بُک، بدحالي ۽ معصوم خوابن جو خون!

لالي جيئن گهر ۾ داخل ٿي ته سندس ماءُ کيس مٿي تي ڌڪ هڻي ڪچي اَڏيل لانڍي ۾ گِهليندي وٺي وئي، لاليءَ جي هٿ مان اڌ ڀڳل رانديڪو اُتي ئي ڪِري پيو. سياري جي ڪري شايد ٻن ڏينهن کان منهن به نه ڌوتو هُئائين، وارن ۾ به مٽي جا مڻ پيل هُيس. سندس سهيليون سڄو لڪاءُ ڏسي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن ڀڄي ويون. لانڍي جي سامهون ديويءَ جي وڻ وٽ چاندي ٿيل وارن سان هڪ اڌڙوٽ مرد لاليءَ جي پيءُ سان ويٺو هو، سندس وٽيل پر اڇو وڳو ٿر جي واريءَ ۾ اولڻا ڪري رهيو هو. هن جي رنگ ڍنگ جي انداز مان لڳو پئي ته ڪو سئو ايڪڙ زمين جو مالڪ هوندو. لالي بوڻاٺين جي ٺهيل ان لانڍي مان ڏسي ماڻس کان پڇو ته اهو مامو ڪير آهي ته ماڻس وري مٿي ۾ ڌڪ هنيس ته لالي سندس منهن ۾ تڪيندي چپ ٿي وئي. ٿوري دير گذري ته هن اڌڙوٽ مرد لالي جي پيءُ کي ويهه هزار ڏنا ۽ لالي کي هٿ کان پڪڙي کيس وٺي روانو ٿيو. لالي به ڪو سوال ڪونه ڪيو، ڇو جو سندس وڏي ڀيڻ دادلي کي به ته ڪجهه وقت پهريان ايئن ئي وٺي ويا هئا ۽ ماءُ جي مارَ جو به ته ڊپ هيس.

صائمه جروار/ڊگهڙي

وڌنڌڙ اٽي جي بحران تي ڪير حل ڪرائيندو؟‎‎

ملڪ ۾ وڌنڌڙ آباديءَ تي حڪومت ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن، حڪومت کي آبادي کي نظر ۾ رکندي  عوام کي ضرورت جون شيون، عام واهپي جون شيون فراھم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. مهانگائيءَ جي شرح 2021ع ۾ 12 سيڪڙو ھئي، جڏھن ته 2022ع ۾ ان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي 24.47 سيڪڙو ٿي وئي. انگريزي جي مختلف اخبارن ۾ پاڪستان اسٽيٽسٽڪ بيورو ۽ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس جي رپورٽ جي انگن اکرن موجب اپريل 2022ع ۾ کاڌ پيتي ۽ بجلي ۽ گئس جي قيمت 13.4 ھئي، جيڪا اڳتي هلي مئي مھيني ۾ 13.08 ٿي وئي. وري جون مھيني ۾ 21.3 تي وڃي پھتي، جولاءِ مھيني ۾ 24.9 تي وڃي پھتي، لاڳيتو قيمتون گھٽجڻ جي بجاءِ وڌنڌيون رھيون. آگسٽ مھيني ۾ 27.3 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. سيپٽمبر مھيني ۾ 25 سيڪڙو اگھن ۾ واڌ ٿي. آڪٽوبر ۾ 26 سيڪڙو، نومبر ۾ 23.8 سيڪڙو ۽ ڊسمبر ۾ 24 سيڪڙو تي وڃي پھتي. 47 سالن جي رڪارڊ ۾ تمام مهانگائيءَ وڏي پئماني تي 2022ع ۾ رھي. سال 2022ع جي آخري مھينين ۾ رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي ٿي وئي. پر 2023ع جي پھرين مھيني جنوري ۾ 23 عام شين جي واهپي ۾ 200 ڀيرا وڌيڪ قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ھن مھيني جي ھڪ ھفتي دوران بصر جي قيمت 415 سيڪڙو قيمت ۾ اضافو ٿيو، چانه جي اگھن ۾ 64 سيڪڙو، ڪڻڪ يعني اٽي جي قيمت ۾ 57.3 سيڪڙو، اناج 54.40 ۽ ڪڪڙ جي گوشت 43.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، ھن وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اٽي جي مھانگي ٿيڻ جي ڪري ھڙتالون ٿي رھيون آھن، خيبر پختونخواهه ۾ عوام کي اٽي وٺڻ تي لٺيون ۽ ڪٽڪو مليو آھي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آھي، ڇاڇري جي مينگھي ڳوٺ ۾ ڀيل عورت 5 ٻارن کي زھر ڏئي ماري ڇڏيو، ٻارن پنهنجي ماءُ کان ماني گھري رھيا ھئا، ھن وقت اٽو في ڪلو 150 تي وڃي پھتو آھي، پر اٽو ملي به نه ٿو، عوام ماني ڳڀي جي پريشان آھي، عوام صرف ڳڻتي ۾ وڪوڙيل آھي ته ٻچن جو پيٽ گذر ڪيئن ڪجي؟

سڄو ڏينهن آ ساھ کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍئو بنا ڊولا، ڪانهي ساڃانه سونهن جي.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

ماروئڙن لاءِ موت ميسر آ پر اٽو اڻلڀ آهي!

آخرڪار نااھل حڪمرانن جي شاھي خرچن، عوام جي پئسي تي مٿين طبقي جي ٿيندڙ عياشين، ملڪي حڪمرانن جي عوامي پئسي تي لاڳيتي لٽمار سبب ھاڻ اھوئي ٿي رھيو آهي، جنهن جو سڀني کي ڊپ ھو. ملڪ ۾ عوام لاءِ اٽي جي لپ اڻلڀ بڻجي وئي آهي. تازو اٽي جي اگھن ۾ ٿيل تاريخي واڌ سبب صورتحال انتهائي ڀيانڪ بڻجي وئي آهي، اٽي جون قيمتون مھانگيون ڪري سرڪار پاران سستي اٽي جي فراھمي وارو ڍونڱ رچايو پيو وڃي، جنهن سبب ملڪ جو عوام سستي اٽي جي لاءِ نه رڳو دربدريءَ وارا ڌڪا پيو کائي پر انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھاڻ ته سنڌ جا غريب مسڪين ماروئڙن لاءِ اٽو اڻلڀ ٿيڻ سبب سستي اٽي جي حاصلات جي چڪر ۾ بي موت مرن پيا. تازو ميرپورخاص ۾ پورھيت ھرسنگھ ڪولھي سستي اٽي لاءِ دربدري جا ڌڪا کائيندي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو. اڃا انهيَ کان وڌيڪ ڪھڙو سانحو ھوندو؟ اڃا ڪھڙي قيامت برپا ٿيندي جو مسڪين ماروئڙا پنهنجي بکايل ٻچن لاءِ اٽي جي لپ وٺندي به بي موت مري وڃن. پورھيت ھرسنگھ پنهنجي ٻچڙن لاءِ اٽو وٺڻ ويو ھو، جيڪو واپس پنهنجي ٻچن وٽ لاش جي صورت ۾ موٽيو. سڪرنڊ ۾ عورت جون ڄنگھون ڀڄي پيون پر کيس اٽو نه مليو، ھن درد کي ڪيئن بيان ڪجي؟ او ظالم حڪمرانو، او جھموريت جا دعويدارو، ڪٿي آهي اوھان جي عوام دوست سياست؟ ڪٿي آهي جھموريت؟ ڪيڏانهن مري ويو اٽي، لٽي ۽ اجھي وارو نعرو؟ آخر اٽي جي لپ لاءِ پنهنجون زندگيون وڃائيندڙ شاھوڪار سنڌ ڌرتي جي مسڪين ماروئڙن جي ٿيندڙ قتل جي دانهن ڪنهن در ڏجي؟ پورھيت ھرسنگھ جي خون جو ذميوار ڪير آهي؟ اي وقت جا حڪمرانو، جيڪڏهن ھنن سوالن جا جواب اٿو ته خاموشي جو روزو ٽوڙيو، خدارا! اوھان وٽ اليڪشن مھم ھلائڻ لاءِ ھزارين گاڏيون آهن، انهن ھزارين گاڏين جي تيل جو خرچ به آهي، باقي پنهنجي ووٽرن لاءِ اٽو سستو ڪرڻ اوھان جي ھٿ ۾ ناهي؟ عوام اوھان کان ٻيو ڪجهه نٿو گھري، نه کپن عوام کي اوھان جا ترقي ۽ خوشحاليءَ جا سونهري خواب بس! رڳو عوام جي معصوم ٻچن لاءِ ماني مھانگي نه ڪريو, اٽو سستو ڪريو ته جيئن عوام لاءِ موت بدران ٻه ويلا ماني ميسر ٿي سگهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

دُکدائڪ حالتن کي منهن ڏيندڙ پورهيت عوام!

هي ڪھڙو معاشرو آھي جتي انسانن جون زندگيون مقامي ماڻهن ۽ ڪرسيءَ تي ويٺل حڪمرانن جي اکين اڳيان بک وگهي تڙپي مرن پيون! جتي اٽي جي لپ لاءِ پنج معصوم ٻارن جي پيءُ کي پنهنجي زندگي ڏيڻي ٿي پوي! ٻن معصوم نيڻن جي ماءُ معصومن جي بک برداشت نه ڪندي آپگهات ڪرڻ تي مجبور بڻجي وئي! پنج سئو ڪمائيندڙ هڪ مزدرو گهر جو گاڏو ڪيئن هلائي؟ اهو سنڌ سرڪار کي سمجھڻ گھرجي ته کاڌي جي  شين جو اگھ آسمان تائين پڄي چُڪو آھي، هتان جا حُڪمران ڇا اهو نه پيا ڏسن؟ سنڌ جي پورهيت عوام ماني جي گرھ لاءِ رسو ڳچيءَ ۾ وجھي آپگهات ڪرڻ تي مجبور آھي؟ روزانو بک جي ڪارڻ ڪيترائي مجبور، لاچار ماڻھو زندگيون برباد ڪن پيا، هي ڪھڙو دور آھي جتي انسان اٽو کائيندو هو پر هاڻ اٽو انسان کي کائي رهيو آهي، اٽي جي ڏھ ڪلي جي ٿيلهي ماڻھو جي زندگي گهري رهي آهي! بکيا پيٽ ڳڀي لاءِ ڏينهن رات تڙپن پيا. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن بنيادي ۽ انسان جي جيئڻ جي معاملي جو نوٽس وٺي روزانو بک ۾ مرندڙ ماڻھن کي مرڻ کان بچائي، هڪ پورهيت پنهنجي سموري ڏينهن جي ڏيهاڙي مان پنج گهر ڀاتين جو اٽو نٿو وٺي سگهي، اٽي کان سواءِ ٻيون روزمره جي کائڻ جون شيون، دوائون اهي ته پري آهن، ڀلا اهڙين حالتن ۾ مسڪين ماڻھوءَ جو گذر ڪھڙي ريت ٿئي؟ هن جند ٽوڙ مهانگائيءَ ماڻھن جي چيلھ ئي چٻي ڪري ڇڏي آھي، بيماري ۽ بک ماڻھن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن. روزانو جي حساب سان ڏيهاڙي تي پيٽ پاليندڙ مزدور طبقو ٻه ويلا ته پري ٿيو پر هڪ ويلو ماني جو پورائو ڏکيائيءَ سان ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين گهڙين کي منهن ڏيڻ پورهيت طبقي لاءِ ڏاڍو ڏکيو مرحلو ٿي پيو آھي. هاڻ حالتون اهو طئي ڪري چڪيون آھن ته غريب عوام پيٽ تي پٿر ٻڌي زندگي گذاري سگهي ته گُذاري! ايڏي مهانگائي جي چوٽ چڙھڻ سان جهانگيئڙا گُذر سفر لاءِ پنهنجا اجها مال وڪڻڻ تي مجبور ٿي پيا آھن، پنهنجا زيور وياجين وٽ گروري رکي هنن ڏکيائين سان جنگ وڙھي رهيا آھن، هي وقت پورهيت عوام تي حڪومتي نظام جي آزمائش جو وقت آھي، هي وقت سنڌ جي پورهيت عوام جي سهائتا لاءِ آھي. سنڌ سرڪار کي گهرجي هن وقت سنڌ جي پورهيت عوام جي ضرور پرگهور لهي سندن سهائيتا ڪري.

سنڀُو لال جوشي/ڏيپلو، ٿرپارڪر

سنڌ جتي ڪربلا جھڙا واقعا معمول بڻجن پيا!

سنڌ ۾ گذريل برساتن ۾ حڪمرانن جي لاپرواھي ۽ غلط منصوبابندي سبب سنڌ ۾ بي گھر ٿيل مسڪين ماروئڙا جڏھن اٽي لپ لاءِ دربدر ٿي رھيا آھن، سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ سبب اٽي جي حاصلات لاءِ پريشان ستن ٻارڙن جو پيءُ پنهنجن معصوم ٻچڙن جي پيٽ جي باھ اجھائڻ لاءِ ڊگھي قطار ۾ پنهنجي ڏيھاڙي ۽ ڪمڪار ڇڏي ان اميد سان بيھي ٿو ته ھو ڪجھ گھٽ رقم تي اٽو وٺڻ ۾ ڪامياب ويندو پر کيس خبر نه ھئي ته ان ڪجھ رقم گھٽ تي اٽو وٺڻ جي ڏوھ ۾ کيس چيڀاٽي ماريو ويندو. ايئن ھڪ پورھيت جيڪو سستي اٽي وٺڻ ۾ ته ڪامياب نه ٿي سگهيو پر زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. کيس خبر ئي نه ھئي ته ھو جيڪو سستو اٽو وٺي جلدي گهر وڃي پنهنجي بکن ۾ پاھ ٿيندڙ ٻچن جون اکيون جيڪي اٽي جي اوسيئڙي ۾ ھيون ته بابا اٽو وٺڻ ويو آھي، اڄ پيٽ ڀري ماني کائينداسين پر هنن معصومن کي ڪهڙي خبر ته خوشحال سنڌ ۾ 10 ڪلو اٽو غريب جي موت کان وڌيڪ مهانگو آھي. سنڌ جيڪا نه رڳو زراعت، تيل، گئس سميت معدني وسيلن سان مالامال آھي پر افسوس جو حڪمرانن جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري خوشحال سنڌ جا ماڻھو بک وگھي مري رھيا آھن پر حڪمرانن کي ياد رکڻ کپي ته بک، بدحالي ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ وارا جڏھن اٿيا ته عياش حڪمرانن جو حشر خراب ٿيندو، تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال موجود آھن ان ڪري حڪمران حوش کان ڪم وٺن ۽ عوام کي سھولتون ڏين نه اقتدار ڌڻي به سلامت نه رھندا.

صابر ڪولاچي/ ميھڙ

سائيبر ڪرائيم سبب غير محفوظ بڻيل سوشل ميڊيا!‎‎

خبر رسائي ۽ ڄاڻ جي رسائي ۾ سڌ سماءَ جي ذريعن جو قديم زماني کان اھم ڪردار رھيو آھي، سڌ سماءَ جي جديد ذريعن ۾ پرنٽ/ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکن ٿيون. جديد دور ۾ انٽرنيٽ/سوشل ميڊيا جي ڄاڻ ۽ خبر رسائي کي سولو ۽ تيز بڻائي ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا ھر عام و خاص کي زبان ڏئي ڇڏي آھي. سوشل ميڊيا ذريعي عام ماڻھو پنهنجن مسئلن کي دنيا آڏو آڻين ٿا، ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ جو شعور ھڪ آواز ۽ متحد آهي پوءِ اھو غير قانوني ڊوميسائيل جو مسئلو ھجي، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ھجي، شھيد ناظم جوکيو جو ناحق قتل ھجي، سنڌ جي شعور سوشل ميڊيا ذريعي حڪمرانن جا ڏند کٽا ڪيا آهن. پر سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلھ سائيبر ڪرائيم ھڪ وڏو خطرو بڻجي سامھون آيو آهي، سائيبر ڪرائيم جو شڪار تنظيمون، ملڪ، ڪمپنيون، گروپ، توڙي صارف بڻجندا آهن. سائيبر ڪرائيم انٽرنيٽ، موبائل فون، ليپ ٽاپ، ڊيسڪ ٽاپ، بليو ٽوٿ، لنڪڊ ان، ايس ايم ايس، واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽاگرام ذريعي ڪئي ويندي آهي. سائيبر ڪرائيم ۾ ھيڪنگ، غير اخلاقي و غير قانوني نگراني ڪاپي رائيٽ جي ڀڄڪڙي، ٻارن توڙي ننڍي عمر جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين سان جنسي حراساني شامل آهي. ڪجھ سال اڳ مون کي نامعلوم نمبر تان ڪال آئي، جنهن ۾ ڪال ڪندڙ چيو ته اسان پي ٽي اي طرفان پيا ڳالهايون ۽ توھان جو موبائل فون رجسٽر ناھي، توھان ڏانهن ھڪ ميسيج ايندو جنهن ۾ موجود ڪوڊ اسان کي ٻڌائجو، دراصل اھو ڪوڊ منهنجي واٽس ايپ اڪائونٽ جو ھو، درست آگاھي ۽ ڄاڻ نه ھئڻ سبب مون اھو ڪوڊ کين ٻڌائي ڇڏيو، ٿوري ئي دير ۾ منهنجو واٽس ايپ اڪائونٽ ھيڪ ٿي ويو، ان قسم جا سوين واقعا ٿي چڪا آهن. اصل واٽس ايپ کان سواءِ غير قانوني واٽس ايپ جن ۾ جي بي واٽس ايپ، پنڪ واٽس ايپ تي صارف اڪائونٽ ٺاھي پنهنجي پرائيويسي کي خطري ۾ وجھندا آھن، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي کي سائيبر ڪرائيم خلاف تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن ۽ سوشل ميڊيا صارفن کي پڻ FIA جي اي ميل آءِ ڊي، ھيلپ لائين نمبر 9911 تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ کپن.

شيراز چانگ/ٽنڊو غلام حيدر

نرم دل انسان عبدالغفور ھيجب جاکرو!

نرم دل ۽ ھٿ جوڙ وارا انسان به ڪنهن جي چاھڻ يا نه چاھڻ جا محتاج ناھن ھوندا، انهن کي ڪير ڇا به سڏي پر ھو ڪنهن ڪريل لفظن جي پرواھ ڪرڻ بنا محبتن جا متلاشي ھوندا آھن، ھو پنهنجي طبيعت ۾ ڀلي کرا به ھجن پر نرم دل رکندڙ ماڻھو سدائين آزي نيازي ۽ ھٿ جوڙ جي واٽ کي ڇڏي ناھي سگھندو، اھا ھڪ الڳ ڳالھ آھي ته ان جي سٺي ڪم مان به دنيا وارا ڀلي ڪيترائي عيب ڪڍن يا سندس ذات کي ڇا مان ڇا چون پر جيڪو جنهن نيڪ مقصد کي دل ۾ رکي جيئڻ جا جتن ڪندو آھي، اھو پنهنجي ڪرت کي ڇڏي ناھي سگھندو، ڀلي ان کي بدلي ماڻھو گلن بدران پٿر آڇين پر محبتن جا گل ورھائڻ وارو ڪڏھن به جواب ۾ پٿر ناھي ھڻندو، ھا باقي اھو انسان انهن پٿر ھڻندڙ جي اصلاح ڪرڻ يا انهن جي ضمير کي لفظن وسيلي جاڳائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آھي، پوءِ ڀلي اھي لفظ ان کي ڀلا لڳن يا خراب. ھڪ سماجي ماڻھو پنهنجي ھڙان وڙان وڃائي راتين ۽ ڏينهن جا سڪون برباد ڪري دنيا “ڇا چوندي” وارن لفظن کان پري رھي صرف ۽ صرف سماج جي براين جو ڳوڙھي اک سان اڀياس يا ريسرچ ڪندو رھندو آھي، جنهن جي محنت جو قدر دنيا وارن کي ڏاڍو دير سان ئي صحيح پر ٿيندو ضرور آھي، اسان جي ننگر جھڙي پيار، محبت، امن واري ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ عبدالغفور ھيجب جاکرو تمام نياز ۽ نوڙت رکندڙ نرم دل انسان آھي، پاڻ ھن وقت ٽائون ڪاميٽي گھارو تي ايڊمنسٽريٽر جھڙي اھم عھدي تي فائز آھي، اھو گھارو شھر جي عوام لاءِ وڏو اعزاز آھي جو کين مقامي آفيسر مليو آھي، جيڪو بنا ڪنهن شڪايت جي گھارو شھر جي مختلف وارڊن ۾ پنهنجي ذميواريءَ سان پھچي صفائي، سٿرائي، ڊرينيج سميت عوامي مسـئلن جي حل لاءِ ھر وقت ڪوششن ۾ رڌل رھندو آھي، سندس سچائي ۽ مخلصي واري ڪردار کي گھارو جو عوام ڏسي کيس سندس محنتن تي مڃتا طور کيس ڪيترائي ڀيرا سندس مان ۾ آجياڻا ڏئي سندس ھٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ گھارو واسي اڄ به ساڻس گڏ آھن.

راجا تنوير خاصخيلي/ ٺٽو

صوفي بزرگ حضرت بابا لطف علي فقيرؒ!

سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، اوليا الله جن پنهنجي تعليمات، دعوت پيغام ۽ شاعري ذريعي ڌڻيءَ جي پيغام کي عام ڪيو، پوءِ ڀلي خيرپور جي سچل سرمستؒ، ڀٽ شاهه جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ، سيوهڻ جي لال شهباز قلندرؒ، دادو جي مخدوم بلاولؒ ۽ مٽياري هالا جي سيد مخدوم غوٽ الحق سرور نوحؒ يا ڀرچونڊي شريف جي پير حافظ محمد صديقؒ ۽ ٻيا صوفيا ڪرام ۽ اوليا الله اهي هستيون آهن جن جا نقش سنڌ ۾ ماڻهن کي نظر ايندا. سنڌ جي عوام انهن بزرگن هستين ۽ انهن جي درگاهن سان بيحد روحاني عقيدت ۽ احترام رکن ٿا. صوفي بزرگ درويش ابدال سائين لطف علي فقيرؒ جنهن تلهار شهر ۾ اڄ کان لڳ ڀڳ 300 سال پهريان ڦليلي ڪئنال جي ڪناري پنهنجو ديرو ڄمايو هو. لطف فقيرؒ ذات جا جويو هئا، ٽنڊوباگو ۽ تلهار شهر جي ڳوٺ يوسف جويو جا رهاڪو هو، پاڻ سادگي پسند هئا ۽ ماڻهن سان ملڻ پسند نه ڪندا هئا، گهڻو وقت ذڪر الاهي ۾ گذرندو هين پر پاڻ تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي وجداني ڪيفيت غالب اچي ويندي هين جو ڦليلي ڪينال جي پاڻي تي هلندي ڪينال جي وچ ۾ پاڻي تي نماز ادا ڪرڻ لڳي ويندا هئا. جيڪو منظر ڪينال ڪناري موجود عورتون ۽ مرد پنهنجي اکين سان ڏسندا هئا. جنهن ڪري عقيدتمند ماڻهن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ ماڻهو وڏي تعداد ۾ سندن آستاني تي اچي خير و برڪت لاءِ دعا ڪرائيندا ها. فقير لطف عليؒ هڪڙي ڏينهن ڪاوڙ ۾ والدين سان ناراض ٿي ڦليلي ڪينال ۾ ٽپ ڏنو ۽ جنهن بعد ٽن ڏينهن تائين کين ڳوليو ويو جنهن کان بعد والدين فاتحه پڙهاي کين ڳولڻ بند ڪيو پر ڇهين ڏينهن لطف علي فقيرؒ ڦليلي ڪينال مان صحيح سلامت مليا ۽ اتي پنهنجو آستانو قائم ڪيو. بعد ۾ اتي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهڻ لڳا. ڳالهه ڪن ٿا ته ڦليلي ڪينال ويجهو زميندار خدمت ۾ حاضر ٿين ۽ پريشاني بيان ڪيائين، پاڻ فرمايائونس ته پٿر کڻ، جتي مناسب سمجهين اتي رک، انشاءَ پل تعمير ٿيندو. درويش جي دعا سان انگريز اتي پل جي تعمير جو حڪم ڏنو. حضرت لطف عليؒ جون ڪيتريون ئي ڪرامتون آهن جن جو ماڻهو ذڪر ڪندا آهن، جن جون دلي مرادون پوريون ٿيون. لطف فقيرؒ جو وصال اندازي موجب 20 هين صدي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿيو، لطف علي فقيرؒ جو ساليانو عرس ذوالحج جي 14 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جتي وڏي تعداد ۾ عقيدتمند مزار تي حاضري ڏيندا آهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڇا پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ٿي ڏسڻ چاھي؟

ملڪ ۾ شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا خواب ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڀيان ٿيندي نظر اچي رھيا آھن، پيپلزپارٽي پنهنجون سياسي سرگرميون عروج تي آڻڻ جي ڪوششون وٺي رھي آھي، جنهن طريقي سان پ پ پ وفاق جي مرڪزي شھرن اسلام آباد ۽ لاھور ۾ پنهنجا پير پڪا ڪري سياست جي نئي سر شروعات ڪندي قدم کڻي رھي آھي سو محنتن جو صلو ضرور ھڪ ڏينهن رنگ لائيندو، پ پ پ توڙي جو ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين ۾ شمار رھي چڪي آھي، ھن وقت پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جيڪو لاھور ۾ جتي سياسي مخالفن جو مرڪز به آھي اتي نه رڳو سياسي ھلچل مچائي ڇڏي آھي پر ھو پيپلزپارٽي جي ورڪر طور ڪم ڪندي نظر اچي رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ نواز ليگ توڙي (ق) ليگ يا وري شيخ رشيد جي عوامي پارٽيءَ سميت ٻيا سياسي مخالف پ پ پ کي ڪڏھن به پير رکڻ نه ڏيندا ھئا، اتي ھاڻ پيپلزپارٽي پنهنجو سياسي ميدان صاف ڪري رھي آھي. روزانون جي بنياد تي پارٽي عھديدارن جون موجودگين مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ پارٽي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري جيڪا مفاھمت واري پاليسي اختيار ڪئي آھي اھا بلڪل ڀٽو خاندان جو تسلسل سمجھيو پيو وڃي ۽ پارٽي جون سڪل رڳون ٻيھر سايون ٿي رھيون آھن، جيڪي ملڪ جي گاديءَ واري ھنڌ اسلام آباد تائين اھي مظبوطي سان پکڙجنديون رھن ٿيون، ڇو ته ھڪ پاسي ملڪ ۾ دھشتگرديءَ جي فضا آهي، ھڪ ڀيرو ٻيھر ٿڌين هوائن کي گرم ڪرڻ لاءِ اڀاري رھي آھي. ٻئي طرف ملڪ ۾ نين چونڊن جو وقت ويجھو ٿي رھيو آھي، انهي سڀني ڳالھين کي سامھون رکڻ به پيپلزپارٽي کي وڏين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻه ڏينهن اڳ ھڪ بيان ۾ واضح چيو ھو ته دھشتگرد موت کان ڊڄي رھيا آھن، آئون مرڻ کان نٿو گھٻرايا، اھا ھڪ جرئتمنداڻا ۽ دليريءَ وارا لفظ آھن، جيڪو ٻيو سياستدان نٿو چئي سگھي. غريب عوام کي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مان اھائي اميد آھي. اچو ته اسين سنڌي سڀئي پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري جا ھٿ مضبوط ڪريون ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پيپلزپارٽي ملڪ ۾ نه رڳو سوڀ ماڻي پر ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿئي جيڪو شھيد راڻي جو خواب ھو، اھو حقيقت تائين پھچڻ سان گڏ سنڌ صوبي توڙي وفاق جو ڳاٽ اوچو رھي.

گل بيگ چانگ/خيرپور

هڪڙي چٺي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏانهن!‎‎

اسلام عليڪم، چيف جسٽس آف پاڪستان، جيئن ته ڪجهه ڏينهن اڳ نياڻي ضميران جمالي تي زميني جي معاملي تي تشدد ڪيو ويو هو هاڻي، ضميران جمالي انصاف لاءِ ڪورٽ سڳوري وئي ته اتي به ان کي انصاف ناهي مليو، ھنن غريبن کي آخر انصاف ڪير ڏيندو؟ اڄ رستي ۾ مظلوم نياڻي جو بااثرن اڳ جھلي ڪورٽ جي وقت ان کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، سيشن جج دادو ھن نياڻي کي مايوس ڪري موٽائي ڇڏيو آھي. جج صاحب ڇئي ٿو ته توکي ڌڪ لڳل ناھن ۽ توهان وٽ ڪا به ميڊيڪل رپوٽ ڪونهي، آخر انصاف ڪٿي ملندو ھنن کي؟ پوليس وڏيرن جي، ڪورٽون وڏيرن جون، انڌي قانون کي مظلوم نياڻي ضميران جمالي ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ سپريم آف پاڪستان ۽ عالمي عدالتن کان انصاف جي گھر ٿا ڪريون ته مظلوم نياڻيءَ سان ٿيل انصافيءَ جو نوٽيس وٺي غريبن کي به انصاف ڏياريو وڃي ته جيئن اهو تاثر ختم ٿي سگھي ته انصاف ۽ قانون صرف اميرن لاءِ آهي غريبن جي لاءِ هن ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڪجھه به نه آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو