سنڌي ٽوپي اجرڪ شان اسان جو!

 

دنيا جي سڀني شاهوڪار تهذيبن جيان سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت به هڪ شاهوڪار تهذيبي ورثو آهي، موهين جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ کي پاتل اجرڪ اڄ به اسان جو ثقافتي نشان آهي. ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ گجرات تائين سنڌو تهذيب جا رنگ پکيڙيل آهن، هر سال جيان هن سال پڻ سنڌ سميت دنيا جي هر ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ثقافت سان پيار جي اظهار جي طور تي اڄ 4 ڊسمبر تي ثقافتي عيد ملهائي ملهائي ان سلسلي ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ سنڌي اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻين ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا  جتان ماڻھو وڏي شوق سان اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻيون ثقافتي شيون پاڻ ۽ پنھنجي ٻارن لاءِ خريد ڪيون جنھن سان اجرڪ ۽ ٽوپي جي کپت ۾ پڻ اضافو ٿي رھيو آھي. ٻي طرف سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ پڻ ثقافتي پروگرام منعقد ڪري ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آھي. ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان سنڌي ماڻھون ھميشه کان مھمان نواز رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته اسان کي مھمان نوازي ورثي ۾ مليل آھي جيڪڏھن اسان کي پنھنجي ثقافت کي زندہه رکڻون آھي ته اسان پنھنجي ٻارن کي تعليم سان گڏ پنهنجي ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ھر ھڪ شھر ۾ ثقافتي ڳوٺ، ڪتابي ميلا ۽ لائبريريون قائم ڪري انھن ۾ پنھنجي ثقافت جي شين کي اجاگر ڪريون ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ سان گڏوگڏ اتي ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن نوجوان نسل کي هن جديد دور ۾ پنهنجي روايتن ۽ ثقافت سان ڳنڍي رکڻ ۾ مدد ملي سگهي اچو ته ثقافتي ڏھاڙي تي اھو وچن ڪيون ته سنڌ جي ثقافت جو هڪ ڏهاڙو ملهائڻ، روڊن تي نچڻ ۽ سوشل ميڊيا تي فوٽو رکڻ صرف مقصد نه هجڻ گهرجي پر اسان سڀني کي پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي شين جو استعمال ڪرڻ گهرجي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهڻ، لکڻ سان گڏ صحيح لهجي ۾ ڳالهائڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تعليم کان بغير ترقي ناممڪن آهي. مان سنڌ حڪومت کي گذارش ضرور ڪندس ته سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي کي سرڪاري طور تي پڻ ملھايو وڃي ۽ ان ڏينھن جي حوالي سان سنڌ جي سمورين سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ثقافت، تھذيب، اولياءَ ڪرام بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪري نوجوان نسل کي پنھنجي ثقافت، تھذيب بابت آگاھي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ انھن خانگي تعليمي ادارن کي پڻ ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته ھو تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن کي سنڌي لازمي پڙھائين جيڪو ان تي عمل نه ڪري ان جي رجسٽريشن ڪينسل ڪئي وڃي.

ٽوپي اجرڪ ويس اسان جو،

ڪانچ، قميص ۽ کيس اسان جو،

دودن جو آ ديس اسان جو،

نالو ڏيسان ڏيس اسان جو،

محبتي ماڻهو مور هي سنڌ جا،

اَرڏا اَڙٻنگ اَٺور هي سنڌ جا.

 

اعجاز تيوڻو/نوابشاهه

ايڪتا جي ڏهاڙو تي شھيد دانش جمالي جي امڙ روئيندي رهي!

 

ڪالهه ايڪتا وڏي جوش ۽ جذبي سان جتي ملهائي وئي جتي اسان سنڌ واسين لاءِ ايڪتا ڏهاڙو عيد جو ڏينهن هوندو آهي ان ۾ هڪ سنڌ جي سنڌي فيملي جا جڏهن کان ايڪتا جو وجود رکيو ويو هو. انهن ڏينهن کان هر ايڪتا جو ڏهاڙو وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندڙ هئي، ريلي ڪڍي جشن پڻ ملهائي امن جو پيغام سان پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾  اڳڀري پڻ هوندي هئي، سا  فيملي ملهائجندڙ ايڪتا تي صرف لڙڪ لاڙيندي رهي، شهيد دانش جمالي جا والدين شهر جي نوجوانن معصومن ۽ ٻچڙن، پٽڙن کي ايڪتا ڏهاڙي تي تيار ٿيندو ڏسي اجرڪ اوڍيل ڏسي ٽوپي ۽ پٽڪن جا ور ڏيندو ڏسي يقينن پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا هوندا. هو پنهنجي فرمانبردار دانش لاءِ ڪيئن آب اکين مان هاري هاري ايڪتا جو ڏهاڙو ڪٽيو هوندو. شهيد جي وارثن کي ذهني عذابن مان گذرڻو پيو هوندو. هڪ پٽ جي جدائي جو درد ٻيو ايڪتا ڏهاڙي تي ٻچي جي يادگيرين جو سور ٽيون قاتل پوليس جي گرفت کان دور پنهنجي بيوسي تي لڙڪ لاڙڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، هنن جي زندگي بيچسي ۽ بي لطف ضرور ٿي وئي آهي ڇو جو شهيد دانش جمالي جا نامينٽ قاتل اڃا تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن. پوليس خاموش تماشائي بڻجي گھري ننڍ سمهي پئي آهي، هڪ پاسي قاتل پوليس جي گرفت کان پري وري به ساڳيون ڦرون ڪندا ٿا رهن ۽ ٻئي پاسي شهيد دانش جمالي جي وارثن جي اکين مان لڙڪن جو نيسارا جاري آهن. شهيد جي وارثن کي ڪڏهن انصاف ملندو؟ ڪڏهن شهيد دانش جمالي جي امڙ کي آٿت ملندي ته تنهنجي ٻچڙي جا قاتلن کي ڪفر ڪردار تائين پهچي ويا آهن، جيڪا في الحال ته نظر به نه پئي اچي. عيد جو ڏينهن ايڪتا جو ڏينهن شهيد جي امڙ لاءِ سورن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندو. جنهن امڙ جي جهولي جي لولي خالي آهي سا شهيد دانش جمالي جي امڙ آهي ايڪتا جي ڏينهن جنهن پيءُ جي اکين جي نظر لڙڪن سبب ڌونڌلي آهي، سو شهيد دانش جمالي جو والد چاچا عبدالرؤف جمالي آهي اڄ ڪاٿي شھر ۾ شهيد جو والد نه شھر ڏانهن نه نڪري سگهندو نه ئي صدمو برداشت ڪري سگهندو. پوليس جي روايتي سستيءَ سبب دانش جمالي جو خون لڙهندي نظر اچي رهيو آهي. ظالم ظلم ڪري عياشين ۾ پيا گذارين. مظلوم تڙپي تڙپي زندگي پيا گھارين، ان کان وڏو ڪو الميو ٿيندو؟ ان کان وڏو ڪو پنهنجي ملڪ ۾ انڌو قانون چئبو، ڪنهن ڪنهن کي ڏوهي چون ڪنهن ڪنهن کي ساڌ چون، سڀ ڏاڍي کي اڃا ٻي هٿي ڏئي پاڪ پوتر پيش ڪيو پيو وڃي. هڪ عربي چوڻي آهي ته “اي فرعون تون ايترو ظالم جابر ڪيئن ٿي وئين؟ هن جواب ڏنو ته ڇو ته مون کي ڪو روڪڻ وارو نه هو.” هن ايڪتا جي ڏهاڙي تي جن امڙين جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن، انهن جا ذميوار اسان جا ناقص ادارا آهن، جن پنهنجي ذميواري نڀائڻ ڇڏي ڏني آهي. تڏهن ته شهيد دانش جمالي جهڙا ٻچڙا قتل ٿيڻ هر روز جو معمول بڻيل آهن، خدارا! امن ڪرايو سڪون ڏيو جيئڻ جنجال نه ڪريو اهو ئي گهرون ٿا اهوئي چون ٿا ته شهيد دانش جا قاتل گرفتار ڪيو وري نه ڪا ٻي امڙ ايڪتا جي ڏهاڙي تي عيد جي موقعي تي روئيندي نه گذاري.

 

اصغر جمالي/دادو

 

متاثر اسڪولن لاءِ يورپي يونين 12.6 ملين يورو ڏيندي!

 

هلندڙ سال صوبي سنڌ ٻوڏ سبب وڏي ۾ وڏي ڏکيائين کي منهن ڏنو جنهن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 9 هزار اسڪول پڻ تباهه ٿيا آهن ۽ ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ حڪومت ۽ تعليم واري وزارت کي ٻوڏ سبب اسڪولن جي بحالي وارو مسئلو درپيش آهي جنهن سلسلي ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه وڌ ۾ وڌ ڪوششون ۽ اپاءُ وٺي رهيو آهي، تان جو تباهه ٿيل اسڪول جلد کان جلد بحال ٿين ۽ ٿيل نقصان جو پورائو ڪري سگهجي. جنهن سبب ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا تعليم واري وزير سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن کيس خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ متاٽر اسڪولن لاءِ يورپي يونين 12.6 ملين يورو کين ڏيندي، جيڪا ڳالهه خوشي واري آهي، جنهن لاءِ وزير تعليم يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا جا ٿورا مڃيا جنهن ڊاڪٽر رينا کي ثقافت کاتي طرفان قائم ڪيل لوڪ اسٽوڊيو جو دورو پڻ ڪرايو ۽ تحفا پڻ پيش ڪيا. تعليم واري وزير کيس ٻڌايو ته اسان طرفان اسڪولن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، سنڌ ۾ ميوزڪ ٽيچرن جي ڀرتي ڪرڻ آهي جنهن عمل کي يورپي يونين جي سفير ساراهيو ۽ ان عمل کي سٺو قرار ڏنو ۽ تعريف ڪئي. ڊيپ پروگرام تحت اسڪولن جي اپ گريڊيشن ڊيٽا ۽ ٽيچرز ٽريننگ سسلي ۾ سهڪار جي پڪ ڏياري. سردار شاهه کيس وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 2.5 ملين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي، جنهن لاءِ اسان اپاءُ وٺي رهيا آهيون ۽ بهتر قدم کڻڻ لاءِ سرگرم آهيون جيئن جلد کان جلد تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي ٿئي ۽ ٻارن جي تعليم متاثر هجڻ کان بچي وڃي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

اچو ته ايڪتا ڏھاڙي تي ماروئڙن جي چھڙن تي مرڪون آڻيون!‎‎

 

ايڪتا جو ڏهاڙو يعني يڪجهتيءَ ۽ اتحاد جو ڏھاڙو آهي، ھر سال ڊسمبر جي مھيني ۾ ديس توڙي پرديس ۾ رھندڙ سنڌي ھن ڏينھن کي جوش جذبي ۽ دلي جي گهرائين سان ملهائيندا آھن، جنھن کي ملھائڻ لاءِ ٻار، مرد ۽ عورتون به ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنھنجي حصي جون ڪاوشون ۽ ڪردار ادا ڪنديون آهن. جيتوڻيڪ ھن ڏينھن جي اچڻ کان پھريان ئي ان جون سرگرميون عروج تي ھونديون آھن ۽ جڏھن ھي ڏينھن اچي ويندو آھي ته ھن ڏينھن تي ھر فرد ثقافتي ويس ۾ شرڪت ڪري نه رڳو پنھنجي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين پر ھر ننڍي توڙي وڏي شھر مان روڊن رستن تي نڪري، رليون ڪڍي ۽ پنھنجي گاڏين کي اجرڪن سان پڻ سنواري پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪندا آھن. درحقيقت، ايڪتا جو ڏينهن اسان کي امن، محبت،  پيار، ھڪجھڙائي، ڀائيچاري يا اتحاد جھڙا درس ڏئي ٿو ۽ اھڙن سبقن کي دماغ ۾ رکي ھن سال جو ايڪتا ڏھاڙو  انھن سانگين، ماروئڙن جي نان جيڪي ڪيتريون ئي تڪليفون، آزمائشيون، بکون، وغيره کي برداشت ڪري چڪا آھن. جئين ته، ھن سال برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھي سبب اسان جا ڪيترائي ماروئڙا بي گھر، لاچار ۽ پنھنجن ککن کان پري آھن ڇو نه ھن ڏھاڙي اسين انھن جي مرجھايل ۽ اداس چھڙن تي مرڪون واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪريون، ڇو نه اسين انھن جي درد کي پنھنجو درد سمجھي واقعي ۾ يڪجهتيءَ جي اظھار سان گڏوگڏ حقيقي ان جو ثبوت ڏيون. اچو ته اسين سڀ ھڪ ٿي ايڪتا جي سبقن کي نه رڳو ايڪتا جي ڏهاڙي پر ھر ايندڙ ڏينھن ان جي پھلوئن تي عمل ڪري ھڪجھڙائي، پاڻ ۾ ٻڌي ، اتحاد ، رکي ڪري  ھر متڀيد جي فرق کي ختم ڪري پنھنجي ڌرتيءَ کي سينگاري ۽ شاد و آباد رکون ۽ ان ذريعي پنھنجي مٽي جي خوشبوءَ کي ۽ ان جي شان و مان کي ھميشه بلند رکون. پنھنجي ديس جي ٻوڏ متاثرن سان ساٿ ڏئي ۽ بھترين قوم ھجڻ جو ثبوت ڏيون.

 

تانيه سليم/ حيدرآباد

 

سنڌ سان درد جو رشتو!‎‎

 

ثقافت جي معني آھي ڪنھن شيءِ يا انسان جي جسماني ۽ ذھني نشونما ۽ سڌارو، اصطلاح طور ثقافت مان مراد آھي انسان جي ذاتي ۽ اجتمائي نشونما جا سمورا پھلو ورتي وڃي ٿي. ڪنھن معاشري جي رھاڪن جي عقيدن، علم، رھڻي ڪھڻي، ٻولئ ريتن رسمن، زندگئ جي وھنوار ۽ حرڪت وغيرھ کي ملائي ثقافت سڏيو وڃي ٿو. ثقافت ئي قوم جي سڃاڻپ ھوندي آھي. ثقافت ان قوم جو گڏيل قدر آھي جنھن سان نه رڳو ان جي پنھنجي سڃاڻپ آھي پر ٻين سماجن کان الڳ حيثيت جي مڃتا ٿئي ٿي. ثقافت يا ڪلچر جي باري ۾ مفڪرن جا مختلف تبصرا آھن ميٿيو ارنلڊ جو چوڻ آھي ته “ثقافت فرد جي مڪمل جوڙ جڪ جي ڪوشش ڪندي آھي” خوبصورتي ذھانت ۽ روشني تي مرتب آھي، ثقافت ترقي ۽ ڪمال جو ٻيو نالو آھي ۽ اھا تبديل پذير ٿئي ٿي. ثقافت ڪنھن معاشري ۾ موجود انھن رسمن رواجن کي چيو ويندو آھي جن تي اتان جا سڀ رھاڪو گڏيل طورتي عمل ڪندا آھن، ثقافت ھڪ اڻ کٽ اظھار خيال جذبي ۽ عمل جو نالو آھي جھڙيءَ طرح سج جي روشني سڄي انساني حيات لاءِ ضروري آھي اھڙيءَ طرح ڪلچر به انسان ذات جي اندروني ۽ ظاھري اصلاح لاءِ ضروري آھي. جھڙيءَ طرح سموري انسانذات بنيادي طور تي ھڪ جنس آھي پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي. اھڙيءَ طرح آخري طور تي سڄي انسانذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي. ھر ملڪ ۽ قوم وٽ ھزار ورھين جي تجربي، ڄاڻ، ماحول جي اثرن، نسلي لاڙن ۽ گڏيل ميلاپ کان پوءِ ڪلچر به وڌي وڃي ٿو ۽ خاص صورت وٺي ٿو زنده قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو ھجڻ ايئن لازمي آھي جيئن جسم ۾ دل جو ھجڻ لازمي آھي.

 

مظھر علي ٻجورو/ٻيلو، سجاول

ڊسمبر محبت وارن لاءِ وڇوڙن جو مهينو!‎‎

 

ڊسمبر، هميشه محبت وارن لاءِ وڇوڙن ۽ الوداعين جا سنيها کڻي ايندو آھي، خاص ڪري مادر علمين ۾ زندگي جون چار بهارون گذاريندڙ جوڙا جڏهن هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ وقت الوداعين جا هٿ الاريندا آھن تڏهن محبت ڪندڙ دليون ڀڄي ڀورا ٿي پونديون آھن. حسن جو هندورو اهو ڄامشورو، جنهن لاءِ حليم باغي لکيو: “ڄامشوري مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي” يا ته وري “اڙي شھر جانان، تو کي ڪي سنڀارون ته شاعر جون گذريون هت پنج بهارون.” ڄامشورو، علم ادب جو اهو مرڪز جتي ڪيئي ڳڀرو علم اڃ اجهائڻ اچن ٿا پر جڏهن ڪنهن سانوريءَ جي حسن ۽ نظرن جو نشانو بڻجن ٿا ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اندر واري ڪيفيت وانگر پاڻ مشتاق بنجي سڄو ڏينهن جهونگارين ٿا ته آھي ننڍڙو نگر ڄامشورو مگر، ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شھر. خالص کير جيان هاڻي محبتون به خالص ناهن رهيون، سسئي پنهون يا سهڻي ميهار بڻجي ڪو به هاڻي نه درياهه پار ڪري ٿو نه ئي وري جبل جھاڳي ٿو پر هاڻي محبتون صرف جسماني لذتن جو نالو بڻجي ويون آھن جن ۾ ڪوڙ ۽ فريب ۽ دوکا ڄڻ ڪنهن ڌارين جي لشڪرن جيان ڪاهي پيا آھن. سچ اهو آھي ته محبتون ڄڻ ڪڏهوڪيون موڪلائي ويون آھن. مادر علمين ۾ به هاڻي اهي اکيون هڪ ٻئي سان اڙجن ٿيون جن جو ظاهري ڏيک سٺو، يعني سٺي نظر ايندڙ شخصيت جنهن مان اندازو ٿئي ته هي نوجوان ڪو وڏي پئسي وارو آھي. يا ورلي ڪلاس جي مانيٽر تي ڪا حسن جي ديوي مهربان ٿئي ٿي غريب گهراڻي يا مڊل ڪلاس جا اهي نوجوان جيڪي ڄامشوري جي حسن جو واس وٺي ناهن سگهندا دل کي دلاسا ڏيڻ خاطر پيا جهونگاريندا آھن ته ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شھر. فقيري واري رنگ ۾ رهندڙ اسان فقير هر سال ڊسمبر ۾ ڌرتيءَ ۽ سرتي جي هر عاشق لاءِ اها ئي دعا ڪندا آھيون ته ڄامشوري جي الوداعي کانپوءِ سندن بخت سڻاوا ۽ تخت قائم رهن ڪاميابي سندن قدم قدم چمندي رهي، نه پڙھائي ۾ چڱا ۽ نه ئي ظاهري ڏيک ۾ سٺا پر پوءِ به فقيريءَ جي رنگ ۾ رهندڙ اسان فقيرن تي به ڪا حسن جي ديوي مهربان ٿي پئي. روح اندر جون ڇا ڳالهيون ٿيون، ڳالھ شادي ڪرڻ تي اچي بيٺي، گهڻو سمجهايومانس، محبتون ميلاپن جون محتاج ناهن هونديون پر پنهنجي ضد تي قائم رهي. سينٽرل لائبريري وٽ الوداعي جا آخري هٿ الاريندي هاسٽل طرف پي ويس ته سڏ ڪيائين، شاعر ٻڌ ته: تون مون سان شادي نٿو ڪرين، پر منهنجي شادي ڪرائي ڇڏيندا، مرڪي چيومانس ڪنهن سان؟ صفا سنجيده ٿي چيائين ڪنهن وڏيري جي ٽرڙي پٽ سان، ڪنهن آوارا نوجوان سان يا ته وري ان سان جنهن ۾ ذھني هم آھنگي پري پري تائين به ڳولهي نه سگهجي. سندس ڳالهيون ٻڌي صفا بت بڻجي پيس. جيجي زرينه ۽ علڻ فقير پي ڳايو:

ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل، الو ميان،

تڏهن ملنداسين!

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

 

نون صوبن جو راڳ وري ڇو؟!‎‎

 

اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ سک برادري به نون صوبن جو راڳ ان وقت آلاپيندي آهي جڏھن اليڪشن جا ڏينهن ويجھا ايندا آهن ۽ اسان جي ملڪ ۾ به ايئن ئي آهي ته جيئن جيئن اليڪشن جا ڏينهن ويجها ايندا آهن تيئن ئي نون صوبن جو سوسو شروع ٿي ويندو آهي ۽ هاڻي وري ن ليگ طرفان نون صوبن جا راڳ شروع ٿي ويا آهن. اسان به چاهيون ٿا ته نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن پر پهرين جيڪي صوبا آهن انهن کي ته ٺيڪ ڪريو، انهن صوبن ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽل آهن ۽ ماڻهن کي نه سٺي تعليم ميسر ڪري سگھيا آهيو نه سٺي صحت مهيا ڪري سگهيا آهيو ۽ نه ئي صوبن جي ڪنهن اداري جي مالڪي ڪري سگهيا آهيو، جيڪڏهن چار صوبن جي مالڪي تي روز جا وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا رهندا آهن انهن جو ڪو مستقل حل نه ڪڍي سگھيا آهيو ته مٿان وري نوان صوبا ٺاهي ماڻھن کي سک ڏيڻ بدران ڏکن ۾ مبتلا نه ڪريو. صوبا چار هجن يا چاليھ ڪو فرق نه پوندو جيستائين قانون تي عمل نه ٿيندو ۽ ڪرپشن کي ختم نه ڪيو ويندو باقي نوان صوبا ٺاهڻ وارو بيان ڏئي عوام کي گمراھ ڪرڻ بند ڪريو ۽ عوام کي ڪرپٽ چور ۽ مافيا راج مان نجات حاصل ڪرڻ جو ڪو رستو ڳوليو باقي نوان صوبا پاڪستاني عوام نه ٿو چاهي ڇو ته عوام رڳو خودمختيار ۽ آزاد صوبا چاهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن عام ماڻھو کي انصاف سندس گهر جي در تي ملندو.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي رنگ!

 

لاڙڪاڻي شهر ۾ به ثقافتي ٽوپي اجرڪ جو ڏينهن شاندار نموني ملهايو ويو، ٻارڙا، عورتون توڙي مرد خوشي وچان ٻهڪي رهيا هئا، ننڍڙن ٻارڙن ننڍڙن ڇوڪرين کي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل هئا، محسوس ٿئي پيو ڄڻ تارا لهي آيا آهن، عيد جهڙو منظر هو، سالياني ثقافتي ڏينهن جون تقريبون زور شور سان جاري هيون، سنڌ جي پروانن جا انبوهه هئا. لطيف سرڪار، سچل سامي، سائين جي ايم سيد، صوفي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي فڪر جا پوئلڳ ۽ پانڌيئڙا پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکندڙ موهن جي دڙي پهتل هئا جيڪي قافلن جي صورت ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سلامي ڏيندا رهيا ۽ سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي لاءِ ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ خاص دعائون گهروين ويون، ڪي اهڙا به ڏکايل مصيبتن جا ماريل ماڻهو به هئا جيڪي هيٺ مٽي تي ويهي اکين جي وهندڙ ڳوڙهن کي آجو ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي جي جناح باغ اڳيان مک تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ صحافي جو وڏو تعداد نظر آيو، ظفر ابڙو، معشوق اوڍاڻو، قادر جاگيراڻي، سرڪش سڌايو، سيد جاويد ابڙو پڻ شامل هئا جميل گاد جو لڳل اسٽال نظر آيو، قيمتي نواردات پڻ رکيل هئا، جهڙوڪ ناچڻي، ڏاند گاڏي، رليون، پنڊيون، بوڻينڊو سڪا ۽ چنگ ۽ ٻيون ڪيتريون ثقافت سان لاڳاپيل شيون رکيل هيون ۽ ڌيان جو مرڪز رهيون. درياءَ بادشاهه تي پڻ رونقون بحال هيون، قومي جهنڊا توڙي ڏورن ۾ ٻڌل قومي پٽي ڏسڻ وٽان هئي. سرمد سنڌي، احمد مغل، صادق فقير ۽ شفيع فقير جي قومي گيتن تي جهمريون ۽ قومي جهنڊا ڦڙڪيا. درياءَ بادشاهه جون هلندڙ ڇوليون پنهنجا پار پتاڏيندي چئي رهيون هيون منهنجا هم وطن سنڌي آهن، جيڪي سچائي سان سندرا ٻڌي سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي سينا سپر ڪري وڙهندا رهيا آهن، سنڌ جي دماغ خاطر سيني ۽ منهن ۾ گهاءَ جهليندي مرڪزي سر ڏيندا آهن، مک تقريب ۾ مظهر مغل، شيبا مغل، اطهر سومرو، نياز ابڙو، طالب مغل، رئوف عباسي، عزيز شيخ، ذوالفقار لانگاهه، مجيب جلباڻي، گلاب کهاوڙ، منظور شيخ، اڪن شاهه، آصف چنو، اڪرم چنو، راهي چنو، قادر چانڊيو، اڪبر شيخ، گيان عمران مسيح، ڪالاڻي وشال ۽ ٻين ڪيترن ئي هزارين سنڌين سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو. مک پروگرام ۾ لاڙڪاڻي جي مقامي فنڪارن سڄڻ مائري، جاويد شيخ، مشڪي شمن، جاويد چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ارشاد شيخ/ مينهل آباد، لاڙڪاڻو