي، انتھاپسندي تي الزم مڙھي پنھنجا دامن صاف ڪرايون ويو آهي، پر اڄ مان روايتي تنقيدي تيرن کي ڇڏي ھڪ اھڙي موضوع تي وڃڻ ٿو چاھيان جيڪو ھميشه وجھ وٺي ماڻھن جي پاڇي ۾ لڪي ويندو آھي، اھو آھي اسان جو معاشري ۾ انفرادي ڪردار جي ڳالهه ڪجي ته اسان جي معاشري ۾ اشرف المخلوقات ادب ۾ سر نه نوائڻ، گفتگو ۾ لفظن جي وزن جي گھٽتائي، سستي، ڪاھلي جا گولڊ ميڊلسٽ شخص ھر روز سنڌ جي عظيم تھذيبي لازوال کي آفريڪا جي “صحرا” ريگستان کان به دور ڪنهن نامعلوم دڙي ۾ پيرن سان پوري رھيا آھن، اڄ اسان جي ڳالهه ٻول ۾ غور و فڪر ھئڻ بدران ايلون مسڪ ۽ امباني سان ڪُلھو ڪلھَي سان ملائڻ لاءِ سڄو ڏينهن خوابن جي دنيا ۾ مست ۽ مگن ھوندا آھن. ان ڪري اسان جي گفتگو ۾ موئن جي دڙي جي پڪين سرن بدران ريتن جون ديوارون جڙيل آھن، ڇو ته جتي جھالت ھوندي آهي اتي امن، سڪون، خوشحالي جو ڪڏهن به راڄ قائم ناھي ٿي سگھندو. ھتي ته ھر نئين ڄاول ٻار کي نالو ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪي قرض جو ٻنڌڻ به ٻڌرايو ويندو آهي. ھاڻي ته اڻ کُٽ ورھين کان ملڪ جي ترقي جون راھون تڪيندي تڪيندي شايد صبر جو ميوو ئي خراب ٿي ويو آھي پر نه! رياست جي ٻين ڇيڙن جيان اتان جي رھواسين جو به فرض آهي ته ملڪ جي خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائين. ڇو ته سج ڪيڏو به پنهنجي اوج تي ھوندو آھي پر سمنڊ کي سڪائي ناھي سگهندو، اڄ پاڪستان رات جي اونداهي پھر ۾ ڀٽڪي رھيو آهي پر اڃا دير ناھي ٿي. ھڪ ڀيري دور ڪنهن ريگستان ۾ ٻرندڙ ڏيئي کان ڪنهن پڇيو ته تون سج جي سامهون ڏينهن ڏٺي جو ڪيئن ٻري سگهندين؟ ان تي ڏيئي مسڪرائيندي وراڻيو ته بس ڪوشش ڪبي، اچو ته گڏيل طور طوفان جي لھرن جا رُخ موڙي وري پاڪستان کي پاڪ سرزمين بڻايون. اسان مسلمان، سنڌي، پاڪستاني ھئڻ سان گڏ جاپان جيان حقيقت پسند ٿي ماضيءَ جي ڪَڙين يادن کي مٽائي مستقبل لاءِ پنهنجا پير سگھارا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.

 

وسيم ڪلھوڙو/ خيرپور

 

مھانگائي ۾ وڪوڙيل غريب عوام!‎‎

 

پاڪستان ھڪ ترقي پذير ملڪ هجڻ جي ڪري کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، مهانگائي پاڪستان لاءِ هڪ اهم معاشي مسئلو بڻجي سامھون آئي آهي، جيڪا ملڪ کي ترقي ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ ماڻھن جي زندگيءَ کي پڻ متاثر ڪري ٿي. هن مسئلي تي خاص ڌيان ڏئي ان کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مهانگائيءَ جو بحران ڪيترن ئي ماڻهن کي غربت ڏانھن ڌڪي رهيو آهي. ملڪ يا خاص ڪري سنڌ ۾ مھانگائيءَ جا ڪجھ اھم سبب جھڙوڪ حڪومت جي بنيادي ڌانچي ۾ خامين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ غير موثر ڪوآرڊينيشن، مارڪيٽ جي اعليٰ قيمتن کي روڪڻ واري قانونن جو ضعيف نفاذ، ۽ غير منصفانه ڪاروباري سرگرمين شامل آهن. حڪومت پاران کاڌ خوراڪ جي شين جون قيمتون وڌائڻ ڪري عام ماڻهن جي زندگي ناقابل برداشت حد تائين ڏکي کان ڏکي ترين ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ 6 ھزار رپيا مڻ اٽو ھئڻ ڪري مزدور ماڻھن جي زندگي ايتري ته متاثر ٿي چڪي آھي جو اھي ھڪ ويلي جي ماني کائڻ کان پوءِ ٻئي ويلي جي مانيءَ لاءِ محتاج آھن. ان کان سواءِ حڪومت طرفان عوام کي ڪو به رليف نه پيو ڏنو وڃي. پاڪستان ۾ ڪو به حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مھانگائي جي مسئلي کي حل نٿو ڪري پر پنھنجي ذاتي زندگيءَ کي سکيو رکڻ لاءِ پنھنجون ٽجوڙيون ڀري ٿو. مهانگائيءَ ۾ واڌ سبب غذائي کوٽ جا مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن ۽ صحت سان لاڳاپيل مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، گلوبل هنگر انڊيڪس موجب پاڪستان 121 ملڪن مان 99 هين نمبر تي آهي، جيڪو ملڪ ۾ بک جي سنگين سطح کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان ۾ خوراڪ جي مهانگائي مسلسل ٻيڻي عددن ۾ برقرار آهي. جيڪا ڊسمبر ۾ 35.5 سيڪڙو جي رڪارڊ تائين پهچي چڪي آهي، اھو ئي سبب آهي جو روزمره جي زندگيءَ کي تمام گھڻو متاثر ڪري رھيو آھي ۽ جنھن ڪري ڪيترائي ماڻهو آپگھات پڻ ڪري رھيا آھن.

 

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

 

سفر ڪورڪي کان ڪراچي تائين!

 

ڪورڪيءَ کان ڪراچي تائين غلام قمبر حاجاڻو جو سفر ۽ سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ عزت ڏيڻ سندس طبعيت ۾ سمايل آھي، مان سائين غلام قمبر حاجاڻو سان ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ملاقات ڪئي. سندس سياسي گفتگو علمي ادبي پورھيو قابل تعريف آھي. سندس کاھوڙي ڪردار ڪنھن کان وسرڻ جوڳو ناهي. غلام قمبر حاجاڻو جي پيدائش سندس آبائي ڳوٺ ڪورڪي ۾ 1966ع ۾ ٿي. ابتدائي تعليم پرائمري گورنمينٽ ڪورڪي مان حاصل ڪيائين مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽالپر وڏا کان حاصل ڪيائين. انٽر سائنس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپورميرس کان حاصل ڪيائين ۽ ايم اي آءِ آر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان حاصل ڪيائين. پاڻ مھمانواز ۽ کلڻو ملڻو ۽ بااخلاق ۽ سادي طبيعت جو مالڪ آھي. سياست جي شروعات شاگرد سياست کان سياسي قومپرست پارٽي عوامي تحريڪ کان ھن وقت عوامي جمھوري پارٽي ۾ ڪارڪن کان اھم ذميوار عھدن تي ڪم ڪيو آھي ۽ ھن وقت ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. ھن وقت ڪراچيءَ جو عوامي جمھوري پارٽيءَ جو نائب صدر آھي. غلام قمبر حاجاڻو نظرياتي ماڻھو آھي، سندس ملاقات ڪرم وساڻ ۽ مختيار حاجاڻو سان ٿي، انھن جي ڪچھرين ۽ گڏجاڻين کان پوءِ پاڻ شھيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سان گڏ عوامي تحريڪ سان گڏجي ڪم ڪيو. انھن دوستن مون کي سياست ۾ مائل ڪيو. ان کان پوءِ مان ايس ايس ٽي سجاڳ ٻار تحريڪ عوامي تحريڪ ۾ ڪارڪن ۽ مختلف عهدن تي دل سان ڪم ڪيو. ايم آر ڊي ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ خلاف لانگ مارچ  ڪيا. ڪامريڊ غلام قمبر حاجاڻو سنڌ جي ھر ننڍي وڏي مسئلي، ظلم، ناانصافين، وڏيريڪي نظام خلاف سندن سگھارو آواز رھيو آھي. شھيد عوام محمد فاضل راھو جي شھادت کان پوءِ عوامي تحريڪ کي ڇڏي صحافت ڪئي ۽ پوءِ وري عوامي جمھوري پارٽي ۾ ٺھرائڻ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي. ھن وقت سندس سياسي وابستگي عوامي جمھوري سان ئي آھي. پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول تي ڌيان ڏيڻ ڳوٺ جي علائقي جي شاگردن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ ڪردار رھيو آھي ۽ اڄ به سائين غلام قمبر حاجاڻو شاگرد کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدد به ڪري ٿو ۽ ھمٿ افزائي ڪري ٿو. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي عوامي جمھوري پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان لانگ مارچ ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو. ان وقت نثار کهڙو تعليم جو وزير ھو، ان سنڌ ۾ نالي ماتر تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پر تعليم جو حال ساڳيو ئي رھيو. سنڌ حڪومت ميرٽ تي ڪمپرومائيز نه ڪري، سندس آءِ بي جي ميرٽ تي کنيل هاڪاري قدم کي ساراهيو ٿو پر اڃا ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي آرڊر  نه مليا آھن، جلد انھن نوجوانن کي جلد آرڊر ڏنا وڃن ته جيئن اھي اسڪولن ۾ وڃي تعليمي خدمتون انجام ڏين. خانگي تعليمي ادارن به تعليم کي نقصان پهچايو آهي، استادن کي پنھنجا ٻار سرڪاري ادارن ۾ داخل ڪرائڻ گھرجن نه رڳو استادن پر سياستدان، ڪامورا، ججن کي به سرڪاري ادارن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ گھرجي، ان سان سنڌ جي تعليم ۾ بھتري ايندي. سنڌ جي  شاگردن کي وڌ ۾ وڌ تعليم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، غريب شاگردن جو تعليم ئي ھٿيار آھي .

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

ٿر فلڊ رليف ڪار ريلي 2023ع!

 

ٿرپارڪر ۾ ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي فيسٽيول ٿيو، جيڪو ٽي ڏينهن هيوي گاڏين جي گوڙ تي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن کي صاحبزاده سلطان کٽي ورتو. اٺن جي رقص، گهوڙي سواري ۽ ملاکڙي جنهن کي وڏي رونق بخشي ۽ جيپ ريلي کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو آيا، جن لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيپ ريلي جهڙين راندين خاص طور ٿر ۾ هر سال ٿيڻ کپن، جن سان نه رڳو ٿر واسين کي سستي تفريح سان گڏ روزگار پڻ مهيا ٿئي ٿو. ڳالهه اها آهي ته جيپ ريلي جو مقابلو صاحبزاده سلطان پنهنجي نالي ڪري ورتو. جڏهن ته شيراز قريشي ٻئي ۽ شهريار خان ٽين نمبر تي رهيا. ريگستان ۾ جيپ جي ڊوڙ لاءِ 108 ڪلوميٽر جو رستو تيار ڪيو ويو هو. ٿر فلڊ رليف ڪار ريلي جي فاتح ريسر لاءِ انعامن ورهائڻ واري تقريب بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ ڪئي وئي، جنهن جو مهمان خصوصي وزيراعلى جو خاص معاون براءِ رانديون ارباب لطف الله هو. جنهن سان گڏ وزير مملڪت براءِ صحت ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، وزير خوراڪ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار جنهن ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ انعام تقسيم ڪيا. تقريب ۾ موٽر ايسوسيئيشن جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. آخري ڏينهن پريپيڊ ڪيٽيگري–A ۾ مشهور ريسر صاحبزاده سلطان ميدان ماري ورتو. ڪٽيگيري–B جي فاتح نعمان انجم، ڪيٽيگري–C جي سيد ظهير ۽ وومين ڪيٽيگري ۾ ماهم شيراز فاتح قرار ٿيا. سڀني فاتح ريسرز پنهنجي انعامي رقم جو 50 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن جي امدادي فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا ڳالهه تعريف جوڳي آهي ۽ بعد ۾ سنڌ جي روايتي راند اٺن جي ريس، ميراٿن ريس، ملاکڙي جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن موقعي تي موجود هزارين شوقين رانديگرن جي عمده ڪارڪردگي تي کين داد پيش ڪئي. ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه جي نفسا نفسي، مهانگائي ۽ بيروزگاري واري دور ۾ اهڙي قسم جي فيسٽيول ۽ پروگرامن جو انعقاد ڪرڻ ڪا گهٽ ڳالهه ڪونهي، جنهن سان جتي جتي اهڙيون مختلف راندين جو انعقاد ڪيو ويندو آهي اتي ماڻهن ۾ تفريح وارو ماحول سازگار بڻجي پوندو آهي جنهن سبب علائقي جا ماڻهو لطف اندوز ٿيندا آهن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

خيرپور آرٽ ڪائونسل ۾ سڌارو ڪڏهن ايندو؟

 

خيرپور آرٽ ڪائونسل جڏهن کان سياست جي ور ٿيل آهي تڏهن کان هي ادارو فنون لطيفه سان وابستگي رکندڙن جي لاءِ هٿ وٺي بند ڪيو ويو آھي، جنهن سان فنڪارن، شاعرن، ڳائڻن، ليکڪن سان نه رڳو ويڌن ڪئي ٿي وڃي پر هٿ ٺوڪين جعلي اديبن جي ميمبرشپ جي ڪري اصلي اديبن کي ان مان خارج ڪري ڪجهه سئو جعلي ميمبر شپ ڏئي اصلن کي مايوس ڪيو ويو آهي. هن اداري جي پنجاهه لک بجيٽ چند ڊرامن تي کپائي وڃي  ٿي. تازو ئي جڏهن ڪافي ڀيرا سيڪريٽري ڪلچر کي شڪايتن پڄاڻان جيڪو آرٽ ڪائونسل جو شيڊيول رکيو ويو، جنهن جي فيس پنج هزار رکي وئي آھي جيڪا انتهائي وڏي فيس آهي، من پسندي، سياسي پٺڀرائي جي ڪري اداري پنهنجي ساک ته وڃائي آهي پر اديبن کي به ڌڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي اٿائين. جڏهن اليڪشن ويجهو آئي آ ته وتن ٿا سياسي ڌرين جا در کڙڪائنيدا! اهڙي صورتحال ۾ ڪيترو ڏکيو آ جو نازڪ، باذوق ۽ سنجيده اديب ڪيئن ڪم ڪري سگهندا؟ پندرهه سال گذري ويا آھن ڪنهن اديب جو نه ڪو ڪتاب ڇپجي سگهيو آھي نه ئي وري ڪنهن سگهڙ کي ڪا پذيرائي ڏني وئي آهي نه ڪو تحقيقي مقالو لکرايو ويو آهي صرف خانه پوري ڪري بجيٽ کپائي ويندي آهي، جنهن سبب شھري اديب هل هنگامي ۽ جهيڙن سبب خيرپور جا اديب هي ادارو ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. موجوده وقت ۾ شھر جا اديب هن اداري کي پنهنجو به نٿا ڪن پر هن اداري کان لاتعلقي ڪري چڪا آھن. هن وقت رڳو خيرپور آرٽ ڪائونسل ۾ ھڪ شاعر، هڪ ڪمپئير، هڪ وڪيل، هڪ ريڊيو جو پشيڪار آھن جن سموري اديبن کي تڙي ڇڏيو آھي. سنڌ جي سڀني شعور وندن کي عرض ٿا ڪريون ته خيرپور جي هن مقدس اداري کي وڌيڪ برباد ٿيڻ کان بچائي نقلي اديبن جي اثر کان اصلوڪن اديبن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ٻولي، تاريخ، لسانيت ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجھ جو سلسلو يقيني بڻجي سگهي ۽ سياسي درن جي پويان پوندڙ اديبن جي قبضي کان آجو ٿي سگهي. شيخ اياز چيو ته:

ڪر جو توکي ڪرڻو آ،

هي دور گذرڻوآ!

عابد سومرو/ خيرپورميرس