بيواھ عورتن جي قسط ايندي ٺٽي ۾ ايجنٽ سرگرم ٿي ويا!

 

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪافي مھينن بعد اڄ کان هڪ ڀيرو وري 7 ھزار کان 9 ھزار تائين وفاقي حڪومت جي اعلان بعد قسط ڏيڻ وارو سلسلو سڄي سنڌ جيان ٺٽي ۾ به شروع ٿي ويو آھي، ھڪ طرف سرڪار پاران عورتن جي تذليل ڪرڻ جي لاءِ بسپ جي قسط وارو رينگٽ شروع ڪري سري بازارن ۾ نياڻين کي سماج آڏو تذليل ڪرائن لاءِ اھڙو ڍونگ شروع ٿيندو آھي پر ھاڻ ته ننڍين چونڊن ڪرائڻ جي واسطي سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي قسط جو اعلان ڪري عورتن جي ووٽ جو ريشو وڌائن لاءِ حڪومتي ڌر اھڙو اعلان به ھيئر ڪيو آهي جيئن عورتون پئسن جو ٻڌي سندن اميدوارن کي ووٽ ڏين، ٻئي پاسي ڳالھ ڪجي ته انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ايندي شرط ئي ٺٽي ضلعي اندر بروڪر سرگرم ٿيو وڃن ٿا پر بروڪرن ۾ به مختلف قسم آھن، ھڪ طرف پوليس جا سپاھي عورتن جي ايندڙن قسط تي ڌھندو ڪن ٿا، ته ٻئي پاسي عطائي ويب چينلن جا صحافي جيڪي قسط ڏيندڙ ڊوائيس ھولڊرن کي بليڪ ميل ڪري اھڙو ڦرلٽ وارو ڌندو ڪري رهيا آهن، وري ٽئين پاسي عام ماڻھن ۾ بروڪر شمار ٿين ٿا جيڪي ڊوائيس ھولڊر مافيائن سان ملي بيواھ عورتن جا پئسا 7 کان 9 ھزار تائين قسط مان ھڪ هزار جي ناجائز ڪٽوتي ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرين ٿا، جنهن جي ڪري متاثر بيواھ عورتون سڄو ڏينهن ڌڪن ٿاٻن بعد وڃي قسط وصول ڪن ٿيون ته مٿان وري بروڪرن جي ورچڙھيو وڃن ٿيون، افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو حڪومت سڳوري جي بدانتظامي ۽ ٺٽي ضلعي جي انتظاميه جي نااھلي تي، غريب عورتون چند پئيسن خاطر دربدر ٿيڻ سان گڏ تذليل جو شڪار پڻ ٿين ٿيون، حڪومت کي گـھرجي ته بهتر طريقي جي رٿابندي ڪري غريب، مسڪين، لاچار بيواھ عورتن کي سڄي شھر ۾ سماج آڏو تذليل ٿين کان بچائڻ لاءِ سندن گھر گھر پئسا ڏيڻ يا اي ٽي ايم وسيلي عورتون پاڻمرادو پئسا وصول ڪرڻ لاءِ ڪا عملي طور تي حڪمت عملي جوڙي عورتن کي دربدر ٿيڻ توڙي بروڪرن کان ڦرجڻ کان بچايو وڃي.

 

راجا تنوير خاصخيلي/ٺٽو

ڪي شخصيتون تاريخ ٿين ٿيون!

 

اڄ مان ان شخصيت جو تعارف ڪرائيندس جنهن جو خلق خدمت ۽ سماج ۾ علمي ۽ سماجي جاڳرتا ۾ ڪردار رھيو آھي، سندس تعلق خيرپورميرس سان آھي ۽ سندس جنم مرحوم لياقت علي راجپوت جي گھر ۾ ٿيو. سندس والدين جي وفات کان پوءِ گھر جون سموريون ذميواريون مٿس اچي ويون پر ھمت نه ھاري ۽ ڀائرن ڀينرن کي سنڀاليو، توڙي جو پنهنجي پنجن ڀينرن کان ننڍي آھي. پاڻ تعليم کي به جاري رکيو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم به خيرپور مان حاصل ڪيائين. ايم بي اي 2014 ۾ سکر ڪامسيٽ اداري کان حاصل ڪيائين. پاڻ مدر ڪئير جو سينٽر کوليو، ان کانپوءِ سندس خواب ھو ته آئون اسڪول کولي غريب مستحق ٻارڙن کي مفت تعليم ڏياريان، سندس لٽل ايجل اسڪول نالي سان خيرپور ۾ ھلي رھيو آھي، پاڻ انج ي باني ۽ ھيڊ آھي. ٻارڙن کي سنڌي، اردو، سائنس، ميٿ ۽ انگلش ڪورس پڙھائڻ سان گڏ صحتمند سرگرميون ڪرائيندي رھي ٿي. ليٽل اينجل اسڪول مڊل ڪلاس تائين آھي، سماجي خدمتون پاڻ برسات جي متاثرن جي راشن ٽينٽ ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آھي ۽ ھن وقت به سندس ڪم جاري و ساري آھي. سندس گھڻو ڪم عورتن جي حقن ظلم سماج ۾ ناانصافين خلاف ريلين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ پاڻ سوشل ميڊيا ۽ ريليون منعقد ڪرائڻ ۾ سندس اھم ڪردار آھي. پھريائين سندس وابستگي تحريڪ انصاف سان ھئي ۽ ھاڻي پيپلز پارٽيءَ سان آھي. پ پ پ عورت ونگ خيرپور جي اھم عھدي تي فائز آھي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه سان گڏ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ٻه قدم اڳتي آھي. پاڻ سماجي ڪمن ۽ خلق خدمت کي عبادت سمجھي دل سان سان سونپيل ذميواري ۽ رضاڪاراڻي طور انجام ڏيندي فلاح و بهبود جا ڪم ڪندي رھندي آھي. سندس چوڻ آھي ته تعليم تي سنڌ جي نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گھرجي. تعليم سان ئي دنيا جي ٻين ملڪن به ترقي ڪئي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته نياڻين جي تعليم انتهائي ضروري آهي ھڪ مرد پڙھيو ته ھڪ فرد پڙهيو پر ھڪ عورت پڙھي ته پورو خاندان پڙھيو. سنڌ جي اڄ ڪلھ ڏٺو وڃي ته انهن کي موقعا نٿا ملن انهن جي تعليم ۾ رڪاوٽون آھن. انهن کي تحفظ ڏنو وڃي، سنڌ سرڪار شاگردن جي لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا پيدا ڪيا جنهن سان انهن جي سھائتا ٿي سگھي ٿي، والدين جي وڏن جي استادن جي شاگردن کي عزت ڪرڻ گھرجي، ٻار مستقبل جا معمار ۽ آئينده جا سرواڻ آھن سڀاڻي ملڪ قوم جون واڳون سندن ھٿن ۾ اينديون .

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڇا سنڌ ۾ اٽو 150 رپيا في ڪلو ٿي ويو!

 

سنڌ ۾ اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ تي مھانگائي جو خاتمو اچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، مھانگائي وڌي وڃڻ ڪري غريب طبقو پريشاني جي ور چڙھي ويو آھي، مسڪين پورھيت ماڻھو اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهن، کاڌي پيتي جي شين ۾ مھانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو غريب ماڻھو پيٽ جي پورائي وارين تڪليفن کي منهن ڏيندو ٿو رھي، غريب ماڻھو مھانگائيءَ جي وڌندڙ عذاب سبب آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا حڪمران ڪئين ڀيرا دعويٰ ڪندي اھو چوڻ کان نٿا گھٻرائين ته مھانگائي تي ضابطو اچي ويو آھي، سنڌ جي شھرن ۾ اٽي جي اسٽالن تي اٽو 65 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويو آھي، چڪي مالڪن پنهنجا من پسند اٽي جا اگھ مقرر ڪري عوام کي پريشانيءَ جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي، جڏھن ته فلور ملز کي پنهنجي ڪوٽا تحت ڪڻڪ ملڻ باوجود انهن آٽو سستو ڪرڻ وارو غريب عوام جو خواب پورو نه ڪري سگھيا آهن، سنڌ جو عوام اٽي جي ڪلو ٻن لاءِ قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽورن تي ڌڪا کائيندو ٿو رھي، سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن تي آيل اٽي جون ٽرڪون رات جو من پسند واپارين ۽ دڪاندارن کي وڪرو ٿينديون رھن ٿيون، جنهن ڪري غريب عوام کي سستو اٽو نٿو ملي، پر سنڌ جا حڪمران سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي وارن لفظ تي پڪا ڪري بيٺل آهن نه رڳو اٽو مھانگو وڪرو ٿي رھيو آھي پر ھتي دالين توڙي سبزين جا اگھ به ڏينهون ڏينهن وڏي وڌي ويا آهن، غريب عوام جنهن جي ووٽ ذريعي ملڪي سياستدان بادشاھيءَ جا مزا ماڻيدا رھن ٿا، انهن چونڊيل نمائندن ڪڏھن غريب ماڻھن کي سکڻي آٿت ڏيڻ به وساري ڇڏي آھي، سنڌ ۾ ڪڏھن اٽي جو بحران پيدا ٿيندو رھي ٿو ته ڪڏھن کنڊ جي کوٽ ۽ ڪڏھن بصرن ۽ ٽماٽن توڙي پٽاٽن جا اگھ وڌي ويندا آھن، جيڪو سڀ ڪجھ ھٿرادو بحران پيدا ڪري غريب عوام کي ٻنهي ھٿن سان ڦريو ڦرڻ جا بهانا آهن، جڏھن ته غريب عوام کي ھڪ ويلي جي ماني گرھه لاءِ تڙپايو وڃي ٿو، ڇو ته ھتي ھٿ ٺوڪيا منافعي خور واپاري خريد ۽ وڪري جا مالڪ ٿي ويٺل آھن، جيڪي مقامي ڪامورن کي رشوت ڏئي راضي ڪري پنهنجا ھٿرادو اگھ وٺي رھيا آھن ۽ انتظاميا کي سرعام ڪميشن ڏيندا رھن ٿا، جنهن ڪري ڪاروباري ٺيڪيدارن جي ڪاروباري مرڪزن تي ڪو به مھانگائي سبب وڌيڪ اگھ وٺڻ لاءِ تحرڪ نٿو پيو ورتو وڃي. مھانگائي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا به قانوني ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، اھي ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته سرندي وارن کي ته دڪانن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تان آٽو توڙي ٻيو سامان سستو ملندو رھي ٿو، پريشان وري به غريب ماڻھو ٿئي ٿو، ھڪڙي ووٽ سان تبديلي آڻيندڙ سنڌ جو عوام اٽي جي ھڪ ڪلو لاءِ دربدر بڻجي روڊن تي احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھڻي رھيو آھي.

 

گل بيگ چانگ/خيرپور

 

پاڪستان جا ماڻهو اڄ ويڳاڻپ جو شڪار ڇو آهن؟‎‎

 

سنڌ توڙي بلوچستان ۽ ڪجهه طبقا خيبر پختونخواه جا ماڻهو اڄ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ويا آهن، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب  قومي ڇڙوڇڙ، اعتماد جي کوٽ ۽ اجتمائي شعور جي گهٽتائي جا واضع ثبو آهن. اسان اڄ تائين پنهنجي ذاتي مفادن کي اوليت ڏيندا رهيا آهيون، ان ڪري اسان هڪ اهڙي خطرناڪ ترين دور ۾ اچي ويا آهيون جو جڏهن ذاتي مفادن جي ڳالهه اچي ٿي تڏهن اسان کي هڪ اڻ پڙهيل فرد کان وٺي ملڪ جي اعليٰ عملدارن تائين هر هڪ جنهن ۾ مختلف پارٽين جا سربراهه، جرنيل توڙي ججز هن عمل ۾ برابر جا شريڪ نظر اچن ٿا. گذريل سينيارٽي بنياد تي سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي ڀرتي جي دوران چيو ويو ته سنڌي جج ملڪ جي سڪيورٽي جو مسئلو آهي ۽ تازي دور ۾ جنرل باجوا جي اڳواڻي ۾ دفائي بجيٽ وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي معيشت توڙي زراعت ۽ انڊسٽريز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، جنهن جو نتيجو اڄ اسان جي سامهون اچي رهيون آهي ته اسان وٽ هاڻ باقي چار ارب ڊالر جا اثاثا مس وڃي بچيا آهن. وطن عزيز لڳ ڀڳ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ جي ويجھو اچي ويو آهي پر قومي مفادن خاطر ڪير به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. اڄ سنڌ ۾ صوبائي توڙي بيروڪريٽس جي نااهليءَ سبب ڪڻڪ جو اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ايندڙ ممختلف تازهه ترين ڪلپس ۾ هزارين مڻ ڪڻڪ سرڪاري گودامن ۾ زان ٿي رهي آهي پر چونڊيل نمائندن کان وٺي ڪورٽن تائين ڪير به ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. اسان ويڳاڻپ جو شڪار ٿيل هزارين ماڻهو سرڪاري ڪڻڪ جي اٽي جي ملن ۽ اسٽالن تي گڏ ٿي قتارن ۾ سسٽي اٽي جي وٺڻ جي ڪوشش ته ڪري رهيا آهيون پر ان مهانگائيءَ جي خلاف سڀئي گڏجي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ته هاڻي جي ويڳاڻپ کي ماپڻ لاءِ ڪهڙا پئمانا استعمال ڪجن؟ ٻئي پاسي وري ٽن مهينن کان پوءِ بسپ جي ستن هزارن جي قسط جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مان ٻه هزار ڊوائس وارا ڪٽي باقي بچيل پنجن هزارن مان هڪ مڻ اٽي جو به نه وٺي سگهبو، هاڻي پندرهن جنوري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ خبر پوندي ته آيا ٻوڏ ۾ لاتعلق ٿيل حڪمران پارٽي يعني پ پ پ پ جي چونڊ ٿا ڪن، جنهن اڄ مسڪين مارن کان روح ۽ جسم جي رشتي کي بحال رکڻ واري سهاري اٽي کي به کسي ورتو آهي ان جي چونڊ ٿا ڪن يا مخالف يعني نوان آيلن جي، انهي سماج جي باغي بڻيل پڙهيل لکيل نوجوانن جيڪي راڄوڻي اتحاد کي چونڊي حڪمرانن کي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريندا.

 

مظفر بهاول لغاري/ گلاب لغاري

عالمي برادري پاڪستان کي مدد لاءِ 9 ارب ڊالر ڏيندي!

 

پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري پاڪستان جي مدد لاءِ 9 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنيوا ۾ ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائيميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي ميزباني وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل طور ڪئي، ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي. عالمي مالياتي ادارن ۽ مختلف ملڪن پاڪستان کي گهربل امداد کان هڪ ارب ڊالر وڌيڪ امداد ڏني آهي. ٻوڏ لکين ماڻهن جي زندگي متاثر ڪئي آهي جنهن جي ڪري تباهيءَ جو ڪاٿو وڏو نڪتو ۽ هن وقت پنجن مهينن کان پوءِ به ڪيترائي علائقا برساتن بعد آيل ٻوڏ جي پاڻي هيٺ ٻڏل آهن. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، عوامي فلاح بهبود لاءِ حد ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان گڏ اثرائتي ۽ مفيد قدم کنيا آهن ۽ ٻاهرين دنيا کي اهو باور ڪرائي ڏيکاريو ته پاڪستان عالمي سطح تي دنيا جي ترقي يافته ۽ دوست ملڪن سان هم قدم آهي، جنهن سبب عالمي برادري هميشه پاڪستان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي. جنهن لاءِ پاڪستاني ليڊرن خاص ڪري شريف ۽ ڀٽو فيملي جڏهن به پاڪستان اندر اقتدار ۾ رهنديون آيون آهن تڏهن هميشه انهن هر ڏکي وقت تي ملڪ لاءِ گهڻي کان گهڻو ڪجھ ڪري ڏيکاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ سبب ٿيل نقصان وارو ڪيس سماهون رکي عالمي برادري کان مدد جي اپيل ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري مدد لاءِ 9 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو ڪجھ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڪوششن سان ممڪن ٿي سگھيو آهي. هن وقت عالمي برادري طرفان پاڪستان جي مدد لاءِ ڪيل اعلان جو آڌرڀاءُ ڪجي ٿو. جيڪا ڳالهه خوشي جهڙي آهي ۽ هميشه جيان عالمي برادريءَ کان پاڪستان جي مفادن ۾ ڪم اچڻ جي خاص اميد رهندي پئي اچي، هن وقت عالمي برادري طرفان اهڙي قدم جي ساراهه ڪجي ٿي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

سنڌ صوبي جا ماڻهو ٻين ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن!‎‎

 

هاڻ ته ٻوڏن سٽيل سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ٿين گهرجن، سنڌ صوبو ڪئين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هن خوشحالي صوبي جا اصل وارث هن وقت به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سنڌ جا ماڻهو هن وقت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سنڌ صوبي قدرتي وسيلن سان مالا هوندي به ان سنڌ جا اصل وارث بنيادي سهولتن کان محروم هجڻ هڪ وڏي زيادتي ۽ لاچاري چئبي، پوري ملڪ کي تيل، گئس، ڪوئلو، معدنيات ڏيندڙ سنڌ صوبي جا اصل وارث بنيادي سهولتن کان هجن ان کان وڏي زيادتي ڪهڙي ٿيندي؟ سنڌ صوبي جا نوجوان غربت، بيروزگار، بک ۽ بحاليءَ جي ڪري آپگھات ڪري رهيا آهن، سنڌ جي مختلف علائقن مان تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنين ۾ ٻاهرين صوبن جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي کين اک جي ڪنڊي جيان ٿا لڳن، سنڌين کي انهن ڪارخانن، انڊسٽرين ۽ ڪمپنين جي دروازن تي بيهڻ به نٿو ڏنو وڃي. اسين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وس وارين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ڪيون وڃن هتان جي رهواسين کي بنيادي سهولتن سان گڏ انهن جا حق ڏنا وڃن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ڌرتي ڪيڏي پياري پر آ سورن منجھ حياتي!‎‎

 

سچ  ۾ سنڌڙي ڏاڍي پياري آھي پر بيرحم حڪمرانن جي ڪري ديس جي پورھيتن جون دليون باجنسي سُور بڻيل آھن، من منجھيل ته آھي پر ميرانجھڙو ناھي! چنڊ جون چانڊوڪيون به ھاڻي اماس لڳن ٿيون! خبر ناھي ڪڏھن منهنجي سنڌ جا پورھيت ۽ محنتڪش ڪڙمي پنهنجي جياپي، آجپي ۽ خوشحاليءَ جو خال ڀرڻ خاطر ھنن ظالم حڪمران ٽولي مان جند ڇڏائيندا؟ ڇاڪاڻ جو سنڌي ماڻھن لاءِ زندگيءَ جون سموريون خوشيون ته وڃي کڏ ۾ پون پر منهنجي سنڌ ڌرتيءَ جا ماڻھوئڙا ھاڻ ته اٽي جي لپ لاءِ به صدائتا آهن، ۽ هو ڳڀي لاءِ واجھائيندي نظر اچن ٿا، افسوس! (زندگي به ڄڻ زھر جو وٽو، جڏھن کان ٿيو مھانگو اٽو آھي، نه بدن تي ڪو سٺو لٽو آھي، پوءِ به چپن تي جيئي ڀٽو آھي!) جنهن ڪري ھتان جي سادڙن ماڻھن جي زندگي سڙندي رھي ٿي، سندن ڪل ٿڙندي رھي ٿي، ھا! ھيءَ سنڌ سياسي متبادل به گھرندي رھي ٿي! نه آسمان ڦاٽي ٿو نه زمين ڌڏي ٿي، ھيءَ سنڌ سڏي ٿي! ڪجھ رحم ڪريو خدارا! اٽي جي لاءِ چيڀاٽجندڙ غريب ڪولھي اوھان کان نوٽ ڪو نه گھريا ھئا، دولت ڪو نه گھري ھئي، تنهن کي ڪنهن عاليشان محلات جي به ته ضرورت ڪا نه ھئي، نه ئي تنهن زبردست گاڏيءَ ۾ چڙھي ھلڻ جي خواھش ظاهر ڪئي ھئي، ھن کي ته اٽي جي ضرورت ھئي! جنهن کي ماني ته ڪا نه ملي پر فاني ضرور ٿي ويو. ھيءَ حڪومت آھي؟ اوھين اھو ٿا سمجھو ته سنڌي ماڻھو آھن چريا، تنهن ڪري ووٽ اوھان کي ئي ڏيندا؟ ھا، جيڪڏھن اھا ڳالھ آھي ته پوءِ اوھان جي خوشفھمي آھي پر جي وقت ڦريو ته سمجھو غريب گوڙيو ئي گوڙيو! ۽ ھا! اھا گوڙ ڪنن جي ٻڌڻ جا تنتي پرده نه رڳو پر اوھان جون سموريون حڪومتون ڊاھي چٽ ڪري ڇڏيندي! حڪومت جو ھي ھوڏ کين زوال ۾ ضرور وجھندو! غريب عوام کي ترقيءَ جا وڏا ڪوڙا خواب ڏيکاريندڙ بيرحم حڪمرانن کي ڪھڙي خبر ھتي ته جي ھاريءَ جي پيرن ۾ لڳندڙ ڪوڏر جي ڌڪ لاءِ وٽس مرھم جا پئسه ناھن، ھتي جي پورھيتن جي ھٿن ۾ پڪڙيل ۽ پٿرين سان ٽڪرائجندڙ بيلچي مان به رڳو سورن سنڌا ڇڻاٽ نڪرن ٿا! آدابي آلاپ نڪرن ٿا. ھتي جا ڪرپٽ سياستدان اٺ ڪتابن جا به پڙھيل ھوندا ڪي ميڊيڪل جا ماھر ته ڪي انجينئر به ھوندا پر ھي  انساني حواسن جي علم اڳيان سڀ انڌا بڻجي ويا آھن جنهن جي ڪري سنڌ جا سور کين نظر نٿا اچن! ڪٿي لٽين پنهنجا، ڪٿي ڦرين ڌاريا، اھو آ ڪير جنهن ڳلن تان لڙڪ ڪين ھاريا، پيٽ وڏا قوم جو ٻيڙو نه ايئن ٻوڙجي، اچو ڪو نئون سماج ڪو نئون جھان جوڙجي!

 

رياض امر ٻجورو/سجاول