برسات متاثرن کي ٿڌ کان ڪير بچائيندو؟

 

تازو پيل تباهي آڻيندڙ برساتن سبب سنڌ جا رهواسي بي گهر ٿي ويا، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، برساتن بعد هن وقت تائين ڪٿي به سرڪار ۽ چونڊيل نمائندا بلڪل به نظر نه آيا آهن، جڏهن ته سماجي، مذهبي، جماعتن ۽ انفرادي طور سرنديءَ وارن برسات متاثرن جي مدد ۾ اڳتي اچي رهيا هئا ۽ انهن برسات متاثرن کي خيما ۽ راشن پهچايو، روڪ رقمون ڏنيون ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري کين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ سنڌ سرڪار جي آفيسرن ڊي سيز، اي سيز، مختياڪارن، تپيدارن، چونڊيل نمائندن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، چيئرمينن ان برسات متاثرن جي لاءِ مليل سرڪاري امداد ۾ به وڏا وڏا گهپلا هڻي پنهنجا گهر ڀري ڇڏڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، انهن خيما کپايا، راشن ڏوڪڙن تي دڪاندارن کي ڏئي ڇڏيو ۽ جن برسات متاثرن جي ڪئمپن تي برياني جون ديڳيون ڏنن ان ۾ به ڪرپشن ڪندي 7 هزارن رپين واري ديڳ 18 کان 20 هزارن رپين تائين سرڪاري بلن ۾ اگھ لکيو ويو، مطلب ته برسات متاثرن جي مدد ته نه ڪئي وئي، ابتو انهن لاءِ آيل امداد به هڙپ ڪئي وئي ۽ برسات کان پوءِ سرڪار برسات متاثرن جا اجها ٺھرائي ڏيڻ جا جيڪي اعلان ڪيا ۽ ڪريل گهرن جي سروي به ڪئي وئي پر ان ڪريل گهرن جي سروي کي به ڪافي عرصو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن سياري جي موسم شروع ٿي وئي آهي ۽ ٿڌ ۾ انتها درجي جو واڌارو ٿي ويو آهي پر سرڪار طرفان گهر ٺهرائڻ لاءِ ڪيل اعلان وارا پئسا هن وقت تائين برسات متاثرن کي ناهن ملي سگهيا ۽ گڏوگڏ برساتن ۾ پوکيل فصل جيڪي مڪمل تباهه ٿي ويا هئا انهن لاءِ ڪڻڪ پوکڻ وارن آبادگارن کي في ايڪڙ 5 هزار رپيا ڏيڻ جو به سرڪاري اعلان ٿيو هو پر ان اعلان تي به اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ بي گهر ٿيل ماڻھو ٻيڻي تڪليف ۾ وڪوڙجي ويا آهن ڇو ته گرم موسم ۾ ته گهر ڀاتي کليل آسمان هيٺ گذارو ڪري رهيا هئا پر هاڻ سخت ٿڌ ۾ ڪيئن اهي کليل آسمان هيٺ گذارو ڪري سگهندا؟ اهو احساس فقط انهن بي گهر ٿيلن کي ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار رڳو پنهنجيون سرڪاري ڪرسيون بچائڻ کان سواءِ هن وقت تائين برسات متاثرن لاءِ سکڻا اعلان ڪرڻ کان سواءِ ڪي به عملي ڪم ناهن ڪيا، جڏهن ته حڪمران برسات متاثرن جي نالي تي سڄي دنيا کان کربين رپيا امداد به وٺي چڪا آهن پر اها امداد ڪاڏي وئي ان جو ڪو به حساب ڪتاب ناهي.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

ٿرپارڪر جا غريب پورهيت ۽ تعمير بئنڪ جو قرض

 

ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ تعمير بئنڪ کان قسط کڻندڙ غريب پورهيت طبقي جي ماڻهن کي گرفتاريون زور پڪڙي ويون آهن، مقامي بئنڪ عملي طرفان پوليس کان قرض ۾ ڦاٿل ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، جن ماڻهن پاران بئنڪ کان قرض کينو ويو آهي، انهن کي ڪا نه ڪا  مجبوريون هئي ، انهي لاءِ قرض کنيو، هن دور جي مهانگائي ڏسي ۾ مزدور طبقي جي ماڻهن جون چلهيون مس ٻري رهيو آهن، 5 سئو ڏيھاڙي کڻندڙ مزور ڪٿي قسط پياري سگھندو، اهو گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ڇو ته هي وقت انتهائي ڏکيو هلي رهيو آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر مال ۽ ٻني ٻاري تي آهي، هن سال ٻنيون بهتر نه ٿيون آهن، جيڪو فصل لهڻو هو اهو نه لهي سگھيو آهي جنھن ڪري ٿرپارڪر ضلعي علائقي جي عوام ماڻهن ۾ مايوسي آهي، فصل سٺا نه لهڻ ڪري سندن خواب چڪناچور ٿي ويا آهنم ويتر هو قرضي ٿي ويا آهن. ٿورا گهڻا جيڪي به فصل لٿا آهن انهي جو مارڪيٽ ۾ واپارين جي هڪ هٽي هئڻ ڪري مناسب ريٽ نٿا ملن، انتظاميه جي لاپرواهي سبب ٿر جي ماڻهن کي جيڪي فصلن جي قيمت ملڻي هئي اها نه ملي سگهي آهي، جنهن سبب ٿري پريشان آهن، ٿر ۾ هونئن به ڏڪار واري صورتحال آهي، هن وقت ٿر جي مختلف علائقن مان رهواسي لڏپلاڻ ڪري بئراج طرف روزگار لاءِ وڃي رهيا آهن، پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالڻ لاءِ مجبورن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، ٿر جي ماڻهن جو روزگار به نه جي برابر آهي. مال متاع ۾ هڪ خطرناڪ بيماري هئڻ ڪري ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، اهڙي ته خطرناڪ بيماري هئي، غريب ماڻهن جا وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري هن وقت ٿر ۾ صورتحال خراب آهي، هڪ پاسي برساتن باوجود فصل ناهي ٿيو، ٻئي طرف مختلف بئنڪن طرفان وياج سميت قرض جي وصولي لاءِ ماڻهن کي پريشر ڏئي پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ وارو عمل بهتر ناهي، حڪومت کي گهرجي ته ڄاڻايل بئنڪن کي قرض جي اوڳاڙي ڪجھ وقت لاءِ روڪرائڻ لاءِ بئنڪن کي پابند بنائي ته جيئن ٿر واسي پنهنجي ڏُکي وقت مان پار ٿي سگهن.

 

صادق بجير /اسلام ڪوٽ

 

رني ڪوٽ قلعي جي مالڪي ڪيو!

 

رني ڪوٽ قلعو جيڪو ڄامشورو ضلعي ۾ جيڪو سن کان 32 ڪلوميٽر اندر آهي، جنهن کي ڏسڻ، گھمڻ لاءِ ھزارين سياھ اچن ٿا، انهن کي رستي ۾ وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، روڊ رستا اکڙيل آهن اتي ڪا به سھولت نه آهي، نه رھائش جو ڪو جوڳو بندوبست نه آهي، سرڪاري سطح تي اتي ڪا به سھولت نه آهي، اتي ڪا پوليس جي چوڪي موجود ناهي، سھولتون نه ھئڻ ڪري اچڻ وارن جو انگ گھٽ ٿيندو پيو وڃي، ويجهي ۾ آبادي گھٽ ھجڻ ڪري ڦرن ڌاڙن جو خطرو تمام گھڻو وڌي ويو آهي، ان لاءِ ڊي سي ڄامشورو وس وارن ادارن کي ان معاملي تي سوچڻ گھرجي، ڇو جو رني ڪوٽ قلعو ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ قديمي اثاثو آهي، ان لاءِ رني ڪوٽ جي مالڪي ڪريو. حڪومت لاپرواھي ڇڏي قلعي تي ڌيان ڏئي، ڇو جو چين جي عظيم ديوار جيان ھي قلعو به ھڪ تاريخ رکندڙ قلعو آهي ۽ قلعي جي مالڪي به ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. ان لاءِ قلعي جي سونهن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت کي تمام تڪڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن، قلعي جي مالڪي ڪري ان کي بھتر ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

 

عبدالستار لھر/ ڄامشورو

ڪاڇي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني عروج تي پهچي وئي!‎‎

 

واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي جي ٽنڊو رحيم خان قصبو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بدمني عروج تي پهچي وئي آهي. واهي پانڌي ۾ شهرين، واپارين ۽ ٽرانسپورٽ جي مالڪن پاران بدامنيءَ خلاف گورک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي علي دوست شاهاڻي، ڪامريڊ وقار مستوئي، فهد رستماڻي ۽ ٻين چيو ته واهي پانڌي جوهي روڊ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، تَر جي پوليس بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آهي، واهي پانڌي جوهي روڊ تي ٻٽين مورين وٽان رات جو دير سان ڦورو هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري سڌيون گوليون هڻي اياز لاشاري کي سخت زخمي ڪري ويا پر پوليس ڦورن ۽ شاهينگن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي دادو هٽائي واهي پانڌي جوهي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ڪاڇي واسين وس وارين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي ۾ امن ڪرايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

سنڌ جو مھان دانشور ۽ مهان ڪوي!

 

شيخ اياز سنڌ ڌرتيءَ جو اھو قلمڪار آهي جيڪڏھن آئون ننڍڙو دماغ ويھي سوچيان ته موجوده وقت ۾ ڪھڙي شيءِ جيڪا اياز کان رھجي وئي، جنھن تي ھن ان تي نه لکيو، منھنجو من ملامت ڪري ٿو ته ڄڻ اياز ھڪ مڪمل انسان ۽ مڪمل قلمڪار ھو جنھن مڪليءَ جي مزارن تي به لکيو جنھن پنھنجي لکڻين ۾ ٿر جي ٿوھرن کي به نه ڇڏيو. اياز موئن جي دڙي جي سرن سموري ثقافت تي لکيو، اياز ڪينجھر جي ڪنارن ۽ نوريءَ تي به لکيو، اياز جي ڏات ھڪڙي ڊگھي بات آھي، جنھن سمجھيو سو اياز جو دوست ٿي ويو. اياز سنڌڙيءَ جو نه جھڪندڙ انسان ۽ چمڪندڙ تارو ھو، جنھن تڪليفون سٺيون پر سنڌ سنڌ ڪندي ھن الجھيل ۽ منجھيل ذھنن کي روشني طرف آندو. اياز، جي ايم سيد، پليجي جھڙن ماڻھن جو سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ قدرتي معجزي کان گھٽ ناھي. بدقسمتيءَ سان اسان پنھنجن مورخن جي مرڻ کان پوءِ سندن مزارن تي ميلا مچائيندڙ قوم آھيون پر جي سندن زندگيءَ ۾ ئي سندن ڏات، ڏاھپ کي سمجھي وٺون ھا ته اياز جيل جون سختيون سھڻ کان بچي پوي ھا! ضياءَ جي دور ۾ سندس ڪتابن جي ڇپجڻ تي پابندي نه لڳي ھا! جي ايم سيد 33 يا 35 سال جيل به ڪو نه ڪاٽي ھا ۽ نه ئي پليجو پنڌن ۾ پير پٿون ڪرڻ سميت ڪوٽ لکپت جو قيدي بڻجي ھا! اياز جي قلم ۾ مڪمل مزاحمت جي مس ڀريل ھئي، ھڪ يگاني ڪردار کي موت جو ته ڀئو ھئو ئي نه. بغاوتي دور جي بيڊپي ڏات ڌڻي اياز کي به پڪ ھئي ته مئي پڄاڻا سندس مزار يا سندس نالي تي ميلا ضرور مچندا، جيڪي مچن پيا ۽ سچ جا ساز به وڄن پيا. اياز جو سمورو ادبي پورھيو ھڪ تسلسل منعي، جاري ۽ ساري ھيو، آھي ۽ رھندو. ھو جتان به گذرندو ھو، ھلندي ھلندي ھو ڌرتي وڻن، گلستان تي، ھو ڪکن ۽ پنن تي سفر ئي سفر ۾ لکي ڇڏيندو ھو. (مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان) اياز بندوق کان به وڌ قلم جي چهنب کي وڌيڪ سگھارو ھٿيار سمجھيو آھي. “تون جي مون کي ڦاھيءَ چاڙھيندين، مان تو کان مور نه مرڻو آن” کيس پڪ ھئي ته سندس ڏات کي ڪو به ماري ڇا ڇيھو به نٿو رسائي سگھي. دنيا جي سموري تاريخ ھن جي مٺ ۾ بند ھئي، ھن جا بغاوتي بئترا برپٽن ۾ به سنڌ جي ھڪ وڏي راڙ ھئا.

تون مون کي ڪو نه مڃيندين،

مون کي ڪا پرواھ نه آھي،

آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

جيڪو نيٺ ته اچڻو آ،

۽ مون تي ميلو مچڻو آ. شيخ اياز

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

سال 2022ع به سنڌ لاءِ سکن ڀريو ثابت نه ٿيو!

 

زندگي جي ھر شيءِ ۾ تبديلي اچڻي آهي، دنيا ۾ ڪا به شيءِ اھڙي ناهي جيڪا ختم ناهي ٿيڻي ڇاڪاڻ ته وقت جو وھڪرو تيزيءَ سان اسان کي پنهنجي منزل ڏانهن وٺي پيو وڃي. زندگي جو گذرندڙ ھر پل ھر سيڪنڊ، منٽ، ڏينهن، مھينا، سال ۽ صديون گذري وينديون ۽ اسان بس وقت جي انهيءَ تيز وھڪري جي ڪنھن نه ڪنهن حصي ۾ ھڪ ڏينهن فنا ٿي وينداسين. توڙي جو سال 2022ع دنيا جي لاءِ زندگي جي ھڪ بھار جيان گذريو ھوندو پر بدقسمتيءَ سان سنڌ واسين لاءِ ڪنهن خزان کان گھٽ نه ھو. سال 2022ع ھڪ ڏھاڪي گذرڻ کان پوءِ  وري سنڌ جي ڏکايل ماروئڙن لاءِ وڌيڪ ڏکن ڀريو سال ثابت ٿيو. سال 2022ع ۾ ھٿرادو ٻوڏ ۽ سنڌ جي نااھل حڪمرانن جي نااھلي ڪارڻ لکين سنڌ واسي دربدر ٿيا ۽ اڄ به اڌ سنڌ جا ماڻهو اڃا تائين پنهنجي ڪکن ۾ آباد ناھن ٿي سگھيا، اھي ٻوڏ متاثر ماڻهو اڄ به ھن لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ ۾ به پنهنجي ٻچن سميت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل بي گھر بڻجي روڊن تي دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سال 2022ع اسان کان کوڙ پنهنجا پڻ کسي ورتا آهن، جن جي موت سڄي سنڌ جي فضا کي سوڳوار بڻائي ڇڏي. ماما جمن دربدر جھڙو سنڌ جو يگانو عاشق به اسان کان ھلندڙ سال ئي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. سنڌ جي ماڻهن توڙي جو سال 2022ع جي ڏنل ڏکن، ھٿرادو ھاڃن ۽ ھزارين حادثن کي به پنهنجي ھمت ۽ حوصلي ۾ بدلائي ايندڙ ھر گھڙي مان سنڌ لاءِ سک ۽ سلامتي جي اميد رکي آهي، ھاڻ سال 2022ع سوين ڏکن ۽ سورن جي صدائن جا آلاپ ڏئي سنڌ جي فضائن کي سوڳوار ڪري پنهنجي پڄاڻي تي اچي پھتو آهي ۽ سال 2023ع ھڪ نئين اميد جي ڪرڻن سان سنڌ جي سرزمين تي اڀرندو ۽ پاڻ کي 2023ع مان سنڌ جي خوشحالي جون کوڙ ساريون اميدون آهن. پاڻ دعاڳو آھيون ته شال ايندڙ نئين سال 2023ع جو پھريون سج سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ پنهنجي ڪرڻن جي شڪل ۾ امن، پيار، محبت، خوشحالي، مذھبي رواداري جا تحفا کڻي اچي ۽ سال 2023ع شال ماروئڙن لاءِ خوشحاليءَ جو سال ثابت ٿئي. شال نئين سال 2023ع ۾ سنڌ کي اڻبرابري، وڏيرائي، آمريت، ڪرپشن، نااھل حڪمرانن مان نجات ملي پوي ته جيئن ايندڙ سال سنڌ جي مسڪين ماروئڙن لاءِ ڪو سکن ڀريو سال ثابت ٿئي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ